اڙدو ميڊيا مسلسل سنڌ ڪوٽا تي تنقيد ٿو ڪري پر سنڌي جرنلسٽ، سيسدان يا قوم پرست گهربل جواب نه پياڏين؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حيرت ته سنڌي ميڊيا جا نمائندا،تجزيا نگار،جرنلسٽ،قوم پرست،گورنمنٽ جا نمائندا تنقيد جو گهربل جواب نٿا ڏين؟
    انتهائي ڏُک ۽ حيرت جو مقام آهي ته (ساڙوٽي اڙدو ميڊيا) جا (ساڙوٽي اينڪر ، تجزيا نگار ۽ جرنلسٽ) اڙدو چئنلن تي مسلسل پناهگيرن جي نمائندن کي آڻي اها دعويٰ سنڌ ۾ رهندڙن جي وچ ۾ تفرقو ڦهلائڻ لاءِ ٻڌائين ۽ ڦهلائين ٿا سنڌ ۾ پناهگيرن (مهاجرن) کي ڪوٽا سسٽم تحت تعليمي ادارن يا نوڪرين ۾ گهربل حصو نٿو ڏنو وڃي ، جڏنهن ته هو هر بيوروڪيسي عهدي تي اڪثريت ۾ آهن ۽ هر قومي توڙي صوبائي ادارن ۾ ڇانيل آهن، سنڌ جو سيڪيورٽي (پوليس) تعليمي ۽ صحت جو مڪمل نظام انهن جي طابع آهي ۽ حيرت ته سنڌي ميڊيا جا نمائندا، تجزيا نگار، جرنلسٽ، قوم پرست، سياستدان، سنڌ گورنمنٽ جا نمائندا سندن هن بيسود تنقيد جو گهربل جواب نٿا ڏين ؟ جڏنهن ته تواريخي ڊاڪومينٽس گواهيءَ سان ڀريا پيا آهن ته
    1. پاڪستان (ايسٽ پاڪستان ۽ ويسٽ پاڪستان۾ ) سڀ کان پهرئين هندستان مان لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ پناه وٺندڙ (پناهگيرن) کي بيورو ڪريسيءَ ۾ شامل ڪرڻ ۽ گهڻي ۾ گهڻو حصو ڏيڻ لاءِ ِپهريون ڪوٽا سسٽم پاڪستان جي پهرئين پرائيم منسٽر (لياقت علي خان) سنڌ جي پهرئين قومي ليڊر قائد اعظم حمد علي جناح جي شهادت کان پوءِ 7 سيپٽمبر 1949 ۾ جوڙيو هو، جنهن ۾ نه صرف سندن لاءِ ڪوٽا آهي پر ايسٽ پاڪستان ۽ ٻين صوبن علائقن، ڪشمير، گلگت، فاٽا، ميرٽ، ارمي وغيره لاءِ ته آهي پر سنڌ جي اصلي رهواسي سنڌين لاءِ بلڪل ناهي.
    2. هن ڪوٽا سسٽم جي پهرئين ايڪسٽينشن به لياقت علي خان 15 سالن لاءِ ڏني ۽ اها ڪوٽا ايڪسٽيشن صدر ايوب، يحيءِ خان وڌائيندو آيو. جنهنڪري پاڪستان جي بيوروڪريسيءَ ۾ پنجابي ۽ پناهگير هُئا جنهنکي (پنجابي مُهاجر گٺ جوڙ بيروڪريسي) چئجي ٿو.ُ
    3. ايسٽ پاڪستان جي جُدا ٿيڻ کان پوءِ سندن ڪوٽا کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي خاطر شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ان ڪوٽ سسٽم ۾ سنڌ جي اصلي رهواسين (سن آف سوائل) سنڌي ماڻهن جو حق به رکيو جيڪو مٿين ڪوٽا ۾ هرگز ڪونه هو. ان جو ڪارڻ (رورل ۽ اربن) هونه ڪه سنڌي پناهگير (مهاجر) .
    4. ڪوٽا سسٽم (اربن ۽ رورل) به ان ڪري هو ته سنڌ جا ڳوٺاڻا علائقا انهنُ تعليمي، ٽرانپورٽ ، صحت ۽ ٻين سهولتن وغيره کان محروم هُئا. ۽ ڏهه سال مُدو رکيو ويو ته پاڪستان جا حاڪم سنڌ جي ڳوٺاڻن کي به شهر جهڙيون سهولتون ڏيندا ته اُهي برابريءَ جي بُنياد تي ميرٽ تي اچي سگهن پر ڊڪٽيٽرس جي سازشن ۽ مارشلائي قوتن جي سازشن ڪري سنڌ جا ڳوٺ ان سهولتن کان محروم ٿيندا اچن . جيسين شهر ۽ ڳوٺ کي برابريءَ جي بُنياد تي تعليم، ٽرانسپورٽ، صحت ۽ ٻيو سهولتون هڪ جهڙون نه ملنديون ته برابريءَ جي بُنياد تي ميرٽ ڪيئن ايندي ۽ برابريءَ جا حق سال آف سنڌ کي ڪيئن ملندا.
    5. اهي ئي سبب هُئا ته بشمول ڊڪٽيٽرن ۽ ان جي پُٺ ڀر سياسي حڪومتن به سنڌ جي ان (ارب ۽ رورل) ڪوٽا سسٽم ۾ ايڪسٽيشن تي ڏني ۽ ڏيندا اچن پر ڳوٺن ۾ شهر برابر سهولتون ڪون پُهچايون، جيڪي اڄ به ڪمپسريءَ جي حالت ۾ اهن.
    6. سنڌ ۾ نوڪيون يا داخلائون (ڊوميسائل) بُنياد تي ڏنو وڃن ٿيون ۽ ڊوميسائل جي ڪيٽاگيري (اربن) ۽ (رورل) آهي نه ڪي سنڌي يا پناهگير (مهاجر) بيس.
    7، جڏنهن پناهگير هندستان ڇڏي پاڪستان آيا ۽ جڏنهن هڪ ڪروڙ(اڙدو اسپيڪنگ پناهگيرن) کي (پنجاب، بلوچستان، پختونخواه، ڪشمير، گلگت، فاٽا )۾ پناه نه ملي ته سنڌين پنهنجو (اڌ ڪٿي سڄو) کين ڏئي سنڌ ۾ پناه ڏني اهوئي سبب هو جو 40 سيڪڙو پناهگير ڪراچي ۽ حيدرآباد ته 60 سيڪڙو پناهگير سنڌ جي ڳوٺن ۾ آباد ٿيا. اهڙي طرح ڳوٺن جا پناهگير (رورل ڊوميسائل) ۽ شهرن جا پناهگير (اربن ڊوميسائل) جا حقدار بڻيا ۽ انهيءَ ڪوٽا تحت مرڪز ۽ صوبي جي ادارن ۽ تعليمي کاتن ۾ آهن.
    8. سنڌ جا ماڻهون ٻئي ڪوٽا سسٽم (اربن ۽ رورل) جا بينيفشري ان ڪري به ناهن جو جيڪي ٻين صوبن جا ماڻهون زوزگار خاطر سنڌ ۾ هائش ختيار ڪن ٿا انهن به پنهنجا ( سنڌ ۽ اربن) جا ڊوميسائل ٺهرائي رکيا آهن ۽ سنڌ جي ڪوٽا به هڙپ ڪن پيا ته پنهنجي صوبي جي به ته ان جو اثر به سنڌ جي سنڌي ماڻهن تي پوي ٿو. يعني انهن صوبن جا ماڻهو جيڪي وفاق تحت سنڌ ۾ نوڪريون ڪن پيا پنهنجي اولاد لاِ ٽي ڊميسائل (پنهنجي صوبي جو، سنڌ جي رورل ايريا جو ۽ سنڌ جي اربن ايريا جو) رکن ٿا ۽ اهوئي سبب آهي ته سنڌ ۾ تعليمي ۽ صحت جو قحط آهي ۽ سنڌي ماڻهون گهڻو متاثر اهن (ساءِ چند وڏيرن ۽ انهن جي اولادن جي).
    9. جي ڊوميسائل کي به شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي ڪمپيوٽر ديٽا سان منسلق ڪري ڇڏجي ۽(نڊوميسائل به شناختي ڪارڊ وانگر نادرا شو ڪري) ته (ڊپليڪيٽ يا ٽرپليڪيٽ) ڊوميسائل رکندڙ مافيا کان بچي سگبو۽ احڙيءَ طرح داخلائون ۽ نوڪريون به هر علائير ۽ صوبي کي برابريءَ جي بُنياد تي ملنديون.
    10. جي پناهگيرن ۽ متعصب ڪاروباري ٽي.وي چئنلن جي ڳالهه مڃجي ته سوال اُڀري ٿو ته جي پناهگيرن جو سنڌ ۾ اتحصال ٿيل آهي ته پوءِ هي هر چئنل تي اڪثريت ۾ ڇو، هر قومي يا صوبائي اداري ۾ اڪثريت ۾ ڇو، هر تعليمي اداري ۾ هنن جي اڪثريت تنظيم ڇو؟ ۽ سنڌي ماڻهون پوءَ تعليم ۽ صحت کان محوم ڇو؟ پوءِ سنڌي ماڻهون ئي هر وفاق، پرائيويٽ توڙي سرڪاري اداري ۽ تعليمي ادارن ۾ هُجن ها ته پناهگيرن جي اڪثريت ڇو؟ اهو سوال آهي سمجهڻو ۽ جواب ڏيڻون.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جنهن علائقي جو ڊوميسائل اُن علائقي ۾ ئي نوڪري هُجي واري پاليسي سان ڪوڙن ڊوميسائن جو خاتمون ايندو؟

    سنڌ ۾ 1947کان ئي ڪامورن هڪ سازش تحت ۽ ڀوتار ازم ۽ وڏيرا شاهي خاص طور اُنهن ، جن مارشلائي حڪومتن تحت ڪم ڪيو ۽ اُنهن جي پُڇن ۾ ويڙهجي نه صرف ڪوڙا ڊوميسائل هٿ ڪيا يا ٺهرائي، تصديقون ڪرائي مارشلائي اڳواڻن کي ڏنا جن وٽ اڄ پوري سنڌي گروي رکي آهي ۽ سنڌي ميرٽ کان 100 سالن جي وڇوٽيءَ تي ويٺو آهي

    پر جن سنڌي نمائندن، ڪامورن، نوڪر شاهي ۽ ڀوتارن عام سنڌيءَ کي محروم ڪري پنهجي اولاد کي اهڙيو تعليمون به ڏياريون اُنهن اهڙين ڊگرين جو استعمال به نه ڪيو آهي ۽ اُهي اڄ به ٻي ڪرتن ۾ آهن ۽ جاگيرداري نظام پيا هلائين ۽ عام سنڌي جاهل کان جاهل ترين ٿي اُنهن جي ظُلم جو تير بڻجي چُڪو ۽ پنهنجن جي ڇاتيءَ ۾ گهُسجي پيو. سنڌ به ميرٽ سنڌيءَ کان محروم مُڪمل برباد ۽ مُفلس ٿي وئي ۽ وڏيرا ۽ ڀوتار ڌارين جي اڪثريت اسان مٿان قابض ڪرائي سڀ وسيلا اُنهن جي حوالي ڪرائي چُڪا ۽ اسان 7000 سالن جا داعي بُنيادي ضرورتن کان به محروم رهجي ويا سون ۽نعرن تي گُذر سفر پيا ڪريون.

    سنڌ جو درد ۽ سور رکڻ وارن کان سوال آهي ته سنڌين جي سموري ڪوٽا چاهي اسڪولن ، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلاِ لاءِ هُجي ، ٻاهرئين مُلڪ جي اسڪالرلاءِ يا سنڌ صوبي ،پاڪستان جي ڪنهن به اداري ۾ نوڪري وٺڻ لاءِ ڪوڙن ڊوميسائل وارن وٽ ڇو؟ ۽ جن وٽ اصلي آهن تن ڪهڙي خدمت ڪئي آهي؟

    ڇا جن علائقن جا هُنن ڊوميسائل حاصل ڪري ڪمشنري نظام جون ، صحت کاتي، تعليم کاتي، انجنيئرنگ، سوشل يا ٻئي ڪنهن علم جو نوڪريون حاصل ڪيون ڇا آتي وڃي هُنن نوڪريون ڪري علائقي جي حالت پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان بدلائي؟ ڇا لازمي ناهي ته سرڪار کين اُتي ئي نوڪري ڏئي سنڌ جي قسمت بدلائي ڇڏي ها؟

    اهو وساري ويٺا آهيون ته ڪير به اسانکي حق نه ڏياري سگهندو ۽ جيسين ڪه اسان پاڻ اڳتي وڌي انهن سنڌي دُشمن ڀوتارن جا مُنڪر ۽ باغي نه ٿيون ته پوءِ اچو ته پاڻ مان 90 سيڪڙو غريب سنڌين مان ڪنهن ميرٽ سنڌيءَ جي واڳ وٺي اڳتي وڌون ، ڪوڙا ڊوميسائل، رد ڪرائي ۽ سنڌ دُشمن ڀوتارن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، جاگيردارن، پوءَ ڍايل ڌاڙيلن، ڪامورن ،ڦورن، مذهبي منافرت ڦهلائڻ وارن جو پڇ ڇڏي اڳتي وڌي سنڌ بچايون.

    سنڌي پنهنجي پير تي پاڻ ڪُهاڙا وهائيندڙ ، ڪنهن سان سُر سنڍيا پنهنجا ۽ ڪير احتصاب ڪندو مُهنجو ؟ آئون پاڻ ئي قاتل ۽ پاڻ ئي مقتول، آئون پاڻ ئي دائي پاڻ ئي جج . هي سڀ آئون پاڻ ئي تي ڪري رهيو آهيان . ڪوڙا سنڌ جا ڊوميسائل،پي آر سي، شناختي ڪارڊ، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ زمينن جون ڊگريون ڪير پيو ٺاهي يا ٺهرائي ڏي. سنڌيت جي دعويٰ ڪندڙن ڏاهن، ماهرن، اين .جي .اوز هلائڻ وارن،سماجي تنظيمون جوڙڻ وارن عملي ڇا اُپاءَ ورتا آهن (سوا ڪن جي) هيل تائين ۽ ڇا وٺندا آئينده. يا صرف محفلون، ميٽنگونن قائم ڪري فوٽو سيشن ڪندا ۽ پبلسٽي وٺندا.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سوال آهي سنڌ جو ! سنڌي ٻوليءَ جو ! سنڌي تهذيب جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
    ته پوءِ هر اداري ۽ انسٽيٽيوٽ ۾ موالي ڪلچر جو مسلسل فروغ ڇو؟ سنڌين مٿان موالي (ڪاموريت، ادبيت، صحافيت، سماجيت، شاعريت، صوفيت) ڇو پئي مُسلط ڪئي وڃي؟ ڇا سنڌي قوم کي مُڪمل موالي بڻائي سُمهاري ڇڏڻو آهي ته جيئن هو سدا جا ڀوتارن جا غلام بڻيا رهن ۽ سنڌ جا سمورا وسائل ڌارين جي حوالي ٿي وڃن؟
    [​IMG]
     
  5. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    زبردست، اسان ماڻهو ڪيڏا ته اڻ ڄاڻ ٿي ويا آهيون
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    وادي مهراڻ يا انڊس ويلي جو نالو هندس يا سنڌ ڇو پيو؟ هتي اسان ان جي اڀياس ڪنداسون. سولي سمجهاڻي هن ريت آهي ته :
    [​IMG]
    هڪ لاجيڪل نظرئي موجب
    جهڙي طرح گيتن جي صفت کي وڌائڻ لا اسان گرامر جو استعمال ڪري اُن ۾ (س) لفظ جو اظافو ڪندا آهيون يعني ان لحاظ سان اُن ۾ صفت (س) جو واڌا ڪري سنگيت (يعني ڀلوڙ گيت) چئجڻ لڳو ساڳي ريت دُنيا جي بهترين هنڌ (رهڻ جي جا) سنڌ ۾ (ه) کي سالينٽ ڪري (س) جي صفت ڏئي اسان هنڌ (رهڻ جي ڀلوڙ جا) ڪرڻ لاِ سنڌ چيو. مطلب ته سنڌ رهڻ جو اُهو ڀلوڙ ماڳ آهي جتي دُنيا جون قومون اچي آرام پسند ٿينديون آهن جيئن دُنيا جا پکي موسمن جي تبديلي ڪري طويل سفر ڪري سنڌ جي جهيلن ۾ اچي پناهه و:ندا آهن.
    ٻيو لاجيڪل نظريو آهي آهي ته
    سنسڪرت ۽ فارسي ڄاڻون اکر (ايس) سنڌ لا، کي اکر (ايڇ) هند لا جي اُچار سان پڙهندا آهن ۽ اکر (ڌ) اکي (د) پڙهن ان ڪري (هندس) در اصل (سنڌس) آهي ۽ هندستان درحقيقت سنڌستان آهي . ته سمجهڻ گهرجي ته هندستان (هندن جي رهڻ جي جڳه نه) پر (سنڌين جي رهڻ جي جڳه )آهي. پو وقت جي ڪاٿي ڪرڻ وارن برصغير کي ٻن اسٽيٽس (سنڌ ۽ هند) بڻائي پنهنجي وُجود کي برقرار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ انڊس سولائيزيشن جي ليگسي کڻي هلندڙ نه صرف اڄ جي سنڌ آهي پر هند به آهي. جيڪا تبت کان شروع ٿي ڪشمير تائين پنهنجي تهذب، روايتون ۽ ڪلچر کنيو هلي. پنج آب به در اصل سنڌ ئي آهي جو پنجاب (پنج آب) پنج دريا مُڙي سنڌ (انڊس) جي پاڻي سان ڀرجن ٿا ۽ انهي پاڻي جي گرد وسندڙ قومون ئي انڊس سولائيزيشن (سنڌو)جو حصوآهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي سان مشهابيت رکندڙ ٻيون ٻوليون جهڙوڪ ڪوهاٽ جي هندڪو هُجي، پنجابي هُجي، سرائڪي هُجي يا ميمڻي هُجي، سڀ (سنڌي ٻولي جا جُز ئي آهن) ۽ سنڌي ٻولي ئي سندن امڙ آهي.

    اسان اڳتي هلي هتي هاڻ سنڌ جي هر دئور تي ريسرچ ڪري اُن جي اڀياس ڪنداسون ۽ ان کان پهرئي هتي صرف اهو سمجهائڻ لا آهي ته سنڌ سڳوري ڪيترن دئورن مان گُذري باب الاسلام بڻي هُئي.

    ا. تاريخ سنڌ عيسى عليه الصلوات وسلام جي ڄم کان پهرئين (بفور ڪرائيسٽ) جي نالي سان جُڙي ٿو ۽ سنڌ جي بُنيادي دئور جي نشاندهي هي وقت ڪري ٿو، جيڪو حضرت عيسي عليهه صلوات و سلام کان پهرئين جو هو يعني 3500 بي. سي (بفور دي ڪرائيسٽ) کان 7000 بي سي تائين. (دي اوريجنل انهيبيٽيٽس آف سنڌ)
    2. ٻيو دئور انڊس سولائيزيشن جو دئور سڏجي ٿو جيڪو 1000 بي. سي کان 3500 بي. سي جو آهي.
    3. تاريخ سنڌ جو ٽيون دئور 850 بي سي کان 1050 بي سي جو آهي ۽ هي دئور (ايڊوينٽس آف آريانس جو دئور سڏبو آهي.
    4. سنڌ تاريخ جو چوٿون دئور (ايپڪ ايجس آف رامائين مهابهارتيا) جو هو.
    5. سنڌ تاريخ جو پنجون دئور فارين ۽ ٻين قومن جون سنڌ تي ڪاهون جو هو جيڪو شروع ٿيو هو 519 بي سي کان.
    6. سنڌ تاريخ جو ڇهون دئور هو (جين ۽ بُدهسٽ پيريڊ) جو.
    7. سنڌ تاريخ جو ستون دئور هو جڏنهن اليگزينڊر سنڌ تي ڪاهه ڪئي هُئي ۽ اهو دئور شروع ٿيو هو 324 بي سي کان 329 بي سي تائين.
    8. تاريخ سنڌ جو ستون دئور شروع ٿيو هو 187 بي سي کان 324 بي سي تائين ۽ هي دئور سڏجي ٿو (موريا ڊائنسٽي ۽ سنڌ) جي حوالي سان.
    9، تاريخ سنڌ جو نائون دئور ۽ عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات کان پو جو هي پهريون دئور اي ڊي ( آفٽر ڊيٿ آف دي ڪرائيسٽ) سڏجي ٿو ۽ اهو دئور هو جڏنهن دُنيا جي مُختلف قبيلن جي سنڌ (بلوڙ رهڻ جي جڳه) ۾ آمد شروع ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور جي شروعات حضرت عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات (عيسوي سن) سال کان پو ٿي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 127 اي ڊي کان 283 اي ڊي تائين.
    10. سنڌ جي تاريخ جو ڏهون دئور 641 اي ڊي کان 712 اي ڊي جو هو جنهن کي (برهمڻ ڊائنسٽي) سڏيو وڃي ٿو.
    11. ان کان پو جو دئور (ڪنگ ڏاهر جو دئور) مشهور ٿيو هو.
    12. عربن جي آمد سنڌ ۾ ڪنگ ڏاهر جي دئور کان پو شروع ٿي هُئي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 711ع کان 714ع ۾ جنهن کان پو سنڌ باب الاسلام بڻي هُئي ۽ اها آمد عرب مُسلمانن جي سنڌ ۾ ڪيئن ٿي اهو اسان پنهنجي آرٽيڪل ۽ ريسرچ پيپر ۾ هن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۽ فيس بوڪ تي ٻُڌائي چُڪا آهيون (وڌيڪ تفصيل ميمن ڊاٽ ڪام تان پڙهي سگهجن ٿا) ته هندن جو مُسلمان ٿي ميمڻ ۽ شيخ بڻجڻ ۽ سنڌ جو باب الاسلام غير فرقي ۽ سچي تاريخي ۽ وقت جي ثبوتن تحت هتان ئي باب الاسلام بڻجي اسلام کي پوري دُنيا ۾ وڌيڪ ڦهلائڻ جو هو ۽ اتان ئي سنڌ جي ماڻهن جي مڪي شريف ۽ مديني شريف ڏانهن مرڪزيت رهي ۽ سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي مڪي ۽ مديني ۾ رهائش رهي.
    13. ان کان پو جو دئور ٻُڌائي ٿو ته سنڌ ۾ ڪهڙيون ۽ ڇو تبديليون آيون هيون ۽ اهو دئور (رزلٽ آف عرب انويشن آن سنڌ) جي نالي سان مشهور آهي.
    14. ان کان پو سنڌ جو اهو اهم تاريخي سفر شروع ٿئي ٿو ۽ ان دئور کي (عرب گورنرس ان سنڌ) جي دئور سان سڏيو وڃي ٿو جيڪو 715ع کان 845ع تائين رهيو هو.
    15. عيسوي سالن ۾ سنڌ جو تارخي سفر سنڌ ۾ آزاد رياستن جي قيام جي نالي سان (ان ڊپينڊنٽس اسٽيٽس ان سنڌ) جي نالي سان شروع ٿيو ۽ هي دئور پنهنجي تارخي وقت موجب 835ع کان شروع ٿي 845ع تائين پُڄي ٿو.
    15. سنڌ جي تاريخ جو سفر رُڪجي نٿو پر اڃا اڳتي وڌي ٿو ۽ اهو دئور محمود غزنوي جو دئور دهلي ايمائرس جو دئور هو. هتي هڪ ڳالهه ياد ڪرائيندو هلان ته سنڌ صرف اُها ناهي جيڪا اڄ جي تاريخي نقشي تي سڪڙجي ڏيکاري وڃي ٿي. سنڌ اوريجنل پراڻي يوناني زبان ۾ (انڊوس) جديد زبان ۾ (انڊس) جنهن مان (انڊيا) ۽ سنسڪرت زبان ۾ هندس (جنهن مان هندستان) بڻيو اها سموري سنڌ هُئي يعني دريا سنڌ (انڊس رور) جي ٻنهين ڪنارن تي ايگريڪلچر ڪري گُزر سفر ڪرڻ واريون رهندڙ قومون سنڌي ۽ اُهي ماڳ سنڌ (ڀلوڙ رهن جي جا) هُيون.
    16. سنڌ جو تاريخي سفر اڃا گهٽ ناهي ٿيو ۽ ان کان پو جيڪو دئور هو تاريخ اُن کي (سومرا ڊينسٽي) جي نالي سان ياد ڪري ٿي ۽ هي دئور 1010ع کان 1440ع تائين جو هو.
    17. سنڌ جي تاريخ جو سترهون سفر (سمان ڊئنسٽي )جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن دئور جي تاريخ 1351ع کان 1519ع جي آهي.
    18. سنڌ تهذيب ۽ تاريخ جو ارڙهون سفر (ارگون ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هي وقت هو 1524ع کان 1554ع تائين جو.
    19. سنڌ پنهنجي سفر جي اوڻيئن دئور ۾ جڏنهن داخل ٿي هُئي ته اهو دئور (تُرخان ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هن جو وقت هو 1554ع کان 1591ع تائين جو.
    20. سنڌ جڏنهن پنهنجي تاريخي سفر ۾ ويهين دئور ۾ داخل ٿي هُئي ته اهو دئور مغل گورنرس جو دئور هو (پيريڊ آف مُغل گورنرس ان سنڌ) ۽ هي تاريخ وقت هو 1591ع کان 1738ع تائين جو.
    21. هن دئور کان پو سنڌ وري پنهنجي تاريخي سفر سان ايڪيهين دئور ۾ داخل ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور کي (ڪلهوڙا ڊائنسٽي) سڏجي ۽ هن دئور جو وقت هو 1700ع کان 1784ع جو.
    22. جنهن کان پو سنڌ جي ٻاويهون تاريخي سفر شروع ٿيو هو (ٽالپر ڊائنسٽي) ۽ وقت سفر هو 1783ع کان 1843ع تائين جو.
    23. سنڌ ان کان پو پنهنجي تاريخي سفر جي ٽيويهين دئور ۾ داخل ٿي هُئ، (هن دئور کي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور دئور جي ميلاپ تحت عام ماڻهن جو دئور يعني (لائيف آف ڪامن پيپل ڊيورنگ ڪلهوڙا ۽ ٽالپور) سڏيو وڃي ٿو .
    24. انهن ٽيويهن دئورن مان گُذري تاريخي سفر ڪندي سنڌ (ڀلوڙ رهڻ جي جڳهه) هاڻ شاهه سچل ۽ سامي دئور ۾ داخل ٿي چُڪي هُئي.
    25. هن سفر کان پو ئي سنڌي هُندن ۽ مُسلمانن جو دئور تاريخي پنجويهين سفر شروع ٿيو هو جنهن کي (سنڌي هندوز) جي دئور سان ياد ڪجي ٿو.
    26. پنجويهه تاريخي سفر ڪري ۽ هندوز دئور کان پو سنڌ پنهنجو تاريخي سفر شروع ڪندي برٽش تسلط هيٺ اچي پنهنجي ڇويهين سفر ۾ داخل ٿي جيڪو (برٽش پيريڊ ان سنڌ) جي نالي سان سڏجي ۽ وقت هو 1843ع کان 1947ع جو.
    27. هن وقت سنڌ پنهنجي ستاويهين تاريخي سفر ۾ آهي ۽ خبر ناهي ته سنڌ جو ايندڙ نسل اڃا ڪيترا سنڌ جا تاريخي سفر ڪندو ۽ هن وقت جنهن سفر ۾ سنڌ آهي پنجابي تسلط جو دئور سڏجي جنهن کي (پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ پناهيري بيوروڪريسي) جو دئور چئجي ٿو.

    ته اُهي دوست جيڪي پنهنجون ٻُڌل ۽ غير تاريخي مذهبي رُجهان ۽ وقت جو ڪٿائون پنهنجي ماحول تحت بيان ڪن ٿا ٿوپڻ چاهين ٿا ۽ ڪوڙي تاريخون ۽ وقت ، مقام ۽ مذهبي عقيدا ٻُڌائڻ وارن تي لازم آهي ته هو ان جو تاريخي سفرن سان لاڳاپو ڪن ۽ تفصيل بيان ڪن ته هڪ سچي ۽ بهترين سنڌ جي تاريخ جوڙي ايندڙ نسل جي حوالي ڪجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو