خطرناڪ مرض ۽ گهوسڙو ڊاڪٽر

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سرڪاري گهوسڙو ڊاڪٽر شام جو پنهنجي پرائيويٽ اسپتال ۾ مريض کي گهرائي
    ڊاڪٽر : تُنهنجو مرض ايتري ته خطرناڪ شدت اختيار ڪري چُڪو آهي جو آپريشن ڪرڻ کان سوا تون هرگز صحتياب نه ٿي سگهندي.
    مريض : آپريشن تي ڪيترو خرچ ايندو ڊاڪٽر صاحب.
    ڊاڪٽر : بس رُڳو ڏهه زار
    مريض : الله پناهه ۾ رکي ! آئون غريب ماڻهون ايتري رقم ڪٿا آڻيندُس !
    ڊاڪٽر : ڏس! آئون توکي هڪ ترڪيب ٿو ٻُڌايان. پنج هزار رُپيا تون مونکي هيئنر ڏي. باقر رقم ٻه سئو رُپيا مهني جي حساب سان ڏيندو وڃجان ايستائن جيسين رقم پوري نه ٿئي.
    مريض : اهو ته اهڙو ٿيو جيئن ڪو ماڻهون قسطن تي ڪا موٽر سائيڪل پيو وٺي
    ڊاڪٽر : صحيح پيو چئين ! مون به هڪ موٽر سائيڪل قسطن تي ورتي آهي ان جي قسط ڏيندُس.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو