Sindhi Media
سينيئر رڪن
رُڳو سنڌ جي ليڊر شپ۽سنڌي ماڻهن کان نفرت۽انهن جو ميڊيا ٽرائل ڇو؟1971دُهرائجي پئي يا ايم آرڊي تحريڪ؟جو گيسٽ ته ڊڪٽيٽرن جا ساٿي آهن
هن وقت مسئلو صرف زرداريءَ جو پيپلزپارٽيءَ جي ليگسي کڻي هلڻ يا پيپلز پارٽيءَ کي گروپبندين ۾ ورهائڻ جو يا سنڌ جي بدحال ۽ بدانتظاميءَ جو ناهي ! لڪيل مسئلو آهي شاهوڪار سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جو ۽ ڦٻائڻ جو يا ڪالا باغ ٺهرائڻ جي ڳاله مڃائڻ جو. ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته هن وقت سنڌ جي قيادت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ليگسي زرداري ئي کڻي پيو هلي ڇو جو اسان وٽ طاقتور سنڌ دشمنن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ نه ڪا ٻي قيادت موجود ناهي ۽ نه ئي تيار، دعويدار ته هر ٻاهرين پارٽين جو (جن کي سنڌ دشمن قوتون) سمجهبو هو اُتان چڪري هڻي واپس بي آبرو ٿي ماڳ موٽي آيا آهن ۽ اسان وٽ قابل اعتماد ٻي قيادت به ناهي يا نئي سليڪشن جو آپشن ،جيڪو نه صرف سنڌ ۽ ان جي وسيلن تي اکيون رکندڙ سنڌ دشمن قوتن کي مُنهن ڏئي سگهي. هتي مسئلو سنڌ جو آهي جنهن تي ۽ جنهن جي وسيلن تي 1947 کان ڪُجه سنڌي وڏيرن جي معرفت (جن سنڌي قوم کي نشائي بڻائي غلام ابن غلام بڻايو آهي) مختلف قوتون سنڌ جي وسائلن تي قابض ۽ حاوي ٿيڻ چاهين ٿيون.
۽ اهي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هلندڙ ئي سنڌ دشمن وڏيرا ئي اصل سنڌ ۾ قائم ۽ دائم زيادتين جو سبب آهن ۽ پاڻ کي پالش ڪري ميدان ۾ لهن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي مُفادن لاِءِ پارٽيون بدلائيندا رهندا آهن . سنڌ دشمن قوتون ڀلا لڪيل به ڪٿي آهن جو اسان پريشان ٿيون ۽ انهن جي سُڃاڻپ جو مسئلو هُجي. ڊڪٽيٽرس جا سڀ ساٿي ۽ اُهي متعصب جرنلسٽ ئي آهن جيڪي توهانکي اڙدو ميڊيا تي سنڌ ۽ سنڌ جي ليڊرن جو (ميڊيا ٽرائل) ڪنديون نظر اينديون جنهن ۾ رٽائرڊ جنرلن جن کي سنڌي ۽ بنگالي ليڊر شپ سان هميشه نفرت رهي آهي پاڻ سان ڪي بي وقعت پيپلز پارٽي ۽ ڀُٽو فوبيا جا سنڌي ليڊر به ساٿي بڻائي کنيل نظر ايندا. ۽ اڙدو چئنل ، انهن جا اينڪر ، ڊڪٽِٽرن ۽ غير جهموري مائينڊ سيٽ جا سياستدان ۽ ڪي رٽائرڊ جنرل کڻي جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ ليڊرشپ خلاف روز زهر اُگلين پيا اهو بلڪل ظاهر آهي .
۽ سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي ته اصل مسئلو ڇا آهي ۽ لنڊن پلان جاري و ساري آهي.۽ انهن سان سان چند (ان وقت جي اسٽيبلشمينٽي تيار ڪيل بي وقعت سنڌي ليڊر به گڏ لانچ ٿيل آهن (جنهن کي گهر ڪا ڀيدي لنڪا ڊاهي) چئجي ۽ جن جو هميشه خيال آهي ته متان اسٽيبلشمينٽ جو (چوسيل ڇلڪو) کين به هن وقت کائڻ لاءِ ملي پوي ڇو جو پنهنجي ڪرتوتن ۽ سنڌي غريب عوام کي موالي ڪري غلام بڻائي به هو اڪثريتي سنڌي ماڻهن جون دليون نه وٺي سگهيا آهن ۽ نه وٺي سگهندا جو سنڌي ماڻهن کان ۽ غريب پورهيت عوام کان سندن سنڌ سان ٿيل زيادتيون نه وسرڻ جهڙيون آهن. ۽ اُهي منسٽري ملڻ تي ڪڏنهن ته هو پي پيءَ سان گڏ آهن ۽ نه منسٽري نه ملڻ تي احتجاج ۽ دشمنيءَ جي حد ۾ پُهتل ۽ وساري ويهن ٿا ته هو پيپلز پارٽي ۽ ڀُٽو دشمني ۽ فوبيا ۾ سنڌ جو سودو پيا ڪن.
. حيرت ته ان گنگا ۾ اڄ ڪله ڪُجه ڏينهن کان هڪ (سنڌي چينل) به اها يڪطرفه ٻولي پيو ڳالهائي جيڪي اڙدو ميڊيا جي پئي ڳالهائجي، شايد (فهميده مرزا) جي مائٽي نڀائڻ لاءِ ھجي يا ٻيو ڪو بزنيس ڊيل يا گنگا ۾ هٿ ڌوئي اسٽيبلشمينٽ کا ڪُجه وٺڻ لاِءِ ڪا منشا ۽ سڀني کي خبر آهي ته ايگو، انا، خودنمائي، خود پسندي ۽ فطرتن ڪري سنڌي ماڻهون (دوست به جان ڏيندڙ ۽ جي دشمن ٿي پوي ته سڀ احسان ڀُلاءِ دشمن به جان وٺندڙ ٿي پوي ٿو جنهن کي (سُتي پيل) چئبو آهي (جيئن اڄڪله ذوالفقار مرزاجو ڪردار آهي) .
فهم ۽ عقل رکندڙن سنڌين لاءِ، حالات حاظره جو بيڪ گرائوند ڪو نئون ڪونهين ۽ اهو 1947 کان ساري و ساري آهي، بس ڊرامي جو سين اڳيان پيان، ڪريڪٽرن جي تبديلي ته آهر پر (ون لائين) يعني بٽوين دي لائين ڳالهه ساڳي آهي. اهڙيءَ طرح حالتون پيون ٿين جيئن جيئن 1971 ۾ ساڳئي اسڪرپٽ وانگر بنگالي مُسلمانن جو استحصال ۽ نفرتن جو اظهار (اڙدو اخبارن ۽ پرنٽ ميڊيا) جي مدد سان ٿيو هو ۽ ان وقت جي متعصب پنجابي جنرلسٽ مجبورن بنگالي مُسلمان سان نفرت ڪري کين بنگلاديش جي تي انت پُهچايو هو اهڙي طرح اڄ به ساڳيو رويو روان پيو ٿئي جنهن کي عقل ۽ فهم وارو ئي سمجهي سگهي ٿو نه ڪه ڪو نشي ۾ چور موالي . سال 2013 کان جاري 2015 تي پُهتل ۾ به ساڳيو نفرتن جو انداز اڙدو ميڊيا بشمول ڪن سنڌ سان متعصب (بغض علي رکندڙن ) سياسي ليڊرن، پنجابي ۽ متعصب جرنلسٽ ۽ رٽائرڊ بيوروڪريسي جي معرفت ٿي رهيو آهي جيڪو رات جو 7 بجي کان 12 بجي تائين ۽ پوءِ ٽي وقت رپيٽ ڪري (قوم جي برين واش ڪجي ٿي يعني سنڌ ۽ سنڌي ليڊرشپ لاِ مسلس زهر ڀريو وڃي ٿو ۽ طنزن، نفرتن ۽ ٽوڪن سان سنڌ دشمنيءَ جو بلند بانگ مظاهرو ڪن ٿا ،پوءِ ڀلي بظاهر سنڌ حڪومت جي بد انتظاميءِ جا حوالا ئي ڏنل ڇو نه هُجن .
جن 1971 ڏٺي آهي اُهي ضرور محسو ڪندا هوندا ڇو جو ڊڪٽيٽرن جا حواري جيڪي ذليل ۽ خوار ٿي عوام زبردستي اقتدار مان علحده ڪيا ، جن کي مفت جو عياشيون پئي ٿيون ۽ قوم جو ٽيڪس ۽ پئسو عيشين تي خرچ پئي ٿيو سي ڀلا بدلو وٺڻ لاِ آتا نه هوندا ته انهن ميڊيا ٽرائلس پر پويان اصل مقصد ۽ نفرتون اُهي ئي آهن جيڪي بنگالي مُسلمانن سان 1971 ۾ ٿيون هُيون. ساڳي تواريخ وري به ورجائجي پئي ۽ هاڻ شايد هن وقت آسان ٽارگٽ سنڌ آهي جو مُنهن مقابل نه شهيد ڀُٽو آهي، نه بي بي شهيد، نه جيالا ، ۽ سنڌ ۾ زاتي مُفاد پرستن ۽ غدارن جي واڌ ٿي چُڪي آهي، گهٽ ۾ گهٽ بنگالي پاڻ ۾ متحد هُئا پر سنڌي ته اڳئي وڻ وڻ ڪاٺي بڻايو ويو آهي يا نشن جو موالي، مُفت خور، بغير محنت تي حاصل ڪندڙ ۽ پوءِ بقول (زرداري) آخر سنڌ ۽ سنڌي عوام طرفان زيادتين برداشت ڪرڻ جي به هڪ حد هوندي آهي ۽ ۽ جيڪي سنڌي گهر جا ڀيدي ميدان تي لاٿا وڃن ٿا .
سنڌي گهٽ اڪثريت هوندي به پيپلز پارٽيءَ جي بينر هيٺ پاڪستان جا ليڊر بڻجي چُڪا حالانڪ سنڌي هٿيار بند ناهي، قوتوارو ناهي، بيورڪريسي،اينٽي اسٽيبلشمينٽ ، ججن جو ٽارگٽ، پر جهمور جي طاقت ۽ محبت جو هٿيار ضرور رکي ٿو ۽ قيامت تائين رکندو ايندو. پاڪستان ٺاهڻ لاِءِ ۽ قائم ڪرڻ لاِءِ قربانيون ۽ شهادتون به سنڌ جي ماڻهن جو ن ئي رڪارڊ تي آهن ، ڳالهين وسيلي موٽ ۾ ڪُجه ڏيڻ کان بنان 90 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرائڻ، پاڪستان جي مقبوض زمي واپس وٺڻ، ايٽم بم ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ٺاهيي مُل محفوظ بڻائڻ، مُسلمانن جي قيادت کي پاڪستان گهرائي غرينب ماڻهن لاِ ٻاهرين مُلڪن ۾ نوڪرين جو بندوبست ڪرائڻ ، پوءِ به بنگالي مسلمانن وانگر سنڌي ئي متعصب اڙدو ميڊيا جو ٽارگٽ بڻايل حي.
ياد رهي ته عقل ۽ فهم هٿياري قوت ۽ طاقت کان وڌ آهي ۽ جهمور جي طاقت رکي ٿو. شايد نفرتون ڦهلائيندڙ اهو وساري ويٺا. انهن سمجهيو ته ، جي ايم سيد کان مسلم ليگ جي رزائين ڪرائي (جنهن سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان قبول ڪرايو) ،قائد اعظم کي مارائي لياقت علي خان کي لانچ ڪبو ته سنڌ جا وسيلا سندن ه ۾ اچي ويندا پر ممڪن نه ٿيو. ٻيو قاعد اعظم (قائد عوام ) شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ميدان ۾ اچي ويو. وڃايل ۽ ڏتڙيل پاڪستان وري ٺهڻ لڳو ۽ اهو به برداشت نه ٿيو ۽ کيس جيوڊيشريءَ جي وسيلي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي شهيد ڪرايو ته شهيد بيبي ميدان تي اچي سندن اُميدن تي پاڻي وجهي ڇڏيو. ته ان کي قتل ڪرائڻ جي سازش ٿي.
پاڪستان مان پيپلز پارٽيءَ جو نالو ۽ سنڌي قيادت هٽائڻ لاءِ نواز شريف کي پنجاب ۾ ۽ سنڌ ۾ الطاف حُسين کي لانچ ڪري انهن قوتن، لساني نعرا هڻايا (جاگ پنجابر جاگ تيري پگڙي ۾ پڙگيا داغ) ۽ (اڙدو کا جنازا هي ذرا ڌوم سي نڪلي) ۽ اڄ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا وانگر ان وقت جي پرنٽ ميڊيا کي ميدان تي لاهي ڪردار ڪُشي ڪئي وئي. ته جيئن اڪثريت پنجاب جا ماڻهو زباني تعصب ۾ گهيرجي سنڌ جي لير شپ کان باغي ٿي پون ته هو اقتدار تي وري قبضو ڪن يا اڪثريت پنجابين پارٽيءَ سان پاڪستان جا حڪومتي ڀائيوار بڻجن. ۽ پوءِگڏوگڏ انجنيئرڊ اليڪشنس جي وسيلي پيپلز پارٽيءَ 2013 ۾ پنجاب مان هارائي پيپلز پارٽي (جيڪا پاڪستان جي واحد وفاقي ۽ غير لساني پارٽي) کي سنڌ تائين محدو ڪيو ويو ۽ سنڌ جي لساني پارٽي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر عقلمند سنڌين (ڀلي زرداري هُجي) اڪثريت نه هُئڻ باوجود بِن جهموري پارٽين سان ملي اقتدار سان گڏ صدارت به ماڻي ورتي ۽ سنڌي دشمن قوتون طاقتور هوندي به مچلڻ لڳيون جو .هٿيارن يا لساني نفرتن پکيڙڻ سان نه پر دلين سان عوام جي خدمت ٿيندي آهي
هاڻ سنڌي ماڻهن ۽ گهر جي ڀيدين کي سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته (تيرا ڪيا هوگا ڪاليا) ، صولت مرزا کان ئي سبق سکڻ گهرجي ته پنهنجي جان بچائڻ لاِ گهر ڀيدي بڻيو به ته ڪُجه به وريو ڦاهي چڙهڻو هو ته چڙهي ويو ، نفرت ڪندڙ ڪڏنهن بّشيندا ناهن ۽ ميڊيا ٽرائل ڪري خسي ضرور ڪندا آهن ته جي هاڻ ذوالفقار مرزا يا ٻيو ڪو پاڻ کي غيرتمند سمجهندڙ سنڌي صولت مرزا بڻجڻ چاهي ٿو ۽ عقل و فهم کان عاري ٿي چُڪو هُجي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي جو گهڻي شراب نوشي دماغ خشڪ ڪري ڇڏيندي آهي ته پنهنجو انجام به صولت مرزا وانگ نه وساري جو ماضي ۽ حال تي فائلن ۾ گهڻو ڪُجه آهي جيئن صولت مرزا جي فائل ڀريل هُئي.
شايد اُهي سنڌ جي ماڻهن جون محبتون هُيون يا اتحادي ڀائيوار متحده جو ن ۽ مشرف اسٽيبلشمينٽ جون، جو ضياءُ الحق جو روحاني پُٽ نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي دوستي وساري جهموريت وارو ٿي ويو ته جهموري قوتن کيس ويل ڪم ڪيو ۽ هو وري پاڪستان موٽي آيو. ڊڪٽيٽرس جي باقي باقيات ۽ رٽائرڊ جنرلس ۽ سياسدانن شيخ رشيد، حميد گُل ۽ مڊيا جرنلسٽ کان برداشت نه ٿيو ۽ لنڊن پلان تحت پنجان ۾ نواز شريف خلاف (طاهرالقادري ۽ عمران خان) لانچ ٿيو ته سنڌ ۾ ُمتحده کي سنڌ جا ٻه حصا ڪري سنڌ شهر سندن حوالي ڪرڻ جي لالچ ۾ زرداريءَ خلاف لانچ ڪيو ويو. ۽ ٻنهين جي ميڊيا ٽرائل ڪري سارو ڏينهن ٽيليويزن چئنلس تي رٽائرڊ جنرلس ۽ نان ڊيموڪريٽڪ يئلو جرنلسٽس ۽ اينڪر کي لاهي ڪردار ڪُشي ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو. نواز شريف پريشر کي جهموري قوتن جي مدد سان اصلي شير بڻايو ويو پر پوءِ به برداشت نه ڪري سگهيو ۽ پاڻ کي واپس روحاني قوتن طرف کڻائي پُهتو ۽ وري اسٽيبلشمينٽ جو حصو بڻجي ويو. ۽ اقتدار شيئر ڪري ڇڏيائين . ٻي طرف جڏنهن رٽائرڊ جنرلس (مشرف اسٽيبلشمينٽس ۽ ميڊيا تي گهڻو وقت ملڻ) جي ڪري متحده (سولو فلائيٽ) ڪرڻ لڳي ته وري کيس چالاڪيءَ سان پنهنجو ڪري ڄار ۾ ڦاسائي منظر تائين هٽائڻ جي ڪوشش ٿيڻ لڳي.
ٽارگٽ جيڪو گهربل ۽ مقصد هو سو حاصل ٿي چُڪو هو، جو رُٺل نوازشريف واپس اسٽيبلشمينٽ وٽ هلي ويو ۽ ملي اقتدار هلائڻ تي رضامندي به ڪري وڌائين، مطلب عارضي شر بڻجندڙ کي مشرف ته گدڙ نه بڻائي سگهيو جو سنڌجو هو پر پنهنجي ماڻهن گدڙ بڻائي واري ڇڏيو ۽ هائو هائو جي بدران ها! ها! مُنهنجا آقا ڪرڻ لڳو ۽ ذوالفقار مرزا وانگرسڀ ڀلايون وساري ڇڏيائين ۽ اصلي جهمورت کان توبهن ڪري ڇڏيائين جو لاڪ اپ ۾ مڇر گهڻا آهن ۽ جن کين ڦاهي کان ۽ اقتدار کان لادوا ٿيڻ کان بچايو انهن جو سودو ڪري وڌائين ڇو نه ڪري جو (سوداگر) ته اهوئي ڪندو آهي. ته هاڻ نه طاهرالقادريءَ جي ضرورت هُئي ۽ نه ئي عمران خان جي جو ان کان وڏو پاور ڀفل نواز شريف واپس گهر موٽي آيو اهي (ڀلا سُڀا ڪا ڀولا شام ڪو واپس گهر آئي تڳ ڀولا ٿوري ڪهلاتا هي) . طاهرالقادي ڪئناڊا ڀڄي ويو ۽ عمران خان جي پارٽيءَ ۾ ڦوٽ پئجي چُڪي ۽ جنهن آڱر اقتدار شيئر ڪرڻ لاِ کيس تيار ڪري لانچ ڪيو سا به ٻي طرف هلي وئي شريڪ اقتدار بڻجي وئي
اُهي به ڪي سنڌ دوستيءَ ۾ ناهن جو سندن گُفتگو ۽ باڊي لينگئيج ۽ سوالن جي وڇاڙن مان پوءِ به سنڌي ماڻهن سان نفرت ظاهر ٿئي ٿي. ماڻهون ڳالهين ڪرڻ سان ڪوڙ ڪيترو لڪائيندو، چهري تي نفرت جا تاثر، لفظن جي ڦير ڦار جو انداز ۽ عملي اقدام به ان جي گواهي ڏين ٿا ۽ عقل وارن لاِ اشارو آهي. 1971 ۾ اهڙين ساڳين حالتن جا ذميوار بنگالي مُسلمان نه پر پنجاب جون غير جهموري قوتون ۽ متعصب جرنلسٽ، متعصب بوروڪريسي ۽ ڪي وقت جا متعصب اسٽيبلشمينٽي (رٽائرڊ) ۽ ڊڪٽيٽيترس جا حواري ئي هُئا جيڪي اڄ ڪله ڌڙا ڌڙ (اڙدو چئنلن تي) بطور گيسٽ مدعو ڪيا وڃن ٿا ۽ فُل ٽائيم وٺن ٿا. ۽ شايد اسانجو هڪ سنڌي چئنلن به کين ڪُجه ڏيهن کان مدعو ڪري پيو ۽ اهڙن ئي خيان جو فروغ به ڀلي سنڌ جي بدانتظامي رومال ۾ ويڙهيل هُجي.
غير جهموريت پسند پنجابي مسلمان اڃان به پاڪستاني ناهن بڻيا ۽ قومن سان نفرت ڪن ٿا ته پاڪستان ترقي ڪيئن ڪندو ۽ هو جڏنهن ڪو به بهانو ڪري شراڪت اقتدار ٿيڻ چاهين ٿا ۽ عمران خان ۽ طاهرالقادري يا متحده کي لانچ ڪري هڪ طرف زرداريءَ کي سنڌ ٻن حصن ۾ ڪرڻ جي ڌمڪي ته ٻي هنڌ نوا شريف کي گوڏا ٽيڪڻ لاءِ مجبور ڪرڻ هو جيڪو فطري آسان وسيلو آهي شراڪت اقتدار جو ۽ مسلم ليگي (ڪا به) ئي آهي يا اُهي پارٽيون جن کي ان مقصد لاِ اسٽيبلشمينٽ پئدا ڪيو نه ڪه ٻي ڪا سياسي پارٽي.
اهي به زميني حقيقتون آهن ته سنڌي ماڻهون ڪيترا به هن وقت پيپلز پارٽي جا بظاهر نظرياتي مخالف ڇو نه هُجن هُجن پر سندن (ضمير ۽ اندر جو آواز) ڀُٽو فيمليءَ لاِءِ آهي. ۽ رهندو ۽ اُهي ئي (سنڌ ڪارڊ) آهن هوندا ۽ هيشه رهندا ڇو جو هر طرح سان نقصان سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جو آهي. ڀلي هن وقت اڳ جيان ڪي غافل سنڌي ، سنڌ گورنمينٽ جي بد انتظاميءَ جي ڪري هن وقت پاڻ ظاهر ٿي ۽ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌي قيادت تسليم ڪري لنڪ نه ڪن پر جڏنهه 1971 دهرائبو 1971يا (ايم آر ڊي) جيان حالات يا وري ٻين صوبن جي ڪرپٽ ۽ راشين کي ڇڏي رُڳو سنڌي ماڻهن کي جيلن ۾ وجهبو، ڪوڙا هڻبا، نوڪرين مان ڪڍبو ۽ (را جو اينٽ قرار) ڪبو ۽ ميڊيا ٽرائل ڪري سنڌ جي بچيل سچيل ليڊر شپ کي ڪُٺو ويندو (جيئن ايم آڊي تحريڪ) ۾ ٿيو ته پوءِ هو به ميدان ۾ ٽُپي پوندا ۽ اهو ضرور ٿيندو (پوءِ مانگر مڇ جا ڳوڙها ڳارڻ) جو فائدو نه رهندو جو سنڌ جا سڀ وسيلا سندن هٿان نڪري چُڪا هوندا. جيڪو توهان ڀُٽن جي شهادت تي کين ماتم ڪندي ڏٺو ۽ اڄ به سندن شهادت کي هڪ سنڌيءَ سان زيادتي ۽ شهادت سمجهن ٿا.
اعتماد لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو، شهيد بينظير ڀُٽو ۽ ڀُٽو جي باقي فيملي بشموليت صنم ڀُٽو ، بلاول ڀُٽو، آصفه ۽ بختاور يا فاطمه ڀُٽو، ذوالفقار جونيئر آهن ۽ ڏسڻو آهي ته انهن سڀني مان شهيد ذوالفقار ڀُٽو جي بچيل ڌيءَ صنم ڀُٽوجو لاڙوڪنهن ڏي آهي اُهائي پيپلز پارٽي آهي۽ ڀُٽو جي ليگسي کڻي هلندڙ پوءِ ڀلي ان جي ليگسي کڻي هلندڙ آصف علي زرداري ڇو نه هُجي اهو ئي (سنڌ ڪارڊ) آهي. درحقيقت سنڌ جي ليڊرشپ پاڪستان تي حاوي هُجي اُها قبول ناهي ان ڪري قائد اعظم کي شهيد ڪرائي لياقت علي خان جي لانچنگ ٿي پر ڪامياب نه وئي، پنجاب هر قوت (بيوروڪريسي، اسٽيبلشمينٽ، جيوڊشري يا ڪاموري) رکي به سواءِ بندوق جي پاڪستاني عوام تي حڪومت نه ڪري سگهيو ۽ پاڪستانين جي دلين تي صرف بنگالي ۽ سنڌي ليڊر (پنهنجي نيوٽرلٽيءَ) جي ڪري راڄ ڪندا يا جيڪو برداشت کان ٻاهر هو. بنگالين سان نفرت ۽ زيداتيون ڪري کين بنگلا ديش ٺاهڻ تي مجبور ڪيو ويو۽ آسان به هو جو هو خطي کان ٻاهر هو ته ڇا هاڻ سنڌ جو وري وارو آيو آهي؟ ڇا وري سنڌ ۾ ڪننهن کي شهيد ڪرڻ جي اُڃ ٿي آهي؟ ڇو جو گهڻا ڄام صادق، مير جعفر ميدان تي لاٿا ويا آهن ۽ سنڌ جو ميڊيا ٽرائل به تيزيءَ سن جاري ساري آهي.