سنڌ ۽ وڏيرو نظام

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سنڌي عوام طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2015۔

  1. سنڌي عوام

    سنڌي عوام
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 مارچ 2014
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    65
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جيسيتائين وڏيرڪو جاگيرداري ، نظام ختم نه ٿيندو تيسيتائين سڌارو ممڪن ڪونهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ان ٽاپڪ تي سنجيده بحث ٿيڻ گهرجي.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    خدارا پاڻ سان گڏ نانگ کڻي نه هلو ! چوندا آهن ته جتي نانگ ڏسو چچري ماري ڇڏيوس ته موالي به سنڌ ۽ سنڌين لاءِ نانگ مثل آهن، انهن جي دوستين تي فخر ڪرڻ بجاءِ جتي ملنوَ چچريون نه ته هو توهان جي سنڌ ۽ سنڌي ميرٽ ۽ غيرت کي چچري ڇڏيندا . شخصيتن جي تبديلي نه ! نظام جي تبديليءَ جي ڪوشش ڪريو ! ۽ نظام ۾ ٽي رُڪاوٽون آهن (موالي ڪلچر، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر) جيڪو ميرٽ سنڌي پئدا نٿو ڪرڻ ڏي ته انهيءَ نظام خلاف اُٿي کڙا ٿيو ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو! موالي مُڪائيو ! سنڌ بچايو.

    ادا اڄ جي سنڌ جي حالت جو واحد ذميوار رُڳو (زرداري) ناهي ! ڇو جو شروعات ته اُنهن ئي (پيرن، شاهن، رئيسن، جاگيردارن، وڏيرن) ڪئي جن سنڌ کي ڊڪٽيڙن (ضياءُ ۽ مُشرف) جو ساٿ ڏئي ۽ اُنهن جي هُش تي سنڌ ۾ تباهي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ، موالين جون فيڪٽريون، اوتارا ، پيرن ولين ۽ بزرگن ۽ درويشن جي مزارن گرد نشن جا اڏا ۽ يونيورسٽيون ۽ پنهنجن اوطاقن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ ولائتي شراب يا ٺرو رکي ۽ ٺهرائي سنڌي قوم جي نشل ڪشي ڪئي آهي (اڄ به موجود اهن) ۽ موالي ڪلچر آڻي پنهنجي موالي مُريدن جي ڪري سنڌي قوم جي ترقيءَ جي راه ۾ رُڪاوٽو وڌيون ۽ اڃا به وجهي. يتيمن، بيواهن، واڻين، ميمڻ ۽ شيخن جي گهرن ۽ زمينن تي قبضو ڪري کين ڳوٺ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ڌاڙيل پئدا ڪري کين خوف ڏئي ابن ڏاڏن جا قبرستان ۽ گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ شروع ۾ ڏن وٺڻ شروع ڪيا هُئا، ته فحاشي ، لوفر پائي ، ڪچي شراب جو ٺهڻ ۽ وڪرو عام ڪئي وئي.۽ پوءِ ان جو فائدو ڏسندي ٻيا سدورا سنڌي به ان ميدان ۾ گهڙي پيا ۽ اڄ 80 سيڪڙو سنڌي موالي آهن. کاتو کولي ڏسو نهن پيرن، شاهن ، ميرن ، وڏيرن ، رئيسن ۽ جاگيردارن وٽ پنهنجو ڪجه به ڪونهين، هٿين خالي سنڌ ۾ آيا هُئا ، هي جيڪي مال متاءُ اٿن اهو سڀ واڻين، ميمڻن ۽ شيخن جو قبضي ۾ ڪيل آهي . هن وقت مواليت ۾ علم ۽ جهالت جو قيد ڪونهين، ڇو جو گهوسڙو استادن کان علاوه ناميارا اديب، شاعر، ليکڪ ته ٺهيو پر هاڻ پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ ادارن جا سربراه به ان علت ۾ گهرجي چُڪا آهن. ته جنهن قوم کي صدين کان يعني (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي دئور کان) نشو پياري پنهنجو غلام ڪري سُمهاريو ويو آهي ۽ نه مڃڻ تي نادرشاهي گهوڙن سان مُريدي قائم ڪري غلام رکڻ لاءِ چيچاڙي (گهوڙا ڙي..گهوڙا ڙي.. مري ويس) جون پيڙهون ڪڍايون اُهي بري الذمه ڪيئن ٿا ٿي سگهن، اُهي ته زرداريءَ کان وڌ ظالم ۽ سنڌي ماڻهن جا اصل دشمن آهن ته اُها سنڌ جيڪا 711ع ۾ اسلامي مرڪز بڻجي وئي هُئي پوءِ 80 سيڪڙو نشن ۾ وجهي غلام بڻائي وئي ته نشن ۾ ورتل قوم ايترو جلد ڪيئن اُٿندي. هاڻ ته پنهنجي چوڌاري کڻي ڏسو ! سوٽ بُو ۾ ويڙهيل ۽ فارين ڊگرين سان به اوهانکي موالي ملندو، اوهانجو دفتري ماحول هُجي، جرنلزم يا ميڊيا جو ادارو هُجي، ادب، ڪلچر، تهذيب، شاعريءَ جا مرڪز هُجن توهانکي اُتي موالي ليڊ ڪندو نظر ايندو. موالي ناهيو ته توهانجي ميرٽ ۽ ڊگريون فُضول اهن ڇو جو موالي ئي آسانيءَ سان توهان جي ڀوتارن لاءِ فحاشيءَ جو بندوبست ڪري سگهي ٿو، ڀوتارن لاءِ ڌاڙا هڻي کين ڪمائي کارائي ٿو، رشوت يا ٻي ڪوڌا ڪم وٺي ، غير سنڌين کي ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ، غير مُلڪين ڪي ڪوڙا شناختي ڪارڊ، ريونيو جا ڊاڪومينٽ ٺاهي ڏيڻ ۽ سنڌ جي زمينن کي قبضو ڪري غير مُلڪين بلڊرس کي وڪڻڻ جي موالي آسانيءَ سان ڪري سنڌي وڏيرن، ڀوتارن، واپارين ۽ جاگيردارن جو ڪمدار ته ٿئي ٿو ، ڳولي ڏسو اهي سڀ ڀوتارن جا ذاتي نوڪر، پٽيوالا، ڊرائيور ۽ چوڪيدار آهن ، انهن جي ڊگرين کي نه ڏسو اهي سڀ يا ڪوڙيون يا ڪاپي ڪلچر وسيلي ورتل آهن ، ته انهن ج ڪهڙو اسٽينڊرڊ ،جيڪي ايڏيون وڏيون ڊگريون رکندي پرائمري ليول جي لکت يا ڪميونيڪيشن يا ڪرت به نه ڪري سگهن ته ڊگري هولڊر ٿيڻ جو فائدو ڪهڙو ته اُهي سواءِ وڏيرن جي ڀڙوت ۽ غريب ماڻهن کي لُٽڻ کان سواءَ ، ميرٽ وارن جو جڳهيون ولاري يا اسڪين بهاني ڪري ڪوڙا ۽ رشوت تي آرڊر ڏئي ۽ وٺي ادارن ۾ آيا آهن ته پنهنجي ميرٽ جو خاتمون آڻجي ته اهڙن کي سنڌ ۽ سنڌ جي ادارن جي غيرت جلد ته نه ايندي نه. بس دُعا ڪريو جيسين سنڌ ۽ سنڌ جي ادارن مان موالين جو خاتمون ٿئي، ڇو جو جيسين موالي موجود آهي سنڌ نه خوشحال ٿي سگهي ٿي، نه ترقيءَ جي راه تي هلي سگهي ٿي. سنڌ بچائي آهي ته چوڌاري قائم موالي مُڪائو ! اوتارا ۽ درويش، بُزرگن، ولين جي مزارن جي گرد قائم اوتارا يونيورسٽيون ختم ڪريو. مُنهجي اڀياس آهي ته واڪا ڪندڙن مان اڪثر موالي آهن جيڪي ڀوتارن جي اشارن تي ۽ جيڪي پنهنجي بچاءَ لاءِ سنڌ ۾ مصيبتن جو اجتمائي مقابلو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سياسي راند پيا کيڏين ۽ ڳالهه جو رُخ پيا تبديل ڪن. ته موالين کي پنهنجي صفن مان ڪڍو ته سنڌ خوشحال ٿي سگهندي نه ته ائين ئي واڪا ڪندا رهندا ڪو کڙ تيل ڪونه نڪرندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 مئي 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو