اڄ 21 مئي آهي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ اچي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي وُجود ، موجودگي ۽ زنده سنڌي قوم هُئڻ ۽ ڪراچي شهر ۾ ٻين قومن وانگر پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ ۽ اهو تاثر ڏيڻ لاءِ به ته توهان رات جا اوڄاڳا ڪرڻ باوجود، پنهنجي مُنهن تي برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي اُٿي چُڪا آهيو، ۽ اُهي موالي دوست ، اداڪار، ڪلاڪار، ليکڪ، اديب، شاعر ،۽ سنڌ جا ڏاها سڏائجندڙ ، جيڪي روز مره جي عادت جيان (واپرايل ڀنگ ، ٺري ) ۽ اوتارن ، اوطاقن ، ولين، درويشن ۽ بُزرگن جي مزارن ويجهو قائم ڪيل نشائين جي يونيورسٽين کي ڇڏي هاڻ بلڪل فريش ٿي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ ميدان تي لهندا ته ياد ڪريو ته:
    اڄ 21 مئي آهي ! ته شام جو 8 بجي تائين (آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي سنڌ) ۾ اچي وڃو! ،
    سنڌ ۽ سنڌي سنڌي ٻولي سان وفا جو عملي ثبوت ڏيو ۽ اچي هي اسٽيج ٿيٽر ڏسڻ نه وساريندا. مهرباني ڪري پاڻ سان پيپسي ۽ ڪوڪا ڪولا يا منرل واٽر ۾ مڪس ٿيل شراب (ٺري) جون بوتلون اسٽيج پلي ڏسي واپرائڻ لاِ نه آڻيندا، قوم کي بيوقوف نه سمجهندا. جو هي مڪمل فيملي شو آهي ۽ سوال آهي
    سنڌ جي عزت جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    [​IMG]
    هيءَ دعوت عام آهي . جي سچا سنڌي ۽ سنڌيت جا دعويدار آهيو ته سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي موجودگيءَ ۽وُجود جو احسا ڏيارو . ڇو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! ڇو جو توهانجي پنهنجي غفلتن، سستين، ننڊن ۽ آرامي پوڻ ڪري هاڻ سموريون ڌاريون قومون ۽ صوبا تيزيءَ سان توهانجي سنڌ تي يلغار ۽ قبضي ۾ ڪرڻ ۽ انهن جي ريسورسز کي هٿيائڻ لاءِ ميدان تي نڪري نروارا ٿي چُڪا آهن ۽ توهانجي مينارٽي ۽ پنهنجي ميجارٽي ثابت ڪرڻ لاءِ انڊيا، سائوٿ افريڪا، بنگلا ديش، نيپال، برما ۽ ٻين مُلڪن مان اڳئي ماڻهون اميگرينٽ ڪرائي، ڪوڙين ڊاڪومينٽس ، بلدياتي ،اسڪولي، ڪاليجي سندن، ڪوڙن شناختي ڪارڊن، ڊوميسائلن، ڊگرين سا توهانجي فيڊرل ۽ صوبن جي نوڪري ۽ داخلائن جي سموري ڪوٽا ، سنڌ جا سمورا ريسورز بجلي ۽ پاڻي اڳئي مُفت هٿيائي به متعصب اڙدو ميڊيا جي وسيلي واويلا ڪري توهانکي دُنيا جي نظرن ۾ ڪيرائي حقير ڪري پيش ڪري رهيا آهن ته مشتري هُشيار باش! جي نشن (موالي ڪلچر) مان نڪري چُڪا آهيو ته پنهنجي زنده هُئڻ ۽ وجھود جو احساس ڏياريو. سنڌ بچايو، سنڌ جا ريسورسز بچايو ! ڇو جو سوال آهي هاڻ سنڌ جي بقاءَ جو ! نه ٽونهنجو ! نه مُنهنجو !

    جي توهان سنڌ جي شهر ڪراچي ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ رهو ٿا ته 21 مئي تي رات جو 8 بجي کان پهرئين آرٽس ڪائونل ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سموري ڪٽنب (فيملي) سان گڏ اچي سيٽون ولاريو متان پوءِ توهانکي هي اسٽيج ڊرامون بهي نه ڏسڻون پوي جيڪو ٺيڪ 8 بجي شروع ٿي ويندو. ته ڪنهن به صورت ۾ رات جو 8 بجي کان پهرئين اچي پنهنجون سيٽون سنڀاليو.

    خدارا هوش ۾ اچو ! متعصب ميڊيا ، انهن جي جهڙتو اينڪرن ججهموريت دشمن گهرايل مهمانن ۽ سنڌ دشمنن جي سازشن تحت ڪاٺي ڪاٺي ٿي هڪ ٻئي جا دُشمن نه بڻجو جن جو سمورو زور توهانکي اڪليت ۾ ڪري توهانجي وسيلن تي قبضو ڪرڻو اهي.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه توهانجو ! نه اسانجو!
    معتبر ذريعن موجب ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي پروگرام مئنيجر محترم (خير مُحمد کيڙو) پنهجن ساٿين ۽ سنڌ جي گهڻن مهان اداڪارن سان بشمول خاص محترمان (علي گُل ملاح ۽ سُهراب سومرو) ۽ ٻين جي ڪاميڊي اسيج ناٽڪ (شادي شان واري )ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ 21 مئي تي پيش ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. دوستئو ! توهانجو اهي سڀ ڪاوشون نه وسرندڙ ۽ قابل ستائش آهن جنهن لاءِ يقينن اوهان مُبارڪن جا مسحق آهيو.

    سڀ ڪُجهه بهتر ! ته توهان وري سنڌي ناٽڪ کي اسٽيج تي آندو پر اهو ڌيان نه پيا ڏيو ته ڇا اهي پيش ايندڙ ناٽڪ اڳ لکيل ۽ ڪيل ناٽڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهن ۽ ڪا سمجهاڻي، ڪو اصلاح يا ڪو مطلب يا مفهوم رکن ٿا ؟ ۽ ڇا اهو سڀ ڪُجهه جيڪو ڪيو پيو وڃي يا ڏيکاريو پيو وڃي اهو فن اداڪاريءَ ۾ اچي ٿو يا رُڳو عاشقي معشوقي ۽ اجايو بمقصديت وارو ڇڇور پن آهي؟ ڇا اوهان سنڌ ۾ ناٽڪ نويسي ٿيڻ جي شروعات، ڪارڻ ۽ اسڪرپٽ پڙهيا به آهن ته اسانجا اڳيان اسٽيج تي ناٽڪ ڇو ۽ ڪيئن پيش ڪندا هُئا ؟ اداڪارن جي پرفارمنس ڪيئن هُئي ڀيٽ ضرور ڪجو. متان ائين لڳي ته اسانجا ناٽڪ پنجاب اسٽيج ناٽنگن وانگر فحاشت جهڙي گفتگو جي فروغ ته نه پيا ڪن. آئون هتي توهانکي سنڌ ۾ ناٽڪ نويسي جي تواريخ، ڪهاڻي ۽ پيش ٿيندڙ ناٽڪن جي لسٽ ڏيان ٿو ته پڙهي ڏسو ته ڇا اسان اهڙا معياري ناٽڪ پيش پيا ڪريون جيڪي سنڌي ماڻهن لاءِ عزت وارو پيغام ڦهلائين پيا.

    بهتر ناهي ته اڳيان هلي هاڻ ااسان اسٽيج ناٽڪ جي سنجيدگيءَ کي محسوس ڪريون ۽ ايڪٽرس کان ڇڇورپن ڪرائڻ بجاءِ سنجيده ۽ گهربل پرفارمنگ ايڪٽ ڪرايون. ڏسندڙن لاءِ اسانجي هٿن مان نڪرندڙ مسئلن ۽ علم طرف اشوز ڱي لکارائي ، اسڪرپٽن کي ڊراما ٽائيز ڪري قوم کي ڪو سُڌرڻ جو دڳ ڏياريو ن. اوهان ڇو نٿا سنجيده ناٽڪ لکو ۽ پيش ڪريو ڇا اسان وٽ سنجيده ايڪٽرن ۽ لکارين جي کوٽ آهي؟ اوهان ڇو نٿا سنجيده پروگرامن ۾ به اڳيان وڌي اچو جو هاڻ سنڌ سان کل ڀوڳ، مذاح مسخري، ٽرڙپائي تمام گهڻي ٿي چُڪي، جنهنڪري هن وقت سنڌي سنجيده هُئڻ بجاءِ ٽرڙو بڻجندو پيو وڃي. جنهنڪري 90 سيڪڙو سنڌي اڄ پنهنجي زندگي آمذاق، مسخريءَ ۾ ۽ هڪ ٻئي سان ڇٿرن ۾ گُزاري ٿو يا بيڪار ٿي موالي، ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر طرف اڳيان نڪري آيو آهي .

    ته هاڻ هن قوم کي دڳ ڏيڻ لاءِ به اڳيان وڌي سنجيده اداڪار هٿ ڪريو سنڌ جو ميدان ڀريل آهي ۽ سنجيده ۽ نوان علم تي جديد سائنس ۽ علم سان وابسطا ليکڪ چونڊيو ۽ اُنهن ئي مضمونن ي مُبني ڊرامان به اسٽيج ٿيڻ کپن . آخر سنڌي رُڳو مسخرو، موالي، ڌاڙيل ته ناهي ۽ اُهو جيڪو 7000 سالن کان پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر کڻندو اچي ۽ توهان کيس رُڳو فاحش، عاشق، معشوق، موالي ٽرڙو ۽ مسخور بڻائي ڇو ٿا پيش ڪريو. اها سنڌي ماڻهن سان زيادتي آهي جيڪا هڪ ٺرڪي طبقو پيو ڪري.

    هاڻ ڪا نواڻ ۽ نئين ڳالهه يا اشو اچڻ ۽ لکڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهون به اڳيان نکري اچي . سنڌي ٽيليويزن تي به ته توهان ڇڇورپن ۽ ڇڇورن جي ڀرمار مچائي ڇڏي آهي اهو ڪيستائين هلندو نوان ڇڇورا ۽ چاڪليي عاشقي معشوقڏ رتيب سان اڳيان آڻي پالش ڪريو ۽ شرابي ڪبابي، موالي چور سپاهي ، وڏيرو ۽ ڪمدار اسڪرپٽس کان جان ڇڏايو ان تي گهڻو لکيو ۽ پيش ڪيو ويو آهي ۽ نتيجن ماشاالله هاڻ توهانجي مهربانيءَ سان 80 سيڪڙو سنڌي خاص طور نئون اُڀرندڙ نسل ۽ گهڻي آبروءَ سان پورو نسل بگڙي موالي ڊسڪو ۽ عياش ٿي ويو آهي ايستائين جو هاڻ اسانجون ايڪٽريسز به کُلم کُلا سگريٽ ۽ چرس جا سوٽا ڀرين پيون ۽ اسان جا ٺرڪي، چڍا ۽ ٽي شرٽون پائي وات مان رال پيا ڪرائين ۽ اهو به سينيئرس جي سامهون کُلم کُلا بغير حيا ۽ شرم جي ۽ غير موالي سندن مذاق جو نشانو به ۽ اُهي ئي نمائش لاءِ گهڻي قدر ڊرامن ۾ اڳيان آڻي پيش ڪجن پيون ۽ فيس بوڪ تي به ماشالله انهن جو قبضو ٿي چُڪو آهي ۽ هر ٺرڪي سنڌي اُتي ئي لائيڪس ۽ ڪامينس پيو ڏي ۽ سوڀ ماڻي.

    ته ڇا چئون ه هاڻ اصل آرٽ (ڪلا) يعني (پرفارمنگ آرٽ) سنڌين کان مان موڪلائي ويو آهي جو رُڳو ٽرڙپائيءَ تي ۽ بيهودا گفتگو ي زور آهي ۽ ڌسجي پيو ته سنڌ ٽيليويزن انڊسٽري ۾ به، رُڳو فحاشت، موالگيري، دانهون، ڪوڪون ،اجائي بڪواس ۽ ٽرڙپائيءَ وارا اسڪرپٽ ۽ ڊرامان ، مسخريون وغيره به ڌوم پيا مچائين پر قوم جي ڪروڙن اشوز تي ڪوبه اصلاحي اسٽيج يا ٽيليويزن ڊرامون نه پيو لکجي ۽ نه پيو ڏسجي.

    خدارا هاڻ سنڌي قوم ي رحم ڪريو علمي اشوز ڏي به توجه ڏيو هاڻ گهڻو ٿيو ! دانهن ڪوڪن واري گجگوڙ ڪندڙ اداڪاري، ڪلاشنڪوف، باڊي بلڊنگ، ڊگهن قدن ۽ پوڙهن هيرن کان سنڌ بچايو، علمي ۽ مقصدي وارا اسڪرپٽ ۽ لکياري اڳيان آڻيو انهن جا اسڪرپٽ ڊراما ٽائيز ڪريو ! اڃان ڀلا ڪيترو سنڌ جو خانو خراب ڪندئو ! ته ان بدحالي، بيشرمي، فحاشي گفتگو (ڊاکلاگس) جو ذميوار ڪير آهي ! فيصلو پاڻ ڪريو جو سوال آهي هاڻ سنڌ جو! نه توهانجو نه اسانجو !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو