محمد صادق سومرو
سينيئر رڪن
السلام عليڪم اسان جي ڳوٺ سومرا پنهواري تعلقه پنوعاقل ۾ 2010 کان مڊل اسڪول جي عمارت بڻيل آهي پر افسوس جو اسٽاف نه هجڻ جي ڪري اهو موالين جو اڏو يا وڏيرن جي ڪمڌارن جي بيٽهڪ بڻجي چڪو آهي ڪامورن توڙي سرڪاري آفيسن ڏانهن ڇڪر هڻندي هڻندي هيترو وقت گذري چڪو آهي پر واهر نه ٿي سگهي آهي ۽ هاڻي وقت اهو هلي رهيو آهي جو بغير ناڻي جي ميڊيا به اسان جي مسئلي تي آواز نه ٿي کڻي من اوهان ڪجه ڪيو ان جي ڪري داستان بيان ڪئي اٿم .اميد تي دنيا قائم آهي.