سنڌ جي تعليم

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد صادق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2015۔

  1. محمد صادق سومرو

    محمد صادق سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    السلام عليڪم اسان جي ڳوٺ سومرا پنهواري تعلقه پنوعاقل ۾ 2010 کان مڊل اسڪول جي عمارت بڻيل آهي پر افسوس جو اسٽاف نه هجڻ جي ڪري اهو موالين جو اڏو يا وڏيرن جي ڪمڌارن جي بيٽهڪ بڻجي چڪو آهي ڪامورن توڙي سرڪاري آفيسن ڏانهن ڇڪر هڻندي هڻندي هيترو وقت گذري چڪو آهي پر واهر نه ٿي سگهي آهي ۽ هاڻي وقت اهو هلي رهيو آهي جو بغير ناڻي جي ميڊيا به اسان جي مسئلي تي آواز نه ٿي کڻي من اوهان ڪجه ڪيو ان جي ڪري داستان بيان ڪئي اٿم .اميد تي دنيا قائم آهي.
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا صرف توهانجي ڳوٺ جو اهو حال ناهي تقريبن سڄي سنڌ جو اهو حال آ ، اسانجي شهر وارھ ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي شاندار عمارت ٺهي ۽ وري ان لاءِ ٽرڪيون ڀرجي ڪمپيوٽر فرنيچر آيا مگر افسوس جو پر ٻاهرو اهو سارو سامان ڪامورن جي نظر ڪرم ٿي ويو ۽ صرف هڪ ڏينهن به ڪاليج ڪو نه هلي سگهيو ٻوڏ ستايلن کي ڪجھ عرصو ان عمارت ۾ رهايو ويو ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول وارھ جو به ساڳيو حال آهي ، انجي بجيٽ ۽ عملو به آهي مگر اها عمارت به ويراني جو شڪار آهي ، ڪنهن در ڏيون دانهڙي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو