• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تو کان پوءِ بادل برسيا

نجيب جروار

سينيئر رڪن
تو کان پوءِ بادل برسيا،

نيڻ اڃارا تو لاءِ ترسيا

شهر سڄو ٿي دشمن بيٺو

پٿر پٿر لڱ تي برسيا.

پل پل منهنجون پڪارون تو لاءِ

شهر سڄي ۾ پڇائون تو لاءِ

تو لاءِ اندر ۾ شعلا ڀڙڪيا

تو کان پوءِ بادل برسيا.

تنهنجو ڇا وڃڻ ٿي ويو

شهر سڄو ڄڻ ڀسم ٿي ويو

چئوڪ چئوڪ ۾ مون تي چرچا

تو کان پوءِ بادل برسيا

هاڻ حياتي ويراني ۾

گذري ويندي ڪنهن مئيخاني ۾

سورن جا هن مون تي سٽڪا

تو کان پوءِ بادل برسيا
 
Back
Top