سنڌ جي تعليم نظام ۾ رڪاوٽون ڪهڙيون ۽ وجهڻ وارا ڪير؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! سوال آهي سڌ جو! هر ادارو ۽ ادب موالي فري هُجي ته سنڌ واپس وري سگهي ٿي. سنڌ جو ساڳيو بهتين تعليمي نظام وري سگهي ٿو!
    [​IMG]
    سنڌ ۾ جهالت، لُٽ ڦُر غلامي ۽ انڌيرن جو ڪارڻ هڪ واحد جيڪو سبب رهيو آهي ُاهو آهي سنڌ ۾ تيزيءَ سان ڦهلجندڙ موالي ڪلچر. جنهن جي شروعات عجمين ڪئي يعني (عباسي، ميرن ۽ نادرشاه پنهنجي گهوڙن جي سُڀن سان) جن سنڌ ۾ ڪاهن کان پوءِ سنڌي جي وات ان اڄ تائين هر ايذا لاءِ (گهوڙي ڙي... گهُوڙا ڙي) جيڪو ندرشاهي تحفو ۽ اڳتي هلي ڀوتاري پيري مُريديءَ ۾ تبديل ٿي ويو. سنڌي قوم کي مغلوب رکڻ لاءِ، سنڌي بهادر قوم کي غلام ڪري سندن وسيلن تي قابض رهڻ لاءِ کين نشن جو موالي ڪري سُمهاري ڇڏيو ۽ پوءِ ان جي تسلسل لاءِ ڪن نيڪو ڪارن کي موالي ڪري تواريخدان، اديب، شاعر، مفڪر ، پير، فقير، صوفي، وغيره (جن کي درٻاري چئون) پئدا ڪيا ۽ سنڌين ماڻهن مٿان ،وڏيرا شاهي جي ڏاڍ ۽ ظلم سان ملي ٿوپائي ڇڏيا ته جيئن باب الاسلام سنڌ جو سنڌي ماڻهون انهن بُراين (موالي ڪلچر، ڌاڙيلي ڪلچر) مان آجو نه ٿي سگهي. پوءِ انهن ڀوتارن پهريون سڌو حملو تعليم نظام تي ڪيو ۽ سنڌ جا اسڪول موالين ۽ گڏهن جا آستانا بڻجڻ لڳا ۽ بنگ پيئڻ وارا ٿاڌلي ماستر (ذاتي نوڪر، بورچي، ڊرائيور ۽ ڪمدار) سنڌ جي نسل مٿان هر اسڪول ۽ اداري ۾ مقرر ڪيا جن وسيلي پوءِ ٻيون سماجي بُرايون ٻالڪپڻ کان ئي ۽ نئين ٽهيءَ جي سنڌي نسل ۾ وجهڻ شروع ڪيون ۽ اهو مشن مڪمل ڪري انعام خاطر پوءِ کين (گوسڙو يا گهوسڙو ) ادارن ۾ به پُهچايو ويو جتي انهن وسيلي بُرائي جي ترغيب ٿيندي رهي. ته ڪو ديسي موالي ته ڪو ولائتي موالي . هاڻ انهي (موالي ڪلچر )کي ماڊرن شڪل به ڏنل آهي. ته جيسين سنڌ گهريا سچا ماڻون پاڻ ۾ ملي جُلي سڀ کان پهرئين اسڪولن، ادارن، سماج، سوسائٽي، اوتارن، پيرن، درويشن، ولين جي مزارن تان ۽ سياسي پارٽين ۽ خاص طور ادب جي صنفن وغيره مان (موالي ڪلچر ) جو خاتمون نه آڻيدا سنڌي ماڻهن جو اُٿڻ ۽ سچي سوچ رکڻ ڏکيو عمل هوندو. سنڌ تعليمي ميدانن ۽ هر ترقي ۾ رُڪاوٽ واحد موالي ڪلچر آهي. جيسين اهو ناسور جڙ مان نه ڪڍبو سنڌيءَ جو سڌرڻ ڏکيو اهي جو ان موالي ڪلچر جون پاڙون هر اداري ۾ پختيون ڪيل آهن ۽ اڄ جو نئون نسل سڌو سئون بنا سوچي سمجهي ڌُو ٿو ڪري. ته پهرين موالي ڀڄايو! سنڌ بچايو ! ڇو جو ، نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! سوال آهي سنڌ جو. ته ڪئنسر (موالي ڪلچر) جي پاڙ ڪڍي ڦتو ڪريو ته سنڌ جا سڀ عمل دُرت ٿي ويندا هاڻ ته گهر گهر موالي ويٺو آهي ! ڪو ديسي ٺري جو ته ڪو ولائتي ري جو ! ڪو ٻيڙيءِ جو ته ڪو سگريٽ جو! ڪو سُلفيءَ جو ته ڪو ڀنگ جو! هاڻ ته اديب ۽ شاعر به جيسين نشو نٿو ڪري ادب ۽ شاعري نٿو ڪري.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 مئي 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو