• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي گهر ۾ الله جي رحمت

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
الله پاڪ جا ڪروڙين لکين احسان مون مسڪين تي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان مونکي نياڻي جهڙي رحمت سان نوازيو اٿس، ڪروڙين احسان ان پالڻهار جا جنهن منهنجي گهر ۾ پنهنجي رحمت نازل فرمائي آهي، پالڻهار کان دعا آهي ته منهنجي هن نياڻي کي صحت ۽ ڊگهي ڄمار عطا فرمائي ۽ نيڪ بخت بڻائي ۽ مونکي همت ۽ طاقت ۽ نياڻي جي سهڻي تربيت ۽ ان جي بهترين پرورش ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري. آمين ثم آمين

9gs5A7.jpg
 
ماشاءُ الله ، گلاب جي مکڙي جهڙي ، سهڻي پياري نياڻي يقينن الله پاڪ طرفان توهان لاءِ انمول تحفو آهي ، دعا آهي ته الله پاڪ سندس فرمانبردار ۽ پارسا بڻائيندو. اوهانکي اسانجي طرفان نيڪ دعائن سان گڏ بيشمار مبارڪون
 
ماشاء الله ...... اوهان کي واڌايون.

دعا آهي رب پاڪ نياڻيءَ کي صحت ڪامله عطا ڪندو
 
سائين اوهان کي هن فقير طرفان به مبارڪون هجن .اها ازلي فطرت آ ۽بلڪل سچ آته ماڻھو کي نياڻي ڄمڻ تي خوشي نه ٿيندي آھي .خود قرآن پاڪ ۾ الله رب العزت پاڻ فرمايو آھي.

دعا آھي ته الله پاڪ اوهان جي هن معصوم نياڻي کي نيڪ و صالح ڪري آمين


17224843105_df7a4eea2b_o.jpg

منهنجي جگر جو ٽڪڙو آمنه بيبي بنت عبدالعزيز لغاري
 
عفت الزهره
طاهره بتول
ٻه نالا آئون موڪليان پيو باقي دوستن کي عرض سڀئي ٻه ٻه نالا ٻڌائيندا. متان دوست کي پسند اچن.
 
Back
Top