عباسي ڪلهوڙا دور حڪومت ( وقت حالات ۽ تواريخ جي آئيني ۾) حقيقت ڇا ؟ توهان به بيان ڪريو!

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عباسي ڪلهوڙا دور حڪومت ( وقت حالات ۽ تواريخ جي آئيني ۾) حقيقت ڇا ؟ توهان به بيان ڪريو!
    ڇا عباسي خاندان جي تاريخ عالم آشڪار آهي، ته انهن جو حڪومت جو انداز، حڪمت، علم، سائنس، فن تعمير، قانوني ۽ عدالتي نظام مطلب ته سڀ ڪا ڳالهه هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي؟

    عباسي ليکڪ چون ٿا ته خاندان جو سلسلو پاڻ ڪريمن جي چاچي حضرت عباس کان شروع ٿيو، انهي خاندان لاءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو عباس ۽ ان جو آل منهنجي آل منجهان آهن. جڏهن حضرت عباس کي حضرت عبدالله پيدا ٿيا ته کيس دعا لاءِ پاڻ سڳورن وٽ آندو ويو. پاڻ ڪريمن کيس تمام گهڻو پيار ڪيو ان لاءِ ڏاڍيون دعائون گهريون ۽ پنهنجو لعاب مبارڪ سندس وات ۾ وڌو ۽ فرمايو : وٺي وڃو شهنشاهنس جي پيءَ کي، هي بادشاهه نه، شهنشاهه نه پر شهنشاهن جو پيءُ ٿيندو.

    هو وڌيڪ فرمائن ٿا ته پاڻ ڪريم جي هن دنيا مان رحلت کان ڪجهه ڏينهن اڳ حضرت عباس رضه حضرت علي ڪرم الله وجهه کي چيو ته پٽ اچو ته نبي ڪريم وٽ هلون ۽ خلافت ۽ حڪومت جا معاملا طي ڪري اچون حضرت علي رضه جيئن ته ڏاڍا دور انديش، تمام عقلمند ۽ ديانتدار هئا تنهن ڪري انهي ڳالهه کي گهڻي اهميت نه ڏني جو کين پاڻ ڪريم صه جن جا حضرت عبدالله رضه بابت چيل لفظ ياد هئا. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي لاڏاڻي کانپوءِ خاندان بنو هاشم مصلحت پسندي ۽ مضبوط قوت ارادي جو شاندار مظاهرو ڪندي تبليغ دين جو علم پنهنجي هٿن ۾ جهليو ۽ قرآن ۽ سنت کي مضبوط ۽ مرتب ڪندا رهيا. خلافت راشده ختم ٿيڻ ۽ اموي حڪومت جو دور شروع ٿيڻ سان بنو هاشم ۽ بنو اميه جا اسلام کان اڳ وارا تڪرار وري آهستي آهستي ڪر کڻڻ لڳا ايستائين جو جنت جي نوجوانن جا سردار نبي پاڪ جا ڏوهٽا امام حسن رضه ۽ حسين رضه شهيد ٿي ويا ۽ بنو هاشم جي قبيلن کي سردارن سميت ملڪ بدر ٿيڻو پيو، اڄ ڏينهن تائين حميمه جي ٽڪرين ۾ حميمه جو هنڌ شاهدي ڏئي رهيو آهي. حميمه جي علائقي ۾ بنو هاشم جي دستار مبارڪ حضرت عباس جي پڙپوٽي حضرت امام محمد بن علي بن عبدالله بن عباس کي پهرائي جانشين مقرر ڪيو ويو، حضرت امام محمد بن علي عليه عبدالله بن عباس جي ولادت 103 هجري حميمه ۾ ۽ جانشيني 119 هه ۾ ٿي هئي.

    عباسي ليکڪن موجب ، انهي ڊگهي دور ۾ آل عباس تي ڏاڍا ظلم ۽ سختيون ٿيون ۽ انهن کي تمام گهڻين ملڪ بدرين ۽ خونريزين کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙين حالتن ۾ عباسين ۾ خلافت حاصل ڪرڻ ۽ نبي ڪريم جي پيشن گوئي کي صحيح ۽ سچ ثابت ڪرڻ جو جذبو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو، انهن عوام کي هڪ خطبو ڏنو جنهن مان هڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو. ” اسان جي جدوجهد جو آخري مقصد انقلاب امامت آهي، يعني اسان کي ان انتهائي منزل تي پهچڻو آهي ۽ فسق فجور ۽ ظلم جي قيادت ۽ حڪومت کي ختم ڪري امامت صالحه جو نظام حڪومت قائم ڪرڻو آهي. اسين انهي عظيم مقصد لاءِ محنت ۽ جدوجهد کي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جي رضا حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهون ٿا انهن سموري ڄمار انهي ڪوشش ۽ سرگرمي ۾ گذاري ڇڏي.

    هو چون ٿا ته سندن پوٽي حضرت امير المومنين خليفي ابو العباس سفاح سندن انهي محنت کي تڪميل تي پهچايو ۽ 750ع ۾ ڪوفي ۾ عباسي خلافت جو بنياد رکيو. انهن جيئن ئي خلافت جو اعلان ڪيو ته خراسان جي ڪجهه ماڻهن پاران ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهن وڏي صبر ۽ ڌيرج سان ڏڦيڙ کي قبضي ۾ رکيو ۽ اسلامي دنيا جي حالتن تي قابو پاتو پر انهن ماڻهن عادت مطابق بي صبري جو مظاهرو ڪيو. سندس وفات کانپوءِ خليفي هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد جي دور ۾ هي بلڪل سينو ساهڻ لڳا پر عباسي خليفا اعليٰ ظرفي ۽ عقلمندي سان حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر هي سڀ ڳالهيون بي ڪار ثابت ٿيون ۽ اندروني ڏڦيڙ جي نتيجي ۾ کين سخت قدم کڻڻا پيا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 مئي 2015
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    چون ٿا ته اهڙي طرح عباسي خلافت جي آخري مضبوط خليفي معتصم بالله 1258ع جي دور تائين حالتون بهتر رهيون پر پوءِ انهن جي وزير جنهن جو تعلق ايران سان هو ان جي نمڪ حرامي جي سبب تاتارين بغداد تي حملو ڪري ڏنو، لڳارتار چاليهه ڏينهن قتل عام ٿيندو رهيو ۽ تقريبن 10 لک انسانن کي ڪٺو ويو. اهڙي طرح بغداد ۾ عباسي خلافت جو دور پڄاڻي تي پهچي ويو. پر وري هن خاندان مصر ۾ هند ۽ سنڌ ۾ پنهنجي اقبال جا علم بند ڪيا.
    بغداد ۾ قيامت صغريٰ کانپوءِ بنو عباس جا باقي شرفاء ۽ قبيلا هڪ عباسي شهزدي ابوالقاسم، ابو النصر محمد ظاهر خليفي سان گڏ مصر ويا هليا. اهو شهزادو انهي ڪري بچي ويو جو هو ان وقت بغداد ۾ موجود نه هو.
    مصر ۾ انهن جي اولاد مان هڪٻئي پٺيان 14 عباسي شهزادا تخت خلافت تي متمڪن ٿيا. انهي دوران عباسي خاندان جي ڪيترن ئي شرفاءِ ۽ ديني عالمن هند ۽ سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. اهڙي طرح آهستي آهستي عباسين جو هڪ چڱو انگ هند ۽ سنڌ ۾ پهچي ويو.
    امير سلطان احمد ثاني.
    ابو القاسم احمد المستنصر باالله عباسي خليفو پهريون مصر جي اولاد مان امير سلطان ثاني 1325ع ۾ مصر مان پنهنجي خاندان سان گڏ بلوچستان مان ٿيندا سنڌ لڏي آيا ۽ ڪوٽ ڪانجي، جيسلمير ۽ ڪڇ جي سرحد جي ويجهو پسگردائي واري شهر بنڪار ۾ تشريف فرما ٿيا. علائقي جي اثر رسوخ رکندڙ شخصن کين ڀليڪار چئي ۽ زمين جي هڪ وسيع ايراضي سندن حوالي ڪئي.
    امير سلطان احمد ثاني وڏي ڪوشش ۽ محنت سان علائقي کي سرسبز ۽ شاداب ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. زمينون سڌاري پوکي هيٺ آندائون، کوهه کوٽايائون باغ رکرايائون ۽ چوپايو مال پالڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري وقت ۾ پنهنجي علائقي کي جنت مثل بڻائي ڇڏيو.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هو چون ٿا ته سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي ڪٽنب اڳ ۾ اچي ويا هئا انهن به عباسي امير جي آمد ۽ڪاميابي کان متاٿر ٿي قدمبوسي جو شرف حاصل ڪيو ۽ هڪ متحد آبادي قائم ٿي وئي، انهن کانپوءِ سندن صاحبزادي امير ابن عرف ميان اوڍاڻو خان کي جانشين مقرر ڪيو ويو ( اوڍاڻو خاندان،ميان اوڍاڻن جي حسب نسب مان اڄ تائين سنڌ بلوچستان بهاولپور ۽ سرائيڪي علائقن ۾ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. امير ابن کانپوءِ ان جو پٽ امير ڪاهر خان جانشين ٿيو ان وقت عباسي خاندان هڪ مضبوط قبيلو ٿي چڪو هو. واضح هجي ته ڪاهر ٻيلو جيڪو موجوده ٻيلي شهر جي ويجهو واقع آهي اهو انهن جي نالي پٺيان ڪاهر ٻيلو سڏجي ٿو، رونجهي خاندان جو نسبي سلسلو پڻ امير ڪاهر خان کان شروع ٿئي ٿو، رونجها خاندان بلوچستان، سنڌ، بهاولپور ۽ سرائڪي علائقي ۾ آباد آهن. سندن دور ۾ قلعي پاڪر جو حاڪم راجا ڪهر خان سرڪشي ڪرڻ لڳو ۽ شرارتون ڪرڻ لڳو، امير ڪاهر ان کي زير ڪرڻ لاءِ هڪ مختصر لشڪر موڪليو، انهي لشڪر جي دهشت ۽ جوش جذبو ڏسي راجا ڪهر خان امير ڪاهر جي سامهون پيش ٿيو. ۽ دوستي جو هٿ وڌايو. امير ڪاهر خان جي وفات کانپوءِ انهن جو پٽ امير سنگراسي خان جانشين مقرر ٿيو. امير سنگراسي خان خدا ترس انسان ۽ وڏو عالم هو، انهن سموري ڄمار پنهنجي علائقي جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪيون. سنڌ ۽ جيسلمير جي علائقي ۾ سنگراسي خاندان وڏي تعدا د ۾ آباد آهي. سنگراسي خاندان امير سنگراسي جو اولاد آهي.

    امير سنگراسي خان جي وفات کان پوءِ انهن جو فرزند امير فتح علي خان عرف ٺل خان گادي نشين ٿيو. امير فتح الله جيئن ته ڪم سني ۾ مسند تي آيو هو تنهن ڪري علائقي جي ڪجهه سردارن ۽ راجائن تنگ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. امير فتح الله دور انديشي جو مظاهرو ڪندي ۽ خون خرابي کان بچندي بنڪار کي الوداع چوڻ مناسب سمجهيو.

    امير فتح الله خان عباسين جي هڪ وڏي انگ سان گڏ جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي پهتا ۽ محال لڪي جي ڀيٽ ۾ دامن ڪوهستان جو وڻندڙ علائقو ڏسي اتي سڪونت جو ارادو ڪيائون، انهي علائقي ۾ گجر قوم رهندي هئي، گجرن پاران ڪجهه مزاحمت کانپوءِ گجر پٺتي هٽي ويا. امير اتي هڪ نئون شهر آباد ڪيو ۽ ان جو نالو پنهنجي ڏاڏي امير ڪاهر خان جي نالي پٺيان ڪاهر ٻيلو رکيو جيڪو لس ٻيلي بلوچستان ۾ موجود آهي ۽ انهي علائقي ۾ عباسي خاندان جو پهريون شهر آهي. امير فتح الله خان عرف ٺل خان ڪلوڙ ۽ ڪلواڙ خاندنان جيڪو اتر سنڌ ۽ بهاولپور ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ آباد آهن انهن جو نسبي سلسلو به امير فتح الله کان شروع ٿئي ٿو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ امير بهار الله خان مسند نشين ٿيو. انهي کان پوءِ امير چني خان مسند خلافت جو وارث ٿيو ۽ پنهنجي علائقي جي سار سنڀال جو ڪم جاري رکندو آيو.

    امير جي محنت ۽ ڪوشش کان متاٿر ٿي سنڌجي حاڪم راءِ ڏاهر پلال پنهنجي نياڻي جي شادي امير خان سان ڪري ڇڏي جنهن مان امير کي ٻه پٽ
    1- امير محمد مهدي ۽
    2- امير محمد دائود ٿيا.
    امير چني خان 12 شاديون ڪيون جن مان 18 پٽ ٿيس. امير چني خان جي وصيت مطابق امير محمد مهدي کي مسند حڪومت ۽ امير محمد دائود کي مسند خلافت جاري ڪئي وئي، امير محمد مهدي جي اولاد مان ڪلهوڙا خاندان جي شروعات ٿي. امير مهدي جي وفات کانپوءِ عباسي اميرن حڪومت جي مسند امير محمد دائود جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي تي امير مهدي جي فرزند امير ابراهيم عرف ڪلهوڙا خان اعتراض واريو ۽ مسند خلافت تي پنهنجو حق قائم رکيو. انهي تي امير محمد دائود مصلحت اختيار ڪئي ۽ پيءُ جي مال ملڪيت کي الوداع چئي وڏيري جهانگي خان جي علائقي شهر ونجي ڏانهن ويو هليو. سندس اولاد بکر جي نواب وٽ رهائش اختيار ڪئي.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انهن چواڻي ته امير ابراهيم عرف ڪلهوڙا خان وڏو عالم باعمل ۽ درويش طبيعت جوماڻهو هو علم تصوف ۽ علم منطق تي کيس تمام گهڻو عبور حاصل هو.ليڪن پنجين نسل کان پوءِ وري لاڙڪاڻي شهر ڀرسان هٽڙي اچي تشريف آور ٿيا. جتي علم جي روشنيءَ سان اهلِ علائقي جي خدمت ۾ مصروف ٿي ويا، ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ دنيا وي ڪمن ڪارين کان گوشه نشين ٿي ويو ۽ اتان لڏي خاندان سميت موجوده سيوهڻ ”ضلع دادو“ جي ڀرسان جهانگارا ٻاجهارا جي نالي سان هڪ ڳوٺ قائم ڪيو. علائقي جي ماڻهن توهان جي علم شناسي ۽ بزرگي جي ڪري توهان کي ڪَلَ وارو سائين جي نالي سان ياد ڪرڻ لڳا. ڪَلَ سنڌي لفظ آهي. جيڪو اڄ تائين استعمال ٿئي ٿئي رهيو آهي. ڪَلَ= خبر ۽ ڄاڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. مثال طور ”لڳئي ته ڪَلَ پوئي“. جيڪو وقت ۽ حالات ۽ علائقي جي تبديليءَ ڪري لفظ ڪَلَ کان تبديل ٿي ڪلهوڙو ٿي ويو. هن خاندان جهانگارا ٻاجهارا جي علائقي کي ڇڏي ڪلواڙي ”موجوده سکر ايئرپورٽ جي ويجهو رهائش اختيار ڪئي. امير ابراهيم ڪلهوڙا جي اٺين پيڙهيءَ مان ميان آدم شاهه ڪلهوڙو نامور ۽ سگهارو بزرگ منظر تي آيو. سندس پيدائش 1520ع ۾ ٿي.

    ميان آدم شاهه هڪ عالم باعمل ۽ باڪردار بزرگ هو. انهن جي علم ۽ درويشي سبب پري پري تائين سندس اثر هو. هن تبليع ۽ درس تدريس ذريعي هڪ تحريڪ پروان چڙهائي. انهيءَ دوران مغل بادشاهه جي هڪ جرنيل جو سندس آستاني جي ڀرسان گذر ٿيو، جيڪو موجوده لاڙڪاڻي شهر جي ويجهو سنڌوءَ جي ڪناري تي. هو سندس تحريڪ جيڪا مهدوي تحريڪ جي نالي سان مشهور آهي انهي جو پهريون مقصد عام ماڻهو کي اٽو لٽو ۽ اجهو مهيا ڪري ڏيڻ هو. اهوجرنيل آسپاس جي ماڻهن ۾ سندس عزت ڏسي ۽ سندس تعريف ٻڌي هن سان ملاقات لاءِ ويو ۽ پنهنجي سفر تي جنهن مقصد لاءِ ويو پئي انهي ۾ ڪاميابي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي. جرنيل سندن دعائن سان فتحياب ٿيو، موٽ تي حاضري ڀري علائقي جي عملداري جي آڇ ڪئي، جيڪا پاڻ قبول نه ڪيائون. پوءِ پنهنجن ڪجهه مصاحبن ۽ خاص طور ابڙا خاندان جي سرڪردن شخصن پاران زور ڀرڻ تي ڪجهه شرطن تي اها آڇ قبول ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا ته،.
    1- اسان جي علائقي ۾ اسان کي قانوني خودمختياري حاصل هوندي.
    2-اسانجي علائقي مان آبيانو ۽ ڍل نه ورتي ويندي ان جو مطلب ته جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو دنيا ۾ سڀ کان پهريان ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جو آهي.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇون ٿا ته اهي شرط قبول ڪندي کين دهلي جي درٻار مان عملداريءَ جو پروانو جاري ڪيوويو، جنهن جون حدون موجوده سکر ضلعي جي ڏاکڻين حصي، لاڙڪاڻي، قمبر، شهدادڪوٽ، ۽ موجوده ميهڙ شهر تائين هيون. اهو علائقو اڳ ۾ ملتان جي گورنر جي ماتحت هو. انهي صورتحال مان ملتان جي گورنر کي اوس تڪليف پهچڻي هئي. ان علائقي جي ناسمجهه ماڻهن کي ڀڙڪائڻ شروع ڪيو. اها خبر جڏهن ميان صاحب تائين پهتي ته ميان صاحب انهن ماڻهن کي سمجهايوپر انهن منافقت نه ڇڏي ۽ اندروني طور اهي ڳالهيون هلنديون رهيون.

    ٻُڌائين ٿا ته وقت گذرڻ سان اهو جرنيل فوت ٿي ويو ۽ ملتان جي گورنر دهلي درٻار جي بااثر ماڻهن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجيون سازشون تيز ڪري ڇڏيون ۽ روزڪا شڪايت موڪلڻ لڳو. آخرڪار دهلي درٻار مان حڪم نامو جاري ڪرايو ويو ته ڍل ۽ آبيانو ڏيڻوپوندو ۽ ملتان جي گورنر کي ڍل وٺڻ جو اختيار ڏنو ويو، انهي تي ميان صاحب صاف نهڪار ڪري ڇڏي. پوءِ علائقي جا ڪجهه منافق ۽ ساز شي ماڻهو جن ۾ بکر جو صوبيدار به شامل هو. ميان صاحب کي صلح جي بهاني ملتان جي گورنر وٽ وٺي ويا ۽ اتي کيس گرفتار ڪرائي ڇڏيو. گورنر پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن مرد مجاهد جيڪو کيڙي سو کائي واري اصول ۽ پنهنجي علائقائي خود مختياري کان دستبردار ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

    هنن موجب ملتان جي گورنر بااثر سازشي زميندارن سان ڳٺ جوڙ ڪري ميان صاحب کي ڦاسي جي سزا ڏني پر سنڌ جو هي سپوت پنهنجي علائقائي خود مختياري کان پٺتي نه هٽيو ۽ سنڌ جو هڪ خود مختيار علائقو هڪ سازش تحت وري ملتان بکر جي گورنر جي هٿوس ٿي ويو. ميان صاحب جو مڙهه سندس دوستن ورتو ۽ موجوده سکر شهر ۾ هڪ ٽڪري تي سندس آخري آرامگاهه ٺاهي. اها ٽڪري اڄ به آدم شاهه جي ٽڪري جي نالي سان مشهور آهي. سندن مقبرو انتهائي زبون حالي ۾ آهي. سندن شهادت 1600ع ۾ ٿي. هندستان جي حڪمران سندن تحريڪ ۽ پوءِ شهادت بابت غلط اندازوهنيو هو. اها تحريڪ سنڌ بلوچستان ۽ ملتان تائين پهچي وئي.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان دائود محمد عباسي
    ميان آدم شاهه جي شهادت کان پوءِ سندس فرزند ميان دائود محمد عباسي مسند نشين ٿيو. ميان آدم شاهه عباسي جي شهادت کي علائقي واسين، مريدن ۽ پيروڪارن مغل شهنشاهيت جي تمام وڏي ناانصافي قرار ڏنو. سنڌ جي عوام جي اڪثريت سندن دلي همدرد بڻجي وئي ۽ سندن اثر جو حلقو سگهاروٿيڻ لڳو. سندن وفات تقريبن 1620 ۾ ٿي. سندن آخري آرامگاهه تعلقو باقراڻي ضلع لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ درياءَ جي ڪپ تي واقع آهي ۽ بلڪل زبون حالت ۾ آهي.

    ميان الياس محمد عباسي :
    ميان دائود محمد جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ميان الياس محمد مهدوي تحريڪ جي قيادت سنڀالي. سندن حسن اخلاق، حسن سيرت ۽ علائقي واسين سان سهڻي سلوڪ جي سبب سندن پيروڪارن جو حلقو وسيع ٿيندو ويو ۽ تحريڪ مضبوط ٿيندي وئي. سندن وفات 1625ع ۾ ٿي.

    ميان علي عرف ميان شاهل محمد عباسي :
    ميان الياس جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءَ ميان علي ڪلهوڙي عباسي قيادت سنڀالي.
    هن جهانگير جي آخري دور ۽ شاهجهان جي پوري دور ۾ وڏي جانفشاني سان مهدوي تحريڪ جي خدمت ڪئي. جنهن سان مريدن ۽ پوئلڳن جي تعداد ۾ تيزي سان اضافو ٿيو.

    چون ٿا ته هن زرعي سرشتي ۾ڪافي تبديليون ڪرايون ۽ سنڌو درياهه مان هڪ واهه ڪڍرايو جرجيڪو اڄ به گهاڙ واهه جي نالي سان لاڙڪاڻي شهر کان نصيرآباد شهر ڏانهن روان دوان آهي. واهه کوٽرائڻ سان علائقي جي ماڻهن ۾ آسود گي آئي. سندن سرگرميون علائقي جي بااثر ماڻهن جي دلين ۾ ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳيون. هڪ انگريز مورخ سندس بابت هي لفظ لکيا آهن : ” ڪلهوڙا خاندان زمين جي آبادي لاءِ وڏي جفا ڪشي ڪندو هو. گهاڙو واهه کوٽرائي چانڊوڪي کي بهشت بڻائي ڇڏيائون.

    هنن موجب اها ڳالهه مقامي جاگيردارن کي پسند نه هوندي هئي. جيڪي ملتان ۽ بکر جي گورنرن کي شڪايتن مٿان شڪايتون موڪليندا رهيا. نيٺ هڪ وڏي لشڪر حملو ڪري ميان شاهل محمد عباسي کي شهيد ڪري ڇڏيو. هتي هڪ ڳالهه چٽي ٿي بيهي ٿي ته عباسي خاندان جي شهادتن جو اصل محرڪ انهن جي فلاحي سوچ هئي يعني عام ماڻهن لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو انهن جو نصيب العين هو. سندس شهادت 1657ع ۾ ٿي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي شهر جي اوڀر ۾ گهاڙو واهه جي ڪناري تي بلڪل زبون حالت ۾ موجود آهي.
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان نصير محمد عباسي ڪلهوڙو.
    ميان علي عرف شاهل محمد جي شهادت کانپوءِ سندس ڀائيٽيو ۽ ميان الياس محمد عباسي جو پٽ ميان نصير محمد عباسي ڪلهوڙو مسندنشين ٿيو ۽ تحريڪ جي واڳ سنڀاليائين. هن تعليم وتربيت کانپوءِ پنهنجي سرگرم چاچي ميان شاه علي عرف شاهل محمد عباسي ڪلهوڙي سان گڏ زمينداري ڪرڻ سان گڏوگڏ مريدن خادمن جي تربيت ڪئي ۽ گهاڙ واهه جي تعمير ۾ پڻ دلچسي ورتي. هو مغل لشڪر ۽ آسپاس جي جاگيردارن سان پڻ مهاڏا اٽڪائيندو هو. انهي دوران پنهنجن ۽ ٻين علائقن جي بزرگن کان فيض پڻ ورتو ۽ روحاني ترقي جون منزلون طئي ڪيون. هن هڪ پير ۽ مرشد جي حيثيت ۾ سنڌ جي ٻين حصن ۾ پڻ پنهنجو اثر رسوخ وڌايو ۽ گڏوگڏ عباسي ڪلهوڙا حڪومت جو پايو وڌو. هي اهو دور آهي جڏهن مغل بادشاهي شاجهان کي سندس پٽ اورنگزيب قيد ڪري حڪومتي قبضو ڪري ورتو هو.

    هُو ٻُڌائين ٿا ته سندس دور ۾ مريدن جي روحاني، مادي ۽ فوجي تربيت شروع ڪئي وئي. مختلف علائقن جا ماڻهو ٽولن جا ٽولا ٿي اچي سندس حلقي ۾ شامل ٿيندا ويا. اهڙي طرح هو هڪ طاقت بڻجي منظر تي آيو ۽ اها ڳالهه زميندارن ۽ جاگيردارن کي پسند نه هئي، سنڌ جي دشمنن بکر جي صوبيدار وٽ ڪوڙيون شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون جن ۾ فتحپور جو زميندار امير پنهور سڀ کان اڳرو هو. آخر ڪار بکر ۽ سبي جي حاڪمن گڏجي هڪ وڏو لشڪر ٺاهي مقامي جاگيردارن جي لشڪر سان گڏ ميان صاحب ۽ مريدن تي حملو ڪري ڏنو ميان صاحب جي مريدن وڏي دليري سان مقابلو ڪيو ۽ انهن کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ دشمنن دوکو ڪندي صلح جي بهاني ميان نصير محمد کي بکر گهرائي گرفتار ڪرايو ۽ باندي بڻائي دهلي موڪلي ڇڏيو جتي پنج ورهيه قيد رهيا. هڪ معاهدي تحت آزادي ماڻي اتان واپسي تي پنهنجن خليفن جي مجلس شوريٰ قائم ڪيائون ۽ لاڙڪاڻي ( موجود قمبر شهداد ڪوٽ ) کان ميهڙ ( ڪاڇو ۽ موجوده دادو شهر ) تائين حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن جو گادي جو هنڌ ڪاڇي جي جبلن جي وٽ سان ڳاڙهي جي علائقي ۾ ٺهرايو. اتي هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي جا وڏا ذخيرا موجود هئا گڏوگڏ گادي جي هنڌ جي حفاظت ۽ توسيع لاءِ هڪ نظام قائم ڪري پنهنجا عملدار مقرر ڪري ڇڏيا.

    چون ٿا ته هن پنهنجن فوجي سالارن سان گڏ سبي ۽ دادو ( بلوچستان ) تائين پيشقدمي ڪئي. هن هڪ جمعي جي نماز جي خطبي ۾ چيو. اسان الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ۽ قرآن کي پنهنجو دستور سمجهون ٿا. جيئن ته اسان جو حسب نسب حضرت عباس نبي ڪريم جي چاچي سان ملي ٿو تنهنڪري اسين پنهنجي دل ۽ زبان کي هڪ جهڙو رکندا آهيون ۽ پنهنجي طرفان ڪنهن جي دل ڏکائڻ کي عظيم گناه سمجندا آهيون. پر اها ڳالهه ياد رکو جيڪڏهن ڪنهن اسانجي نڙي تي لت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسين پنهنجي شهنشاهه سان ڪيل واعدو پورو ڪندي ان جو ڪنڌ جهڪائڻ سان گڏوگڏ انکي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا.

    هنن موجب هن پنهنجي علائقي ۾ هڪ شاندار جامع مسجد ڳاڙهي ٺهرائي جتي ظاهري علم سان گڏوگڏ روحاني تربيت به ڪئي ويندي هئي. اها مسجد زبون حالت ۾ اڃا به موجود آهي. مسجد جو موجوده خدمت گار ميان امير بخش عباسي وڏي محنت سان خدمت ڪري رهيو آهي ۽ سار سڀنال جو فرض ادا ڪري رهيو آهي. سندس وفات 1692ع ۾ ٿي. سندس آخري آرام گاه ڳاڙي جي تاريخي قبرستان ۾ جهريل حالت ۾ موجود آهي.
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان دين محمد عباسي ڪهلوڙو
    ميان نصير محمد جي وفات کانپوءِ سندس وڏي فرزند ميان دين محمد گادي سڀنالي. سندس همٿ ۽ استقلال هن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا. سندس خاندان ۽ حڪومت مخالف قوتن هن سان ويڙهه جهيڙو شروع ڪيو جنهن ۾ هو ناڪام ۽ ميان صاحب ڪامياب ٿيندا رهيا. فتحپور شهر جيڪو امير پنهور جو آبائي شهر هو ان تي عباسين جو قبضو هو. امير پنهور اهو حاصل ڪرڻ لاءِ دهلي درٻار پهتو. اتان بکر جي گورنر مرزا خان کي مدد لاءِ موڪليو ويو پر کيس ڪاميابي نه ملي. ان کانپوءِ وري حملو ڪيو ويو ۽ موجوده تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڳيريلي وٽ لشڪر هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪايو.

    امير پنهور مارجي ويو ۽ بکر جو حاڪم فرار ٿي ويو. قلات جي بروهين به انهي دوران جلهه ڪئي پر انهن کي ڪاميابي نه ٿي. جڏهن دهلي جي شهزادي معزالدين هي سڀ ڳالهيون ٻڌيون ته ملتان مان نڪري سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي ۽ سيوهڻ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ لٽ مارشروع ڪئي. ميان دين محمد صلح ڪرڻ لاءِ پيش ٿيو. ٻئي پاسي وري ميان صاحب جي ڀاءُ ميان يار محمد جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هڪ وڏو معرڪو ٿيو جنهن ۾ نامور مغل سالار ڪچسنگهه ڀٽي ۽ سورج مل اڌي پوري مارجي ويا ميان دين محمد عباسي اڳم ئي مغلن وٽ موجود هو.

    شهزادو معز ڳنڀيرصورتحال ڏسندي ميان صاحب کي وٺي ملتان روانو ٿي ويو ۽ سن 1700ع ۾ ميان صاحب کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. سندس حاڪميت جو دور فقط 8 ورهيه رهيو جيڪو سمورو مقامي زميندارن جاگيردارن ۽ دهلي حڪومت سان مقابلن ۾ گذريو. ميان صاحب خود مختيار سنڌ جو ٽيون شهيد آهي. سندس آخري آرام گاهه ڳاڙهي جي قبرستان ۾ موجود آهي ۽ نهايت زبون حالت ۾ آهي.
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان يار محمد عباسي
    ميان دين محمد جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ ميان محمد يار محمد سرگرم ٿيو. هن ميان دين محمد جي گرفتاري جي خبر ( جيڪا غلط فهمي تي ٻڌل هئي ) ٻڌي جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ سندن وڏا وڏا جنگجو جرنيل ۽ سپهه سالار تاجو فقير، جادو فقير، بختاور فقير ۽ اوٺو فقير شهيد ٿي ويا هو ۽ پاڻ قلات ( بلوچستان ) جي حاڪمن ڏانهن ويو هليو جتي پهريان ته بروهي قبيلا ويڙهه لاءِ تيار ٿي ويا پر پوءِ سندس ٻه فرزند ميان نور محمد ۽ ميان محمد خان کي يرغمالين طور پاڻ وٽ رکي عارضي صلح ڪري کيس وقتي طور پاڻ وٽ رهڻ ڏنائون. اهڙين حالتن ميان صاحب کي ڏاڍو ڪمزور ڪري ڇڏيو.

    هنن موجب بروهين ميان صاحب کان ڳري رقم جي گهر به ڪئي هئي ۽ اها گهر پوري نه ٿيڻ تي قلات وارن ميان يار محمد ۽ سندس ڪٽب کي ڏاڍيون تڪليفون ۽ ايذاء ڏنا ۽ پاڙي پتي ۽ انساني قدرن جو ڪو به لحاظ نه رکيو. ميان صاحبن اهڙي ڏکين حالتن ۾ تقريباً ٻه ورهيه قلات ۾ گذاريا.

    چون ٿا ته ميان صاحب آهستي آهستي الله جي مدد سان قوت ۽ طاقت حاصل ڪئي ۽ سيوستان ( موجوده سيوهڻ) تي قبضو ڪري ورتو. شهزادو معزالدين ملتان ۾ موجود هو. صورتحال جو اطلاع ملندي ئي سنڌ ڏانهن پيشقدمي شروع ڪيائين. ميان صاحب جا وڪيل شهزادي معزالدين وٽ حاضر ٿيا ۽ صلح صفائي جي آڇ ڪئي اهڙي طرح معزالدين کين پنهنجي اصلي علائقي تي جائز حاڪم قرار ڏنو ۽ کين خدا يار خان جو لقب ڏئي گنجابي ۽ ڍاڍر جي حڪمراني به ڏني پر گڏوگڏ ڪجهه شرط به رکيا.
    (1) سرحدي رستن جي حفاظت ڪئي ويندي.
    (2) ملتان ۽ ٺٽي جي عملدارن کي ضرورت وقت فوجي امداد ڏني ويندي
    (3) ملڪ جي رستن کي پرامن بڻايو ويندو.
    (4) رعيت جي خوشحالي لاءِ چڱا قدم کنيا ويندا.

    ٻُڌائين ٿا ته شهزادي معزالدين شڪارپور جو علائقو دائود پوٽا خاندان جي حوالي ڪيو ۽ سيوهڻ غلام محمد سکاڻي جي حوالي ڪري پاڻ ملتان روانو ٿي ويو. ميان صاحب کي حاڪميت ته ملي وئي پر سندس اهل عيال اڃا به قلات جي بروهين وٽ يرغمالين طور رکيل هو. ميان صاحب وڏيون ڪوششون ڪيون پر ڪامياب نه ٿيا. شهزادي معزالدين اهڙيون خبرون ٻڌي پاڻ مداخلت ڪري ميان صاحب جي اهل عيال کي آزادي ڏياري.
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اڳتي هلي ٻُڌائين ٿا ته ميان صاحب سڀني معاهدن جي پاسداري ڪندي پنهنجي حڪومت جي حدن ۾ توسيع جي رٿا کي عملي جا مو پهرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهيا. اهڙي طرح سيوستان ( سيوهڻ) جي حڪومت به سندس حوالي ٿي وئي. انهي دوران ٺٽي ۾ هڪ واقعو ٿي گذريو. اهو صوفي شاه عنايت جي شهادت هئي.

    انهن موجب موجوده دور جا اڻ ڄاڻ عالم ۽ اديب انهي جو الزام ميان صاحب جي سرتي مڙهين ٿا جڏهن ته جهوڪ شريف جي درگاه جي مريد حاجي محمد علي خان لغاري تاجپوري جي روايت جي مطابق“ صوفي صاحب حڪومت قائم ڪري ورتي هئي جيڪا موجوده نصرپور تائين قائم هئي، سندس پوئلڳن هن سموري ايراضي مان ڍل ۽ آنيانو وٺڻ شروع ڪيو هو ۽ جيڪو نه ڏيندو هو ان جي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ دهلي جي حڪم تي ٺٽي جي گورنر کي فوجي مدد ڏيڻي پئي ۽ معرڪي ۾ صوفي صاحب جي شهادت ٿي. اهڙي طرح ٺٽي جا گهڻا علائقا به ميان صاحب جي نگراني هيٺ اچي ويا. ميان صاحب دادو جي ويجهو خدا آباد جي نالي سان شهرآباد ڪيو جنهن کي پنهنجو تخت گاهه ٺاهيائون. اتي بادشاهي جامع مسجد به تعمير ڪرايائون اها مسجد جيتوڻيڪ ڀڄي ڀري وئي آهي پر اتي اڄ ڏينهن تائين با جماعت نماز ٿيندي آهي.

    وڌيڪ چون ٿا ته سندس فقيري طبعيت جي سبب کيس خادم الفقراء چيو ويندو آهي. سندس مشوري تي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي قرآن پاڪ جو سنڌي ٻولي ۾ترجمو شروع ڪري 1749ع ۾ پڄاڻي تي پهچايو. هن خدا آباد جي جامع مسجد ۾ عالمن ۽ رفيقن سان گڏ ويهي موجوده سنڌي رسم الخط جي اکرن کي ترتيب ڏني. انگريز سرڪار ۾ سربار ٽل فريئر فقط اهو ڪم ڪيو جو هر اکر کي هڪ متعين شڪل ڏني ۽ اکرن جي نئين ترتيب مقرر ڪئي. ميان صاحب سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کي رواج ڏنو ۽ ان ڪاروبار کي صنعت جو درجو ڏنو. مدرسن کي مسجدن کان ڌار ڪري سرڪاري سرپرستي ۾ آندو. فارسي جي ڀيٽ ۾ سنڌي ۽ عربي کي اهميت ڏني ۽ پنهنجي زير دستي وارن علائقن ۾ بهترين آبپاشي سرشتو قائم ڪندي زرعي سڌارن جو بنياد وڌو. ميان صاحب قانون جي بالا دستي ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به سختي کان ڪم ورتو سندس وفات 1719ع ۾ ٿي. سندس آخري آرام گاه خدا آباد ۾ آهي. سندس وفات سان سنڌ هڪ معتبر منتظم کان محروم ٿي وئي. سندس لڳاتار ڪوششن سان سبي، دادو، بکر، گنجابو ۽ سيوهڻ جا علائقا سندس عملدري هيٺ اچي ويا ۽ ٺٽو دهلي جي ماتحت هئڻ باوجود اتان جا انتظامي معاملا سندس هٿ وس هوندا هئا. انهي ۾ ڪوشڪ نه آهي ته ميان يار محمد خود مختيار سنڌ جو هڪ سگهارو رهنما بڻجي چڪو هو.
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان نور محمد عباسي
    ميان يار محمد کانپوءِ ۽ سندس پٽ ميان نور محمد آزاد سنڌ جو حڪمران ۽ خادم الفقراء جي درگاه جو گادي نشين ٿيو. پاڻ ديني، سياسي ۽ فوجي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد بزرگوار ميان يار محمد کان ورتي. سندس ڀاءُ محمد دائود سندس مخالف ٿي بيٺو ۽ جنگ کانپوءِ ٻنهي ۾ صلح صفائي ٿي. سندس حڪمراني جا ٽي ورهيه، پرامن رهيا انهي کانپوءِ لڳاتار جنگين ۽ معرڪن ۾ مصروف رهيو. پهريان شڪارپور جي دائود پوٽن سان دنگل ٿيو. وري 1725ع ۾ بهاولپور ويا هليا. سن 1731ع ۾ قلات جي بروهين سنڌ تي حملو ڪيو جنهن ۾ بروهين شڪست کاڌي. قلات جو حاڪم عبدالله بروهي پيش ٿيو ۽ صلح جي درخواست ڪيائين 1732ع ۾ بروهين وري حملو ڪيو جنهن ۾ عبدالله بروهي مارجي ويو. عبدالله بروهي جو سوٽ مير مراد علي بروهي صلح لاءِ پيش ٿيو ۽ پنهنجي ڌيءُ ميان مراد ياب جي نڪاح ۾ ڏني انهي وقت تائين فقط سبي دادو ۽ سيوهڻ عباسي ڪلهوڙن جي ماتحت هئا.

    سن 1737ع ۾ دهلي ۾ سنڌ جي سفير ۽ وڪيل شيخ غلام محمد عباسي ڪلهوڙي جي ڪوششن سان ٺٽي صوبي جي حڪمراني عباسين جي حوالي ٿي. اهڙي طرح ٻه سو ورهين جي لاڳيتي جدو جهد ۽ بي شمار قربانين کانپوءِ سنڌ هڪ دفعو ٻيهر محتد ٿي مقامي حاڪمن جي حڪمراني هيٺ آئي، اها عباسي خاندان جي تمام وڏي ڪاميابي هئي. 1973ع ۾ نادر ايراني جو سنڌ تي حملو سنڌ لاءِ قيامت کان گهٽ نه هو. سموري سنڌ کي هيٺ مٿي ڪيو ويو. تمام وڏي لٽ مار ڪئي وئي. تمام گهڻو خزانو ڦريو ويو. عباسين جو خانداني ڪتب خانو به کسيو ويو ۽ ميان صاحب جي ٻن پٽن ميان غلام شاه ۽ ميان مراد ياب کي يرغمال بڻائي ايران نيو ويو ۽ سنڌ کي چئن ڀاڳن ۾ ورهايو ويو،
    (1) شڪارپور دائود پوٽن جي حوالي ڪيو ويو،
    (2) سبي پٺاڻن جي حوالي ڪئي وئي.
    (3) ڪڇي ۽ ڍاڍر بروهين کي ڏنا ويا ۽
    (4) باقي سموري سنڌ عباسين جي حوالي ڪئي وئي

    چون ٿا ته انهي سان گڏوگڏ سنڌ تي هڪ ڳري رقم سالياني ڏن طور پڻ مڙهي وئي. عباسي خاندان پاران سنڌ کي متحد ڪرڻ جو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو پر پوءِ به پاڻ همٿ نه هاريائين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکيائين. انهي دوران موجوده موري شهر جي ويجهو ” احمد آباد شهر جو بنياد رکي انکي پنهنجو تخت گاه بڻايائين. ڏکڻ سنڌ کي به نه وساريائين ۽ اتي امن امان قائم ڪرايائين. اتي ڪي مقامي سردار بغاوتون ڪري رهيا هئا جن جو اڳواڻ ڪڪرالي جو ڄام هوٿي هو.
     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هنن موجب ، ٺٽي مان شيخ شڪر الله لشڪر ڪشي ڪري هوٿي کي قتل ڪري ڇڏيو. وري ڪانجي قلعي تي حملو ڪري انکي فتح ڪيائين ۽ گڏوگڏ عمر ڪوٽ کان سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن تائين قبضو ڪري ورتائين.

    نادر ايراني کي 1747ع ۾ سندس اميرن قتل ڪري ڇڏيو. ان جي افغاني جرنيل احمد شاه ابدالي ۽ افغان سردارن کي هرات ۾ گڏ ڪري افغانستان جي حڪومت جو بنياد وڌو ۽ نادر ايراني جي قبضي وارن علائقن تي پنهنجي دعويٰ ڪري ڇڏي. ميان نور محمد عباسي کي اطاعت ۽ ڏن لاءِ خط لکيو. ميان صاحب کي اطاعت قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪا واٽ ئي نه هئي جو سندس ٽي فرزند ايران ۾ يرغمال هئا. اهي 1749ع ۾ آزاد ٿي سنڌ آيا.

    ميان صاحب 1752ع ۾ ڀائي خان عباسي جي قيادت ۾ احمد شاه ابدالي وٽ خير سگالي جي پيغام سان گڏ هڪ وفد قنڌار موڪليو ۽ شيخ محمد محفوظ کي سفير طور اقتدار ۾ مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

    ميان صاحب 1953ع ۾ جيسلمير ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پاڻ وفات کان اڳ پنهنجي اولاد ۽ خاندان کي هڪ وصيت نامي جي صورت ۾ آئين ۽ مشور ڏنو جيڪو اڄ تائين فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ موجود آهي.
    سندس مڙهه جيسلمير مان آڻي محمد آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس مقبرو موجود آهي ۽ حڪمرانن جي بي توجهي ۽ پنهنجن جي عفلت تي ماتم ڪري رهيو آهي.
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان محمد مراد ياب عباسي
    پاڻ پنهنجي والد ميان نور محمد جي وفات کانپوءِ سنڌ جا والي مقرر ٿيا. پر سندس دور حڪومت ۾ افغانين سنڌ تي وڌيڪ ڏن جوبار وجهڻ شروع ڪيو جيڪو سنڌ جي عوام جي سهپ کان وڌيڪ هو. عوام تڪليفن جو شڪار ٿي ويو. افغانين سنڌ کي معاشي طور ايرانين کان وڌيڪ تباه ۽ برباد ڪيو. پاڻ انهي ڏک ۾ وٺجي راهي ملڪ عدم ٿي ويا. سندس وفات 1757ع ۾ ٿي . سندس آخري آرام گاه خدا آباد ۽ ضلعي دادو ۾ آهي.

    ميان غلام شاه عباسي ڪلهوڙو.
    29 آگسٽ 1757ع نماز فجر کانپوءِ مجلس شوري جي فيصلي سان تخت نشين ٿيا. ميان مرادياب جي ناڪام حڪومت جي سبب اندروني خلفشار ۽ بدنظمي جي سبب عوام ۾ جيڪا بي چيني پکڙجي وئي هئي پاڻ ان جو تدارڪ ڪرڻ فرض ٿي سمجهيائون ۽ انهي لاءِ هڪ شوريٰ مقرر ڪيائون پر ڪجهه ماڻهن جو هڪ ٽولو جنهن ۾ احمد يار خان (مراد ياب خان جو ويڳو ڀاءَ ) به شامل هو انهن کي سندس اهي قدم پسند نه آيا. انهي وچ ۾ عطر خان جيڪو احمد شاه ابدالي وٽ قنڌار ۾ موجود هو ان حڪومت جو پروانو حاصل ڪيو ۽ 8 نومبر 1757ع تي نوشهري فيروز پهچي ويو. پرقنڌاري ڪارندا سندس نافرمانيون ڪندا رهيا ۽ وڌيڪ محصول لاءِ عوام کي تنگ ڪندا رهيا.

    ميان غلام شاه ڪلهوڙي گوشي نشيني اختيار ڪئي ۽ ٿر ويو هليو. اتان وري اڌي پور ۽ پوءِ بهاولپور ويو هليو. بهاولپور ۾ ٽي مهينا رهڻ کانپوءِ امير بهاولپور مبارڪ خان جي مدد سان هڪ لشڪر تيار ڪيائين ۽ پنهنجي اهل عيال کي بهاولپور ۾ ڇڏي سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪيائين. مئي 1758ع ۾ موجوده روهڙي ويجهو پنهنجن ڀائرن عطر خان، احمد يار خان کي شڪست ڏئي 8 جون 1858ع تي عيد جي ڏينهن فاتح حاڪم جي صورت ۾ تخت نيشن ٿيا. انهي تي عوام به سک جو ساهه کنيو.

    سنڌ جي خوشحاليءَ جا ڏينهن شروع ٿي ويا ۽ ابدالي ڪارندن کي هتان ڀڄائي ڪڍيو ويو. ميان صاحب 22 سيپٽمبر 1757ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان ملڪي سطح تي هڪ واپاري معاهدو ڪيو. هوڏانهن احمد يار خان ۽ عطر خان ڊسمبر 1757ع ۾ احمد شاه ابدالي وٽ حاضر ٿي کيس سموري صورتحال کان آگاهي ڏني. عطر خان، ابدالي جي ڪجهه شرطن تي حڪومت جو پروانو حاصل ڪري ورتو. انهن شرطن ۾ مکيه هي هئا ته احمد يار خان ابدالي وٽ ضمانت طور يرغمال رهندو ۽ ڏن جي رقم اڳوڻي رقم کان چئوڻ تي هوندي.
     
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان غلام شاه، عطر خان کي حڪومت جو پروانو ملڻ جو ٻڌندي ئي ڪجو پهتو ۽ شهر جو نالو مٽائي شاهه ڳڙهه رکيو ۽ ان جي سامهون سمنڊ جي ڪناري سنڌو درياهه ۽ تي هڪ بندرگاه ٺهرايو جنهن جو نالو شاه بندر هو. اتي ٻيون به ڪيتريون ئي سهڻيون ۽ مضبوط عمارتون تعمير ڪرايون ويون. ميان سرفراز ۽ سندس ڪٽنب کي اتي رهايو ويو.

    ميان عطر خان پاران حڪومتي پروانو وٺي سنڌ ۾ داخل ٿيندي ئي چو طرف افراتفري ۽ ڦرمار شروع ٿي وئي. هڪ پاسي جو کين صورتحال مان فائدو وٺندي ٺٽي شهر تي حملو ڪري ڏنو. ڦرلٽ سان گڏوگڏ شهرين کي به ڪُٺو ويو.
    ميان عطر خان کي جڏهن ميان غلام شاه پاران شاه ڳڙهه ۽ شاه بندر تعمير ڪرائڻ جي خبر پئي ته هو به لشڪر سان گڏ شاه ڳڙهه ڏانهن وڌيو. ميان غلام شاه انهي تي فورا لشڪر ساڻ ڪري عطر خان جي آمهون سامهون ٿيو. آخر ڪجهه خير خواهن وچ ۾ پئي صلح ڪرايو ۽ ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. شاه ڳڙهه کان نصرپور ۽ ٺٽي وارو علائقو ميان غلام شاه جي حوالي ڪيو ويو. ۽ باقي حصو ميان عطر خان جي حوالي ڪيو ويو.

    انهي ورهاڱي کانپوءِ سموري سنڌ ۾ افراتفري ۽ لاقانونيت پکڙجي وئي. اهڙين حالتن ۾ قاضي القضاه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ملڪ ۾ اسلامي شرعي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ 19 مارچ 1759ع تي هڪ فرمان جاري ڪري ڇڏيو پر حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ٿي ويون ۽ افراتفري ۾ اضافو ٿيندو ٿي ويو.
    هاڻي ميان غلام شاه وري سموري سنڌ تي حڪومت جي ارادي سان نڪتو ۽ 8 مئي 1959ع سموري سنڌ تي قبضو مڪمل ڪري ورتو.

    ميان صاحب لاڙڪاڻي ۾ اچي ديرو ڄمايو ۽ سندس ٻئي ڀائر عطر خان ۽ احمد يار خان مدد وٺڻ لاءِ بهاولپور پهتا پر امير بهاولپور محمد مبارڪ خان دائود پوٽي انهنجي حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو پر علائقائي سردارن بهادر خان، اختيار خان ۽ سبزل خان ڪجهه رقم جي عيوض ٻنهي ڀائرن جي مدد جي حامي ڀري ورتي. ميان غلام شاه پنهنجي هڪ با اعتماد ساٿي ذريعي انهن حالتن کان قنڌار کي با خبر ڪيو ۽ عطر خان کي سيکت ڏيڻ لاءِ 1761ع ۾ بهاولپور ڏانهن لشڪر وٺي روانو ٿيو پر اچ شريف جا مخدوم صاحبان وچ ۾ پيا ۽ صلح جي معاهدي کانپوءِ ميان صاحب واپس سنڌ آيا. سن 1764ع ۾ عطر خان ميان صاحب کان معافي ورتي. ميان صاحب کيس معاف ڪندي گلي لڳايو.
     
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انهي دوران 1764ع ۾ ڪڇ جي راءِ حاڪم سنڌ تي ڪاهه ڪئي پر شڪست کاڌائين. ميان صاحب جي انهي ڪاميابي تي قنڌار جي حڪومت کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۽ ڊيرا غازي خان جا علائقا به سندس حوالي ڪري ڇڏيا. پاڻ 1767ع ۾ ڊيرا جات طرف روانا ٿيا. ٽن مهينن جي ٿوري عرصي ۾ حالتون ۽ معاملا درست ڪري واپس آيا.

    1768ع ۾ نومڙين جي سردار بجار خان جوکئي تي حملو ڪيو ويو. جو کيو سردار ٺٽي ڏانهن فرار ٿي ويو ۽ نومڙين ٺٽي تي هلان ڪري ڏني . ميان صاحب نو مڙين کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڇهه هزار فوجي ٺٽي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ سوڀ حاصل ڪئي. سندس لڳاتار ڪاميابي جي ڪري اندرو ني ۽ بيروني سازشون ختم ٿي ويون ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي هلڻ لڳو ته پاڻ اڏاوتن جي طرف ڌيان ڏنائون. پنهنجي صلاحڪارن کي گهرائي انهن کان راءِ ورتائون ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جا ابا ڏاڏا سنڌ تي حڪمراني جا فرض سرانجام ڏيندا پيا اچن پر انهي اهڙي پڪي پختي جاءِ تعمير نه ڪرائي آهي جيڪا وقت اچڻ تي اسانجي ڪم اچي سگهي اسانجو ارادو آهي ته ڪو مضبوط قلعو ٺهرائجي جيڪو اسان کانپوءِ اسانجي يادگار طور نشانبر رهي. صلاح مشوري کانپوءِ نيرون ڪوٽ جي علائقي ۾ هڪ ٽڪري تي هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرايو ويو ۽ ان جي سامهون هڪ تمام وڏو شهر به ٻڌرايو ويو جنهن کي حيدرآباد جو نالو ڏنو ويو.

    قلعو تعمير ٿيڻ کانپوءِ ميان صاحب گادي جو هنڌ مراد آباد کان حيدرآباد آندو ۽ اتي ئي سمورو حڪومتي سرشتو قائم ڪيو. هر علائقي لاءِ سربراه مقرر ڪيا ۽ پاڙيسري رياستن ( قلات، بهاولپور، ڪڇ، مسقط، جوڌپور ۽ جيسلمير) لاءِ هڪ بهترين خارجا پاليسي ٺاهي. انهي سان ٻاهرين علائقن مان دخل اندازي بند ٿي وئي ملڪ ۾ امن امان ٿي ويو. ڪاروبار ۽ واپار ۾ ترقي ٿي ۽ عوام خوشحال ٿي ويو. ميان صاحب ملڪ ۾ تعيرات تي به زور ڏنو اهڙي طرح ڏينهن رات محنت جي سبب مٿس فالج جو حملو ٿيو جيڪو وفات جو سبب ٿيو. پهرئين اگسٽ 1772ع تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. ميان صاحب جي آخري آرام گاه حيدرآباد شهر ۾ موجود زبيده ڪاليج جي پٺيان واقع آهي جنهن جي زبون حالي موجوده حڪمرانن، آثار قديما کاتي ۽ عباسي خاندان جي انهن موجوده ماڻهن جي پنهنجن وڏڙن کي وساري ڇڏڻ واري روش تي رت روئي رهي آهي جيڪي وڏن حڪومتي عهدن تي فائز آهن.

    تحفة الڪرام جي ليکڪ ميان صاحب لاءِ هي لفظ لکيا آهن. ”خادم الفقراء ميان غلام شاه جي وفات سان سنڌ هڪ مدبر، معاملي شناس دورانديش ۽ باهمت حڪمران کان محروم ٿي وئي. کيس سياسي ميدان ۾ به وڏيون ڪاميابيون مليون. ميان صاحب افغان تسلط جي خلاف هو ۽ سنڌ جي آزادي خوشحالي ۽ ترقي جي سچي تڙپ دل ۾ رکندو هو.“
     
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انهي دوران 1764ع ۾ ڪڇ جي راءِ حاڪم سنڌ تي ڪاهه ڪئي پر شڪست کاڌائين. ميان صاحب جي انهي ڪاميابي تي قنڌار جي حڪومت کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۽ ڊيرا غازي خان جا علائقا به سندس حوالي ڪري ڇڏيا. پاڻ 1767ع ۾ ڊيرا جات طرف روانا ٿيا. ٽن مهينن جي ٿوري عرصي ۾ حالتون ۽ معاملا درست ڪري واپس آيا.

    1768ع ۾ نومڙين جي سردار بجار خان جوکئي تي حملو ڪيو ويو. جو کيو سردار ٺٽي ڏانهن فرار ٿي ويو ۽ نومڙين ٺٽي تي هلان ڪري ڏني . ميان صاحب نو مڙين کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڇهه هزار فوجي ٺٽي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ سوڀ حاصل ڪئي. سندس لڳاتار ڪاميابي جي ڪري اندرو ني ۽ بيروني سازشون ختم ٿي ويون ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي هلڻ لڳو ته پاڻ اڏاوتن جي طرف ڌيان ڏنائون. پنهنجي صلاحڪارن کي گهرائي انهن کان راءِ ورتائون ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جا ابا ڏاڏا سنڌ تي حڪمراني جا فرض سرانجام ڏيندا پيا اچن پر انهي اهڙي پڪي پختي جاءِ تعمير نه ڪرائي آهي جيڪا وقت اچڻ تي اسانجي ڪم اچي سگهي اسانجو ارادو آهي ته ڪو مضبوط قلعو ٺهرائجي جيڪو اسان کانپوءِ اسانجي يادگار طور نشانبر رهي. صلاح مشوري کانپوءِ نيرون ڪوٽ جي علائقي ۾ هڪ ٽڪري تي هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرايو ويو ۽ ان جي سامهون هڪ تمام وڏو شهر به ٻڌرايو ويو جنهن کي حيدرآباد جو نالو ڏنو ويو.

    قلعو تعمير ٿيڻ کانپوءِ ميان صاحب گادي جو هنڌ مراد آباد کان حيدرآباد آندو ۽ اتي ئي سمورو حڪومتي سرشتو قائم ڪيو. هر علائقي لاءِ سربراه مقرر ڪيا ۽ پاڙيسري رياستن ( قلات، بهاولپور، ڪڇ، مسقط، جوڌپور ۽ جيسلمير) لاءِ هڪ بهترين خارجا پاليسي ٺاهي. انهي سان ٻاهرين علائقن مان دخل اندازي بند ٿي وئي ملڪ ۾ امن امان ٿي ويو. ڪاروبار ۽ واپار ۾ ترقي ٿي ۽ عوام خوشحال ٿي ويو. ميان صاحب ملڪ ۾ تعيرات تي به زور ڏنو اهڙي طرح ڏينهن رات محنت جي سبب مٿس فالج جو حملو ٿيو جيڪو وفات جو سبب ٿيو. پهرئين اگسٽ 1772ع تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. ميان صاحب جي آخري آرام گاه حيدرآباد شهر ۾ موجود زبيده ڪاليج جي پٺيان واقع آهي جنهن جي زبون حالي موجوده حڪمرانن، آثار قديما کاتي ۽ عباسي خاندان جي انهن موجوده ماڻهن جي پنهنجن وڏڙن کي وساري ڇڏڻ واري روش تي رت روئي رهي آهي جيڪي وڏن حڪومتي عهدن تي فائز آهن.

    تحفة الڪرام جي ليکڪ ميان صاحب لاءِ هي لفظ لکيا آهن. ”خادم الفقراء ميان غلام شاه جي وفات سان سنڌ هڪ مدبر، معاملي شناس دورانديش ۽ باهمت حڪمران کان محروم ٿي وئي. کيس سياسي ميدان ۾ به وڏيون ڪاميابيون مليون. ميان صاحب افغان تسلط جي خلاف هو ۽ سنڌ جي آزادي خوشحالي ۽ ترقي جي سچي تڙپ دل ۾ رکندو هو.“
     
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انهي دوران 1764ع ۾ ڪڇ جي راءِ حاڪم سنڌ تي ڪاهه ڪئي پر شڪست کاڌائين. ميان صاحب جي انهي ڪاميابي تي قنڌار جي حڪومت کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۽ ڊيرا غازي خان جا علائقا به سندس حوالي ڪري ڇڏيا. پاڻ 1767ع ۾ ڊيرا جات طرف روانا ٿيا. ٽن مهينن جي ٿوري عرصي ۾ حالتون ۽ معاملا درست ڪري واپس آيا.

    1768ع ۾ نومڙين جي سردار بجار خان جوکئي تي حملو ڪيو ويو. جو کيو سردار ٺٽي ڏانهن فرار ٿي ويو ۽ نومڙين ٺٽي تي هلان ڪري ڏني . ميان صاحب نو مڙين کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڇهه هزار فوجي ٺٽي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ سوڀ حاصل ڪئي. سندس لڳاتار ڪاميابي جي ڪري اندرو ني ۽ بيروني سازشون ختم ٿي ويون ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي هلڻ لڳو ته پاڻ اڏاوتن جي طرف ڌيان ڏنائون. پنهنجي صلاحڪارن کي گهرائي انهن کان راءِ ورتائون ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جا ابا ڏاڏا سنڌ تي حڪمراني جا فرض سرانجام ڏيندا پيا اچن پر انهي اهڙي پڪي پختي جاءِ تعمير نه ڪرائي آهي جيڪا وقت اچڻ تي اسانجي ڪم اچي سگهي اسانجو ارادو آهي ته ڪو مضبوط قلعو ٺهرائجي جيڪو اسان کانپوءِ اسانجي يادگار طور نشانبر رهي. صلاح مشوري کانپوءِ نيرون ڪوٽ جي علائقي ۾ هڪ ٽڪري تي هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرايو ويو ۽ ان جي سامهون هڪ تمام وڏو شهر به ٻڌرايو ويو جنهن کي حيدرآباد جو نالو ڏنو ويو.

    قلعو تعمير ٿيڻ کانپوءِ ميان صاحب گادي جو هنڌ مراد آباد کان حيدرآباد آندو ۽ اتي ئي سمورو حڪومتي سرشتو قائم ڪيو. هر علائقي لاءِ سربراه مقرر ڪيا ۽ پاڙيسري رياستن ( قلات، بهاولپور، ڪڇ، مسقط، جوڌپور ۽ جيسلمير) لاءِ هڪ بهترين خارجا پاليسي ٺاهي. انهي سان ٻاهرين علائقن مان دخل اندازي بند ٿي وئي ملڪ ۾ امن امان ٿي ويو. ڪاروبار ۽ واپار ۾ ترقي ٿي ۽ عوام خوشحال ٿي ويو. ميان صاحب ملڪ ۾ تعيرات تي به زور ڏنو اهڙي طرح ڏينهن رات محنت جي سبب مٿس فالج جو حملو ٿيو جيڪو وفات جو سبب ٿيو. پهرئين اگسٽ 1772ع تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. ميان صاحب جي آخري آرام گاه حيدرآباد شهر ۾ موجود زبيده ڪاليج جي پٺيان واقع آهي جنهن جي زبون حالي موجوده حڪمرانن، آثار قديما کاتي ۽ عباسي خاندان جي انهن موجوده ماڻهن جي پنهنجن وڏڙن کي وساري ڇڏڻ واري روش تي رت روئي رهي آهي جيڪي وڏن حڪومتي عهدن تي فائز آهن.

    تحفة الڪرام جي ليکڪ ميان صاحب لاءِ هي لفظ لکيا آهن. ”خادم الفقراء ميان غلام شاه جي وفات سان سنڌ هڪ مدبر، معاملي شناس دورانديش ۽ باهمت حڪمران کان محروم ٿي وئي. کيس سياسي ميدان ۾ به وڏيون ڪاميابيون مليون. ميان صاحب افغان تسلط جي خلاف هو ۽ سنڌ جي آزادي خوشحالي ۽ ترقي جي سچي تڙپ دل ۾ رکندو هو.“
     
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان سرفراز خان عباسي:
    ميان غلام شاه جي وفات کانپوءِ اميرن ۽ رفيقن جي گڏيل راءِ سان سندسن وڏو پٽ ميان سرفراز خان عباسي تخت حڪومت تي ويٺو، هن ٽي ورهيه تمام سٺي نموني حڪومت جو ڪاروبار هلايو ۽ موجوده هالا جي ويجهو خدا آباد نالي هڪ شهر جوڙايو ۽ ان کي تخت گاه ڪيو. انهي وچ ۾ سندس خاندان جي ڪجهه ماڻهن ۽ ٽالپرن ۽ ليکين ۾ اختلاف منظر تي آيا.

    آگسٽ 1775ع تي انهي خانداني تڪرار جي سبب سندس درٻار ۾ مير بهرام خان ٽالپر ۽ مير صوبدار خان ٽالپر قتل ٿي ويا. جيئن ته ٽالپر خاندان کي مضبوط فوجي طاقت حاصل هئي انهي بغاوت ڪري ميان سرفراز خان کي معزول ڪري حيدرآباد جي قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو.

    ميان محمود خان عباسي
    ميان سرفراز خان عباسي جي معزولي کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ميان محمود عباسي مسند حڪومت تي ويٺو. پر ملڪ ۾ پکڙيل بي يقيني جي حالت سبب امير رفيق سڀ پريشان لڳا پيا هئا. ترقياتي ۽ تعميراتي ڪم بيهي ويا زراعت ۽ تجارت زوال جو شڪار ٿي وئي. 24 آڪٽوبر 1775ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، انهي ڪشمڪش ۾ ميان محمود به اقتدار نه سنڀالي سگهيو ۽ دستبرداري جو اعلان ڪري ڇڏيائين.
     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان غلام نبي خان عباسي
    ميان غلام شاه جي ننڍي ڀاءُ کي مئي 1776ع ۾ مسندنشين ڪيو ويو. ميان غلام نبي نهايت حليم ۽ بردبار انسان هو هن. اقتدار تي ايندي ئي ڪجهه تبديليون آنديون. حيدرآباد قلعي جي عملدار تاجو ليکي کي مٽائي ميان عبدالغني کي مقرر ڪري ڇڏيو .

    ميان عطر خان ۽ ميان محمود، ميان سرفراز خان ۽ سندس پٽ ميان مير محمد کي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو. ٻئي پاسي ٽالپر خاندان هڪ سازش ذريعي عباسين جي حڪومت تي قبضو ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر تيار ڪيو. موجوده شهدادپور جي ويجهو ڇتي جنگ لڳي جنهن ۾ حڪومتي لشڪر پٺيان پير ڪيا. سپه سالار پيروز خان پتافي جنگ ۾ مارجي ويو.

    الله بخش جهنجڻ محمد حسن کهاوڙ ۽ محراب جتوئي ٽالپرن جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا. ميان غلام نبي صلح لاءِ هڪ وفد مير بجار خان ڏانهن موڪليو. انهي دوران ميان غلام نبي تي هڪ سخت حملو ٿيو ۽ زخمي ٿي پيو جنهن وگهي 1776ع ۾ وفات ڪيائين. ميان غلام نبي جي تدفين کانپوءِ ٽالپر خاندان ميان سرفراز خان کي حيدرآباد جي قلعي مان آزاد ڪري سنڌ جو حاڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر ڪجهه سازشي ماڻهن ميان سرفراز، ميان عطر خان ميان محمود ۽ ميان محمد خان کي قتل ڪري ڇڏيو.
     
  20. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ميان غلام نبي خان جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ ميان عبدالغني 1777ع جي اوائل ۾ حاڪم سنڌ ٿيو. ميان عبدالغني جو دور لڳ ڀڳ 6 ورهيه هليو. جنهن ۾، سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي فلاح ۽ بهبود جو ڪو به ڪم نه ٿيو. البت ڦرمار، بدامني ۽ افراتفري عروج تي پهچي وئي. درٻاري سازشون چوٽ چڙهي ويون. پيدا وار جا وسيلا ختم ٿي ويا ۽ عوام عدم تحفظ ۽ بي يقيني سبب بددل ٿي ويو.

    وري قنڌار جي حڪومت کي ساليانو ڏن نه مليو ته تيمور خان حاڪم قنڌار هڪ وڏو لشڪر سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. جڏهن سنڌ جي حاڪمن ۽ عوام اها خبر ٻڌي ته ٻئي ڌريون حملي آور سان مقابلي لاءِ گڏ جي هڪ ٿي ويون. اهو معرڪو 1779ع ۾ لکي غلام شاه ۽ شڪارپور جي وچ ۾ لڳو انهي ۾ افغانين کي شڪست آئي ۽ سنڌ جو عوام سوڀارو ٿيو. انهي ڪاميابي جو هڪ سبب حڪمرانن جي پاڙيسري ملڪن سان بهترين خار جا پاليسي هئي جنهن سبب قنڌاري لشڪر کان بروقت آگاهي ملي وئي. وري جڏهن بهاولپور حڪومت، جو ڌپور حڪومت ۽ ڪڇي جي حڪومتن کي قنڌاري لشڪر جي حملي جي خبر پئي ته انهي به پنهنجي پاران مدد لاءِ لشڪر موڪليا. ايتري وڏي ڪاميابي جي باوجود به ملڪ جون اندروني حالتون درست نه پئي ٿيون جنهن جو سبب حڪمرانن جي ويجهن خاندانن ٽالپرن، ليکين ۽ بلوچن جون اندروني رنجشون ۽ نارا ضگيون هيون جن ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو.

    انهن ڳالهين جي ڪري ميان صاحب جي حڪومت چئن ورهين کانپوءِ ختم ڪري ميان صادق علي عباسي کي حاڪم بڻايو ويو. ميان عبدالنبي معز ولي کانپوءِ مدد لاءِ قنڌار حڪومت ڏانهن ويو هليو. قنڌار وارن لاءِ اهو بهترين موقعو هو جيڪي سنڌ تي حملو ڪري فاتح بڻجي ويهي رهيا. قنڌاري لشڪر سنڌ ۾ ڏاڍي ڦرمار ڪئي ۽ عام ماڻهن جو قتلام ڪيو. ملڪ جون حالتون بد کان بدتر ٿينديون ويون ته ميان صاحب حڪومت کان پاسيرو ٿي ويو.

    فغان حاڪم مدد خان سنڌ جي حڪومت ميان عبدالنبي جي حوالي ڪئي ۽ وزيراعظم جو عهدو ميرعبدالله ٽالپر کي ڏنو ۽ صلح جي دستاويز تي صحيحون ڪرايون. هي واقعو 1781ع ۾ راڻي پور ۾ وقوع پذير ٿيو. پروري به ميان صاحب جي حڪومت وزيرن ۽ قبيلن جي سرڪردن ماڻهن جي منافقت ۽ بغض جي سبب ٻن ورهين جي اندر 1783ع ۾ ختم ٿي وئي. ميان صاحب راجن پور ۽ ليه ڏانهن ويو هليو ۽ اتي حاجي پور شهرآباد ڪيائين جيڪو سندس آخري مسڪن ثابت ٿيو سندس وفات 1805ع ۾ ٿي. کيس حاجي پور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. انهي سان گڏ سنڌ ۾ عباسي خاندان جي حڪمراني جو هڪ شاهڪار دور پڄاڻي تي پهي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو