سنڌ سمورو سون ! ڌاريون به اچيو کايو وڃي پو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان علاقائي لابيون ڇو؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ سمورو سون ! ڌاريون به اچيو کايو وڃي پو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان علاقائي لابيون ڇو؟
    [​IMG]
    پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻي سنڌ کي وڌيڪ زخمي ڪرڻ کان بچو ۽ ڌارين کي پنهنجي گريبانن ۾ هٿ وجهڻ جي ترغيب نه ڏيو! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

    سنڌ جا سمورا علائقا سون ۽ (اپر سنڌ، سينٽرل سنڌ ۽ لوئر سنڌ) ڪلاڪارن، فنڪارن ۽ ٽيلنٽس سان مالا مال آهن ۽ سڀني علائقن جا باشندا پنهنجي (سنڌي ميڊيا) تي مڪمل حق رکن ٿا پوءِ انهن ۾ لابيون ۽ گروپ ڇو ٺهيل آهن ۽ صرف چند ساڳيا لابين وارا ماڻهون هر ڊرامي، هر پروگرام ۾ بار بار چو ٿا گهرايا ۽ رکيا وڃن ؟ خدارا علاقائي تعصب کان بچو ۽ سنڌ ۾ علاقائي تعصب آني وڌيڪ وڇوٽيون نه وجهو !

    انهن تسلسل وارين ويساگهاتين سنڌ ۾ تباهي آڻي ڇڏي آهي ۽ انهن وساگهاتين کان بچڻ لاءِ هاڻ اسان وٽ هڪ ئي رستو بچيو آهي ۽ ڊرامي ِيا ڪنهن به ڪنهن به ايوينٽ جون ڪيٽاگيريون ٺاهيو ۽ انهن ڪيٽگيرين (فيلڊس جي سينيارٽي لسٽ ترتيب ڏئي) هر ڪردار لاءِ (علاقائي بُنياد تي لازمن ۽ سينيارٽي ليول (جنهن ميڊيا ۾ اچي پهريون پروگرام ڪيو) ٽن ٽهين (نئين ٽهي، وچولي ٽهي ۽ پُراڻي ٽهي) يعني (ٽين ايجرس، مڊل ايجرس ۽ اولڊ ايجرس) ٺاهيو جيڪا هر علاقي ۾ به موجود آهي .

    پوءِ مخصوص لابيون (ٽين ايجرس) کي ڇڏي (مڊل ايجرس) کي ان ڪريڪٽرس لاءِ ڇو ٿيون منتخب ڪن ۽ ليجنڊ ، بيسٽ پرفارمرس (اولڊ ايجرس) به موجود آهن پوءِ خاص لابين وارن (مڊل ايجرس ) جا وار مُڇيون اڇا ڪري (اولڊ ڪريڪٽرس) لاءِ ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي. سنڌي ميڊيا مان (علاقائي، ياري باشي يا پيالي ڀائي) بيس تي قائم (لابيون ۽ گروپ بنديون) ختم ٿيڻ گهرجن.

    اسڪرين تي ڏيکاريل ۽ هر منتخب فنڪارن جو اُجورو (سينيارٽي ۽ ڪيٽيگيري بُنياد تي ۽ مڪمل ڏيڻ گهرجي جنهن لاءِ (ليبر ايڪٽ 1962) ۾ جزا سزا ۽ وضاحت آهي.
    ڪنهن به چالاڪيءَ سان (پروڊيسر ، پروگرام مئنيجر يا ڊائريڪٽر) کي غريب فنڪارن جو حصو هڙپ ڪرڻ نه گهرجي.
    پي ٽي وي تي به انهن ڪيٽيگيرين کي ان لسٽ ڪري جوڙيو وڃي ۽ (پي ٽي وي تان )ڪوڙا چيڪ ۽ اڌو اڌ بُنياد تي هاڻ نه ٺهڻ گهرجن (۽ جن ماضيءَ ۾ ائين ڪيو آهي انهن جواحتصاب ٿيڻ گهرجي ۽ انصاف جي عدالت ۾ رسائڻ گهرجي) . پي ٽي ويءَ ۾ شهادتون ملن ٿيو ته جي ڪو ڪريڪٽر ناهي ته بهان جو چيڪ ٺاهيو وي آهي ۽ نه ٺهڻ گهرجي، ڪنهن ڪريڪٽر هڪ ايپيسوڊ ۾ ڪم ڪيو اهي ته ان کي پنجن ڇهن ايپيسوڊ ۾ ڏيکاري چيڪ نه ٺهڻ گهرجي اهو سراسر ملڪ، ۽ اداري سان غداري جي ضمن ۾ اچي ٿو ۽ قابل گرفت جرم پڻ آهي. هاڻ اهي سڀ ويڇا گهاٽيون سنڌي ميڊيا مان ختم هُئڻ گهرجن جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!

    پوري سنڌ (اپر، سينٽرل ۽ لوئر) جا جيڪي به فنڪار(ٽين ايجرس، مڊل ايجرس ۽ اولڊ ايجرس) آهن انهن جي ڪيٽاگيري ٺاهي ، اُجورو فڪس ڪري ان لسٽ ڪرڻ گهرجي ۽ برابري بُنياد تي پروگرامن ۾ سنڌ جي سمورن علائقن جي فنڪارن کي حصو ڏيڻ گهرجي. ۽ ان کان پهرئين جو ثبوت ڊرامن جا نالا ۽ ڪوڙن چيڪن وسيلي ڪورٽ سڳوريءَ سان لهه وچڙ ۾ اچجي، انتباه آهي ته سنڌي ميڊيا تان اهي ويسا گهاتيون ختم ٿيڻ گهرجن. اسان نٿا چاهيون ته سالن کان مسلسل هلندڙ اهڙن ويسا گهاتين جا نالا پبلڪ يا پبلش ڪريون جو (آسمان ۾ ٿڪبو ته مُنهن ۾ لڳندي) ۽ راه راست اچڻ جو موقعو ڏيون ٿا جو سوال آهي سنڌ جو! جيڪو ٿيو سو ٿيو هاڻ ٻيائيون نه هُئڻ گهرجن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو