مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو!

    ڪيترا مهينا اڳ ادي مست هزار ليک پورا ڪيا هئا ته شايد محرم مهيني سبب دوست کيس مبارڪون ڏئي نه سگهيا هئا ۽ مونکي پڻ تڏهن خبر پئي جڏهن مونکي دوستن مبارڪون ڏنيون هيون، پر اڄ وري جڏهن هن سنڌ دوست اوطاق جي، سنڌ دوست ”مست“ لکڻين واري انگ تي نظر پئي ته انگ 2007 نظر آيو، مطلب ته هو پڻ 2000 هزارن واري انگ کي کگهندي گذري ويو آهي ۔۔۔۔

    ادا مست، اوهانکي لک لک مبارڪون ۽ شاباشون جو اوهان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ۾ اڳ کان اڳرا ٿيندا رهوٿا ۽ هن اڱڻ سان هڪ وفادار دوست جي طرح سان وفا ڪندي، اسان سڀني دوستن لئه مثال قائم ڪيو پيا ۔۔۔

    اوهانجو هر هڪ ليک قيمتي هوندو آهي، اوهانجو هر هڪ تبصرو قومي جذبي سان سرشآر هوندو آهي، اوهانجا رايا پڻ هڪ بزرگ دوست جيئان قيمتي هوندا آهن ۔۔۔ سلام دوست

    سلام آهي انهن سڀني دوستن کي جي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ اڳي کان اڳرا ٿيندا رهنٿا ۔۔۔ هي اسان پڙهيل لکيل ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا سان لاڳاپيل سڀني سنڌين جو قومي فرض آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي ترقي يافته سهولتن جي استعمال ۾ پاڻ ڀرو ڪندا رهون ۔۔۔

    ادا مست، اوهانکي منهنجي طرفان ۽ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن طرفان مبارڪون هجن ۽ اميد آهي ته اڳتي به اوهان پوئتي ڏسڻ بنا اڳتي وڌندا ۽ اسانجي همٿ افزائي ڪندا رهندا ۔۔۔

    ڪائنات جي خالق کان دعا آهي ته هو اوهانکي ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري ۔۔۔ آمين

    =D>=D>
    :-bd:-bd

    <:p<:p
     
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    سائين توهان کي 2007 دفعا مبا رڪ هجي.
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    ادا مست توهان کي سنڌ سلامت فورم تي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو

    ادا توهان جي هر تحرير ۾ هڪ نواڻ هوندي آهي توهان سنڌ سلامت فورم تي هر موڙ تي سنگت جي هڪ بزرگ جيان رهنمائي ڪئي آهي مون جي دعا آهي ته الله پاڪ توهان کي هميشه خوش رکي پنهنجي پيارن سان هيمشه خوش هجو

    سدائين گڏ
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    آئون سنڌ سلامت جي هڪڙي حقير ڪارڪن جي حيثيت سان ادا اسد کي مُبارڪون ڪونه ڏيندس پر کيس صرف دعائون ڪندس ته الله سائين ادا اسد مست کي سدائين سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان جيجل سنڌ لا جاکوڙ ڪرڻ جي همت عطا ڪري، سدائين ادو مست سنڌ جو حلالي فرزند ٿي حق ۽ سچ جي راهه تي هلي سڀني سنڌين جي خدمت ڪري۔ آمين مست تنهنجو دل جي گهرائين سان دعاڳو آهيان ۽ سدائين رهندس۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    چيو ويندو آهي ته هميشه اهي ماڻهون ئي ڪامياب ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي ڪم ۾ مست هوندا آهن، سو اسان جو دوست مست ته آهي ئي مست ۔ پر پاڻ مست هجڻ سان گڏ پنهنجي ڪم ۾ به مست هوندو آهي، ۽ انهيء مستيء ۾ رهي ڪري سائين مست صاحب سنڌ سلامت تي 2000 تحريرون مڪمل ڪري اسان جي دلين ۽ ذهنن کي به مست ڪري ڇڏيو آهي۔ ۽ انهيء مست جي مستي ۾ رهي ڪري اسان کي مست ڪرڻ تي مون ناچيز طرفان مست صاحب کي دل جي گهراين سان مستيء واريون مبارڪون قبول پون۔

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    مون کي ياد آهي ته ادا اسد ڄامشورائي جڏهن پهريون دفعو آيو هو ته هڪ پيارو دوست ظفير پڻ ان وقت رجسٽرڊ ٿيا هئا۔۔۔ مون کي سندن تحريرن ۾ هڪ جهڙي قابليت نظر ايندي هئي ان ڪري ادا اسد سان جڏهن به دعا سلام ٿيندي هئي ته کين ظفير لاءِ پڻ سلام ڏيندو هيم۔۔۔ ادا ظفير ته پنهنجي بي انتها مصروفيتن ڪري فورم تي مسلسل حاضري جاري رکي نه سگهيو پر ادا اسد پاڻ ملهايو ۽ پنهنجي بهترين تجزين، مشورن، راين ۽ موضوعن سان سنڌ سلامت تي ڇائنجي ويا۔۔۔
    کين ڪئي دفعا سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ‌ زور ڀريم پر پنهنجي مخصوص ۽ هر دلعزيز مسڪراهٽ سان جواب ڏيندي چوندو آهي ته هڪ ته ٿي سگهي ٿو مان به مگسي ۽ ادا وهاب وانگر فرض نڀائي نه سگهان ٻيو ته ڪاٿي سنڌ سلامت تي هر وقت انتظاميه جا رڪن ئي موجود هجڻ جي ڳالهه نه نڪري۔۔۔
    بحرحال پاڻ انتظامي رڪن نه آهن پر سنڌ سلامت تي سندن حيثيت انتظامي رڪن کان گهٽ به نه آهي۔۔۔ مان ساڻن اڪثر فورم بابت مشورا وٺندو رهندو آهيان ۔۔۔
    سنڌ سلامت ڪيلينڊر جهڙي پروجيڪٽ جو تصور پڻ ادا اسد سان ڪچهري ڪندي آيو ۔۔۔ دعا آهي ته سندن بي انتها قابليت جي بنياد تي کين روزگار ميسر ٿئي ۔۔ ۽ سندن ساٿ هميشه سنڌ سلامت تي قائم ۽ دائم رهي۔۔۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    ادا اسد توهان کي اسان جي طرفان به مبارڪون هجن واقعي ادا اسد پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    دوستو! سڀ کان پهرين ته اوهان سڀنيءَ‌ جو دل سان شڪرگذار آهيان جو اوهان هن ناچيز کي ايتري عزت ڏيو ٿا، جڏهن ته منهنجي نظر ۾ منهنجو ڪم توهان سڀني دوستن (خاص ڪري سائين نثار ناز، سائين نثار ابڙو، سائين رشيد، ادا ابوواصف اسدالله ڀٽو، ادا ابوزين خليل ڀٽو، ادا عبدالوحيد ڦلپوٽو، ادو چارمنگ علي علي، ادا ممتاز علي وگهيو، جمن شيخ، عبدالغفور سمون، سائين طاهر سنڌي، جهانداد ڀوتار ۽ ميان رنجيت) جي مقابلي ۾ رتي برابر به نه آهي۔
    توهان هر وقت سنڌ جي ڀلي، مستقبل، سنڌي ٻولي جي ترويج ۽ نون رجحانن جي باري ۾ سوچندا ۽ انهيءَ‌تي عمل ڪندا رهو ٿا۔۔۔ مان ناچيز ڪجهه ضروري مصروفيتن (ادا رشيد کي خبر آهي انهن مصروفيتن جي) جي ڪري اوهان کان گهڻو پري ٿي ويو آهيان۔ وري به ڪوشش ڪري اوهان سان رابطو رکندو اچان ٿو۔۔
    سنڌ سلامت جي لاءِ اوهان سڀني دوستن وانگر منهنجون به ڪيتريون ئي خواهشون ۽ نيڪ تمنائون آهن جيڪي پوري ٿيندي ۽ انهن ۾ پاڻ کي اڳڀرو ٿيندي ڏسڻ چاهيان ٿو پر ساڳي وقت جي ڪمي۔۔۔۔۔
    دوستو۔۔۔ اوهان جي انهيءَ حوصلي افزائي جي ڪري سائين نثار ناز ۽ سائين رشيد جهڙي محنتي ماڻهن جا ئي ٿڪ لهي پون ٿا آئون ته هڪ ناچيز مست آهيان۔۔۔۔۔ ^:)^
    :-??
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    سائين نثار ابڙو صاحب۔۔۔ اها اوهان جي ڪرمنوازي آهي جو هن ننڍڙي پِتڪڙي مست جي انگن اکرن تي نظر رکندا پيا اچو۔۔۔ مست ته بس پنهنجي مستيءَ‌۾ پورو آهي۔۔ خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪڏهن ڪهڙوانگ اسان جي حساب ڪتاب ۾ شامل ٿي ويو۔۔۔
    مان انٽرنيٽ تي تي ڪيتري ئي سالن کان روزانه وزٽ ڪندو آهيان ۽ انهيءَ‌عرصي ۾ ڪيترن ئي ناليواري اڙدو فورمن تي ميمبر شپ رهي ۽ انتظامي امورن ۾ به شامل رهيس پر هڪ ڏينهن منهنجي مٺڙي دوست رنجيت هي خوشخبري ڏني ته سنڌ سلامت نالي اسان جي پنهنجي سنڌي فورم تيار ٿي انٽرنيٽ تي اچي چڪي آهي۔۔۔ بس پوءِ هر انٽرنيٽ فورم سان ناتو توڙي سنڌ سلامت جا ئي شيدائي ٿي وياسين۔۔ ۽ سنڌ سلامت تي جيڪو قرب مليو اهو انٽرنيٽ تي يا اصل دنيا ۾ ڪٿي به نه مليو آهي۔۔
    سنڌ سلامت جي سڀني قابل ذڪر دوستن سان ملاقات ٿي چڪي آهي۔ خاص طور تي سائين نثار ناز، سائين رشيد، ادو زاهد سومرو، ادو ابوواصف، ادو جمن، ادوعبدالغفور۔
    باقي توهان سان ملاقات جي تمام گهڻي تمنا آهي۔۔۔ الله ڪندو اها به جلد ئي پوري ٿيندي۔۔۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    ادا اسد اوهان کي دل جي گهراين سان مبارڪون ۽ سلام پيش ٿو ڪيان
    توهان جون ڪاوشون تمام زبردست آهن
    الله تعالي اوهان کي سدا سلامت رکي
    گڏو گڏ اوهان منهنجي ڪم جي پڻ تعريف ڪئي آهي جنهن تي اوهان جو ٿورازتو آهيان
    منهنجو ڪو خاص ڪم نه آهي
    بس اوهان جيان هڪ ڳاله ضرور اٿم ته مون به اوهان جيان سالن جي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ رهندي پنهنجي قومي فورم سان جڏهن کان ناتو جوڙيو آهي ته ان شاء الله اهو ناتو زندگي بهر رهندو
    مولا آباد ڪري اوهان کي
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    سائين نثار صاحب زندگي جي مصروفيتن باوجود اهڙي ڳاله ڏانهن توجه ڏيارڻ تي لک لائق
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    انشاء الله ّضرور ملاقات ڪبي ۔۔۔
    ڪــــــــي ويـــــجها به ڏور، ڪـــــي ڏور به ويــــجها سپــــرين،
    ڪـــــــي چڙهــــــن نه چت تي، ڪــــــي وســـــرن نه مــــــور،
    جيئن مينهن ڪنڍي ڪور، تيئن دوست وراڪو دل سين۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    وسيم ڀاءُ توهان جا لک قرب۔۔۔۔ =d>
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    ادا مبارڪون ڏيڻ‌جا لک قرب پر ادا مون کي بزرگ ڪڏهن کان ڪيو اٿوَ۔۔۔ مان ته اوهان جو ننڍو ڀاءُ مست آهيان۔۔مڙئي مستن واريون صدائون هڻندا آهيون ۽ اوهين ان کي مشورو سمجهندا آهيو۔ =D>
    فقير سائين اوهان جي ريس تي هتي گهڻا ئي فقير ٿيا پر اوهين سڀنيءَ کان نرالا فقير آهيون۔۔۔ :)>-
    اوهان جي هر در تي ۔۔۔۔۔ مطلب ته هر ٽاپڪ تي نظر هوندي آهي ۔۔۔ توهان جي گودڙي انٽرنيشنل فقير کان به وڌيڪ ڪم واري گودڙي آهي جتان روز روز نيون شيون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون اسان جي غريباڻي پوسٽن جي ڪابه حيثيت نه آهي۔۔۔ 8->
    باقي سائين هڪ ڳالهه خبر پئجي وئي ته توهان جي رڳو ٽاپڪ تي نظر هوندي آهي پر اسان جي سائين نثار ابڙو جي هر انگ اکر تي پڻ نظر هوندي آهي۔۔۔ :-bd
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    سائين نثارناز صاحب۔۔ سنڌ سلامت جا اصلي بزرگ ۽ سڀ کان وڌيڪ جاکوڙي ڪارڪن ته اوهين آهيو، اسان پتڪڙن مستن جي مستيءَ ڀريل معنٰى وارن لفظن کي فراخ دليءَ‌ سان برداشت ڪريو ٿا۔۔۔
    سائين توهان سان مستي نه ڪنداسين ته ڪنهن سان ڪنداسين۔۔۔
    ٻيو ته سائين بزرگن جو ڪم آهي هر نيڪ موقعي تي دعا ڏيڻ پر سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ اوهان جي مبارڪ کان سواءِ ڪم نه هلندو۔۔۔ :-@
    انشاءَ الله اوهان جي دعا مطابق مان پنهنجي سنڌ امڙ جي لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙيندس
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    سائين ممتاز علي وگهيو صاحب اوهين اسان جي وڏن ڀائرن مثل آهيو۔۔۔ (منهنجي هڪ وڏي ڀاءُ جو نالو پڻ‌ ممتاز علي آهي)
    اوهان ته مست جي لفظ جي معنى اڄ دوستن اڳيان وائکي ڪري ڇڏي۔۔۔ مان مستيءَ جي انهيءَ‌منزل تي اڃان نه پهتو آهيان۔۔ اوهان جي دعا رهي ته مستيءَ جي اها منزل به ڏسبي۔۔۔ مست کي حالتن منجهائي وڌو آهي نه مست جي مستي اڃان ظاهر ڪاٿي ٿي آهي۔
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    ها سائين مونکي پڻ اها ڳالهه اڃان ياد آهي۔۔ سندس پوسٽن مان محسوس ٿيو ته ادو ظفير پڻ بهترين ماڻهو آهي پر الائي ڇو اڄ ڪلهه سنڌ سلامت تان غير حاضر آهي۔۔۔ جيڪڏهن اڄ به هو سنڌ سلامت تي اچي ته ايندڙ تبديلين کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو۔۔۔
    سائين اهي اوهان جون ئي رهنمائي واريون قابليتون آهن جن جي ڪري سنڌ سلامت جي فورم جاري ساري آهي۔۔۔ نه ته هڪ ويب سائيٽ کي ڳري خرچ سان هلائڻ يا ان تي دل و دماغ لڳائي ڪم ڪرڻ ڪا عام ڳالهه نه‌آهي۔۔۔ مون کي اهو چوڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿيندو ته سنڌ سلامت جي قائم ٿيڻ کي سنڌي ٻوليءَ‌جي تاريخ ۾هڪ سنگِ ميل جي حيثيت سان ياد رکيو وڃڻ گهرجي۔۔
    ادا سائين ٻيو ته اسان کي ڪم ڪرڻ ته ڪونه ٿو اچي پر ها۔۔۔۔ توهان کي ڪم وٺڻ جو طريقو ضرور اچي ٿو۔۔ ۽ بهترين اڳواڻ جي اها پڻ هڪ نشاني آهي۔۔
    سنڌ جي ڪنهن به ويب سائيٽ جي طرفان پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو پهريون اعزاز سنڌ سلامت کي مليو آهي۔۔ اها سوچ فقط اوهان جي ڪوششن جي ڪري ئي تڪميل تي پهتي۔ ۽ انهيءَ‌ڪيلنڊر جي نتيجي ۾ سنڌ سلامت تي جيڪي واڌارا ٿيا آهن اهي به سوچ کان ٻاهر آهن ۔۔۔
    باقي روزگار جو الله مالڪ آهي۔۔ مالڪ جيڪو بهتر اسان لاءِ ڄاڻي ٿو اهو ئي ڪندو ۔ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ته انشاءَ الله سٺو روزگار ڏيندو۔۔ في الحال اين آ پي جي ڪري گذارو هلي پيو
     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    يار طاهر بس دعائن ۾ ياد رکندا ڪريو ته صحت سلامت هجي ته دوستن سان دوستي نڀائڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    سائين مولا اوهان کي صحت ڪامله عطا فرمائي
     
  20. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

    ادا اسد ميرجت، ڄامشورائي المعروف مست۔۔۔۔۔

    سائين هيترن سارن دوستن جي هن تحرير تي نظر پئي۔۔۔ پر افسوس جو منهنجي نظر هن وقت پئي آهي۔۔۔۔ منهنجي دل ته ائين پئي چئي ته سائين نثار ابڙو جن جي هن تحرير ۾ سڀ کان پهريان مبارڪباد مان اوهان کي ڏيان ها۔۔۔۔

    پر سائين معاف ڪجو دوست اها گو اسان کان کڻي ويا۔۔۔ پر هاڻي مون حقير جي طرف کان به اوهان کي کي لک لک واڌايون هجن۔۔۔ اوهان جي محنت جي رنگ هن فورم کي هيرن جيئان مهڪايو آهي۔۔ اوهان جو تحريرون اوهان جون مذاحون سڀ قابل تعريف آهن۔۔ اوهان خود به قابل تعريف آهيو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو