منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
الله پاڪ جا ڪروڙين لکين احسان مون مسڪين تي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان مونکي نياڻي جهڙي رحمت سان نوازيو اٿس، ڪروڙين احسان ان پالڻهار جا جنهن منهنجي گهر ۾ پنهنجي رحمت نازل فرمائي آهي، پالڻهار کان دعا آهي ته منهنجي هن نياڻي کي صحت ۽ ڊگهي ڄمار عطا فرمائي ۽ نيڪ بخت بڻائي ۽ مونکي همت ۽ طاقت ۽ نياڻي جي سهڻي تربيت ۽ ان جي بهترين پرورش ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري. آمين ثم آمين
