هڪ چريو اخبار بين

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُنهنجي هڪ جرنلسٽ دوست کي شام جون ڇپجندڙ سيڪسي ٽائيپ جرائم رپورٽ تي اخبارون پڙهڻ جو ڏاڍو شوق ۽ چسڪو لڳل هوندو هو جنهنجي نتيجي ۾ هو جرنلسٽ ٿيو هو ۽ آخر لکندي پڙهندي هو چريو ٿي پيو ڇو جو هن جي ذهن ۾ هر وقت عجيب و غريب طرح طرح جا وسوسا، وهم ۽ خوف گهر ڪري ويا هُئا . جڏنهن هڪ ڏينهن هو مون وٽ آيو ته گهڻو گهٻرائيل هو۽ اچي چوڻ لڳو
    دوست : مونکي شايد ڪُجهه ٿي پيو آهي
    آئون : ڇا مطلب ! ڇا ٿي پيو آهي !
    دوست : ڪوهڪ هُجي ته ٻُڌايان ! مان جڏنهن پنهنجي گهر جو بيل ٿو وڄايان ۽ گهر اندران جي ڪي منٽ جواب نٿو ملي ته مُنهنجو هن هڪدم عجيب سنسي خيز ڪهاڻيون تخلق ڪري ٿو وٺي جيڪي روزانون شام جي اخبارن ۾ هيڊنگ سان شايع ٿيو وڃن. مان تصوراتي طور تي گهر جي ڀت ٽُپي داخل ٿيان ٿو ته مونکي ٽي. وي لائونج ۾ پنهنجا ٻار خون ۾ لت پت نظر اچڻ لڳندا آهن. انهن جا ڪنڌ جسم کان ائين جُدا ٿيل ڏسندو آهيان جيئن شام جي اخبارُن جي تصويرن ۾ ڏيکاريل هوندا آهن ته آئون دانهون ڪوڪون ڪندو گهر کان ٻاهر نڪري ويندو آهيان، پاڙي وارا مُنهنجي اها ڪيفيت ڏسي دم دلاسا ڏيڻ لڳندا آهن پو مونکي ٻئي ڏينهن جون اخباري سُرخيون ياد اچڻ لڳنديون آهن، جهڙوڪ جڏنهن ست جنازا کڄيا ته ڪهرام مچي ويو. تصورن ۾ پاڻ ۾ گڏ رکيل ترڇا ٽيڙا ستئي لاش به ڇهه ڪالمي ڇپجندا آهن. راڄ روڙ ڪندڙ ماين ۾ ڪنهن خوبصورت ۽ خوش شڪل مائي کي آهه زاري ڪري ڏيکاريو ويندو آهي.
    آئون : ترس ! ترس ! اڙي ٻُڌ ! جڏنهن ٻه منٽ تُنهنجي گهر جو دروازونه کُلڻ تي تُنهنجو اهو حال ٿي پوندو آهي ته ڇا تون چريو ته ڪونه ٿي پيو آهي؟
    توهان سوچيو ته ڇا توهانجي به اخبارون پڙهي يا ٽي وي جو خبرون ٻُڌي اها ڪيفيت ته نه ٿي پئي آهي ته هڪدم ڪنهن سائڪياٽرسٽ سان له وچٽ ۾ اچو متان پو دير ٿي وڃيو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو