• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته سسڪو سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ نيٽ ورڪنگ سکون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
11329989_10206490663366168_5493413810543989029_n.jpg
 
ادا توهان کي هن جو ويڊيو ٺهڻ گهرجي ته جيئن اسان جهڙن ماڻهون کي به فائيدو ٿئي جيڪي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪمزور آهن اگر مان اوهان جو هي سڄو موضوع پڙهان ته يقين ڪيو منهنجي رات ان موضوع ۾ گذري ويندي :D
 
وڊيو؟ دوست عامر چاچڙ ! اها ڳالهه سمجه ۾ نه آئي. ادا تڙ تڪڙ ۾ نه پر هرسلائيڊ کي ڌار ڌار ڏسي سمجهي ۽ غور ۽ فڪر ڪري سمجهڻ سان ئي نيٽورڪ سمجهي سگهجي ٿو. هي بُنياد آهي انٽرنيٽ ۽ نيٽورڪنگ کي سمجهڻ جو. ٻيو ته ادا انگريزي ۾ لکان ٿو ته دوست زور ڀرين ٿا ته سنڌي ۾ لکو ۽ توهان وري! ۽ هي ٻي ڳاله توهان ڪهڙي ڪئي (سڄي رات گُذري ويندي؟) ! ۽ اُها به هڪ سنڌي ٿو چئي حيرت ورتي ! سنڌي ماڻهون جنهن وٽ شايد دُنيا ۾ گهڻو فالتو ٽائيم هوندو آهي ۽ جيڪو گُزارڻ لا پيرن ميرن ۽ شاهن جون اوطاقون، شهر ڳوٺ جون هوٽلون، ٻيون فالتو محفلون ڪچهريون، ڳوليندو آهي ۽ جي نه ملنس ته يا ڪنهنجي فالتو صندل ۽ دُڪان تي ويهي ايندڙ ويندڙ ڳاڏيون ڳڻيندو آهي يا تنهائي جو مزو وٺڻ لا ڪنهن بُزگ، ولي الله يا درويشن جي مزارن گرد قائم ڪيل اوتارن ۾ وڃي وقت گُذاريندو آهي. ۽ پو غلط صحبتون پنهنجي ڳچي ۾ وجهي ، سگريٽ پيئڻ کان شروعات ڪندو، سُلفي جو فوڪ ڀريندو، ڀنگ جو وارو وٺندو ، ۽ پو ڪچي شراب واپرائڻ ۾ ڦاسي علم ۽ شرافت کان گهڻا ڪوه ڏور ٿي ويندو ۽ ان علت ۾ پئجي اُنهن 80 سيڪڙو موالين جو يار غار ٿي ويندو۽ ڀنگ ٺرو پي (جيئي سنڌ، جيئي سنڌ ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون) جا غير عملي نعرا هڻندو. جن اسانجي سماج ۽ سوسائٽي کي تباه ڪيو آهي. حيرت آهي انهن سنڌين کي علم پڙهڻ لا پنهنجي رات ۽ وقت وڃاجڻ جو فڪر آهي؟
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top