اي سنڌي قوم ! آخر توهان ڪڏنهن بالغ ۽ عقل وارا ٿيندئو! ڪاش ڪو واڻيون يا ميمڻ توهانجو اُستاد هُجي ها.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اي سنڌي قوم ! آخر توهان ڪڏنهن بالغ ۽ عقل وارا ٿيندئو! ڪاش ڪو واڻيون يا ميمڻ توهانجو اُستاد هُجي ها.
    [​IMG]
    خدارا هوش ۾ اچو، فلحال پاڻ ۾ ذاتي پسند ناپسند ڪري ڏند چڪ ڏئي سنڌ دشمنن قوتن جا بي دعوتي پارٽنر نه بڻجو ۽ سوچو سمجهو ، جي عقل ذرو به بچيل آهي ۽ پيرن ميرن، شاهن جي پياريل نشن دماغ خشڪ نه ڪري ڇڏيو آهي، ته اڄ سنڌ جو وُجود خطري ۾ آهي، ايترو جيترو اڳ ڪڏنهن به نه هو. توهانجي حرڪتن ۽ پاڻ ۾ جهيڙن جي ڪري سنڌ (پنجابي ڪالوني) بڻجي ويندو، ڇو جو سنڌ معدنيات، گئس، پيٽرول ، سون سان مالا مال ۽ سمنڊ وارو علائقو آهي. دشمن قوتون توهان جي پاڻ ۾ وڙهڻ جو فائدو وٺي توهان کي استعمال ڪنديون ۽ ڪوڙي اهميت به ڏينديو جنهن تي توهان جا ڏند به ٽڙندا ۽ توهان فاتح نه پر مفتوح بڻبئو.۽ هو قوتون توهان کي وڻ وڻ ڪري توهان کي پاڻ ۾ وڙهائي ، سنڌ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿيون. فلحال سنڌ جي سوچو ته بهتر ٿيندو، متان پوءِ پڇتايو (جب چڙيا چُگ جائيگي کيت) ۽ توهان وٽ وڙهڻ لاِ ڪُجه به نه بچندو، گهٽ ۾ گهٽ اهو محاورو ته ياد رکو آهي (پنهنجي وڍئي جو نه ڪو حبيب نه ڪو طبيب). الله توهانکي شال ڪو عقل ۽ فهم ڏي. اي پيرن، شاهن، ميرن، جاگيردارن، رئيسن، ڪانڀوخانن، ڪامورن ۽ ڀوتارن جي غلام قوم. اڄ پنهنجي وُجود جي بقاءَ لاِءِ سُجاڳ ٿيو ۽ سوچيو. ٻيو نه ته بنگالين سان 1971 جو حشر ڏسي سکو . جن جو ميڊيا ٽرائيل ڪري ، کائن نفرت ڪري، کين باغي بڻايو ويو ۽ هاڻ توهان ۾ گهسڻ لاءِ ميڊيا ٽرائل ۽ توهانکي لالچون ڏينديون، لانچ ٿيندڙ پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي ڪلچر ونگ جو صدر يا چيرمين ٺاهينديون ،جو هو سنڌ دشمن قوتون سمجهن ٿيون ته اسان ڪم چور، گهٽ محنت ڪش سنڌي ، لالچي قوم ۽ مُفت ته لامارا هڻڻ واري قوم آهيون. ايستائين جو هيروئن، ڀنگ، ٺرو ۽ چرس جهڙا جهڙا زهر مُفت ۾ ملن ته به پيو، سڄو ڏينهن سُمهين رهندا آهيون ۽ پنهنجو هر سال ملائجندڙ سنڌي ڪلچر364 ڏينهن وساري پوءِ ڀنگين جو ڊريس ڪوڊ، (ڪاراين ۾ رنگين داڳا، پيرن ۾ چوڙا، ڪنن ۾ واليون، ٽي شرٽ ۽ ڦاٽل جين ۽ پيرن ۾ چپل ۽ پوءِ مُٺ ۾ ڀريل سگريٽ جا سوٽا ڀري) هوٽلن تي ويهي ڦٽاڪا هڻندا آهيون. توهانکي جي خبر نه ُجي ته پنهنجي وڏن پوڙهن بُزرگن کان پُڇو ته اهو ڊريس ڪوڊ ڀنگين جو هو يا سنڌين جو؟ ،پوءِ ڇا جو اسڪول، ڇاجي نوڪري، ڄاڻي واڻي توهانکي گهوسڙو ۽ گوسڙو جي عادت وجھي گهري ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏيندا ۽ پوءِ ٻنهين هٿن سان سنڌ جا سڀئي معدني ريسورسز ، زمينون بغير ڪنهنجي ڊپ ڊاءَ جي لٽي، برٽش رولرز وانگر کڻي هليا ويندا ۽ پويان پيا مٿو ۽ پٽڪو ڪجو. دشمنن جي چالن ۾ ۽ ميڊيا ٽرائلس جي جادوءَ کان بچو جو سوال آهي سنڌ جو. نه تُنهنجو، نه مُنهنجو. خدارا سنڌ کي بنگال ٿيڻ نه ڏجو.
    DICTATORS ANTI-DEMOCRATIC MINDSET THROUGH MEDIA TRIALS. DIVIDE PAKISTANI's, making fake politicians and fake political parties ON LINGUISTIC or RELIGIOUS SECT BASE and empower to support. (Punjab) for Punjabi'es, (Sindh) for Sindhi's, (Baluchistan) for Balochi's & (KPK) for Pakhtoons) through Engineered Elections & than Rule Federation (PAKISTAN) (via Rawalpindi & Islamabad) Being Big and Powerful Brother.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو