• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

ادا رنجيت لک لائق اوهان جا تصويرون اوهان ونڊ ڪيون
باقي ڦوٽن جي انتظار ۾
 
جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

ادا اسان جوانن جا خادم آهيون اوهان جوانن جي ٽيڪ تي ته اسان پيا رڙهون باقي چاڙهو ته اسان ۾ به ڪونهي ڪو ادا ۔
ادا مست اوهان جي مستي ۾ به اهڙي مستي آهي جو اسان کي مست ڪيو چڏي اوهان جون ڳالهيون ۾ به اهڙو سواد هوندو آهي جو بس ڳاله ئي نه پڇ ادا دل ڪندي آهي ته ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ :-*

انتَ مولانا۔۔۔ هاڻي ٺهيو۔ ^#(^
هن مست کي ايڏي به مستي نه آهي۔۔ ها اهڙي مستيءَ ‌جو اهو رخ فقط هڪ ماڻهو لاءِ آهي۔۔ وڌيڪ سمجهي ته ويا هوندو....
جيئن توهان واري جهوني آهي ايئن وري مون واري مستياڻي به اٿوَ۔
 
جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

ير مست! بس ڇا ڪجي۔ وڌيڪ پاڻ سمجهو آهين، زماني جو ماڻهو آهين سمجهي سگهين ٿو۔ ٻي ير ڳالهه ٻڌ مون گهر ۾‌ براڊبينڊ لا به اپلا ڪري ڇڏيو آهي، هو پنهنجي تار به وڇائي ويا آهن بس باقي ڪمپني مان موڊيم اچڻ جي دير آهي۔ پو ته بس ساڳيا ميلا پيا مچندا، ير ويگاس وارو پروجيڪٽ به لٽڪيو پيو آهي۔ اهو به سنگت سان ونڊ ڪرڻو آهي۔
باقي جي اهو راج لقمان جو آهي پو ته مونکان ڳجهو نه هوندو ڇو جو لقمان ۾ هندن جا 100 گهر هئا ۽ هر گهر جو هر فرد مونکي سٺي نموني سان سڃاڻي، تون کائنس پي جو نالو پڇيس ته باقي پار پتا مان ٿو ڪڍي ڏيان۔۔۔۔

واهه واهه۔۔۔ مطلب ته هاڻي ته اسان وارو رنجيت رام رکيو عرف مولائي فقير هاڻي 24 ڪلاڪ آن لائن هوندو۔۔۔۔
اها خبر ته پڪ سان بي بي سي تي ڏيڻ جهڙي آهي۔۔
 
جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

يار رام رکيا، ريل جو ڦوٽو ڏيکاري اسان دوستن کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿئي، يار موٽي سنڌ اچ ۽ اهڙين ريلن تي سفر ڪرڻ ڇڏي ڏي ۔۔۔ اسين توکي شهيد ٿيندي ڪونه ڏسي سگهنداسون، انڪري الله توکي رکي ۔۔۔ جيئرو سنڌ پهچجان ايئن نه ٿئي ته چئجي ته هوندو هو ڪو رنجيت، جو ڏئي ويو اسانکي رنج ۔۔۔۔ تون اسانکي پيارو آهي، مستن، مولائن ۽ موالين سان مڙئي گهڻو لڳندي آهي ۔۔۔

سائين اسان واري رنجيت کي ايئن نه سمجهيو، اصل ڪمانڊو اٿوَ۔۔۔ ياد اٿو هڪ وڊيو توهان کي موڪلي هئي مان۔۔۔ ادي رنجيت جي ريڪارڊنگ واري۔ سو اوهان کي اتان ئي سمجهڻ گهرجي ته رنجيت عرف مولائي فقير ڪا ننڍي مخلوق نه آهي۔۔۔
 
جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

مون کي ياد آهي ته ادا اسد ڄامشورائي جڏهن پهريون دفعو آيو هو ته هڪ پيارو دوست ظفير پڻ ان وقت رجسٽرڊ ٿيا هئا۔۔۔ مون کي سندن تحريرن ۾ هڪ جهڙي قابليت نظر ايندي هئي ان ڪري ادا اسد سان جڏهن به دعا سلام ٿيندي هئي ته کين ظفير لاءِ پڻ سلام ڏيندو هيم۔۔۔ ادا ظفير ته پنهنجي بي انتها مصروفيتن ڪري فورم تي مسلسل حاضري جاري رکي نه سگهيو پر ادا اسد پاڻ ملهايو ۽ پنهنجي بهترين تجزين، مشورن، راين ۽ موضوعن سان سنڌ سلامت تي ڇائنجي ويا۔۔۔
کين ڪئي دفعا سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ‌ زور ڀريم پر پنهنجي مخصوص ۽ هر دلعزيز مسڪراهٽ سان جواب ڏيندي چوندو آهي ته هڪ ته ٿي سگهي ٿو مان به مگسي ۽ ادا وهاب وانگر فرض نڀائي نه سگهان ٻيو ته ڪاٿي سنڌ سلامت تي هر وقت انتظاميه جا رڪن ئي موجود هجڻ جي ڳالهه نه نڪري۔۔۔
بحرحال پاڻ انتظامي رڪن نه آهن پر سنڌ سلامت تي سندن حيثيت انتظامي رڪن کان گهٽ به نه آهي۔۔۔ مان ساڻن اڪثر فورم بابت مشورا وٺندو رهندو آهيان ۔۔۔
سنڌ سلامت ڪيلينڊر جهڙي پروجيڪٽ جو تصور پڻ ادا اسد سان ڪچهري ڪندي آيو ۔۔۔ دعا آهي ته سندن بي انتها قابليت جي بنياد تي کين روزگار ميسر ٿئي ۔۔ ۽ سندن ساٿ هميشه سنڌ سلامت تي قائم ۽ دائم رهي۔۔۔

ادا مست مان پنهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون سلهاڙي توهان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ٿو ڪريان۔ ۽‌توهان جي پرخلوص محنت جي لاءِ مون حقير وٽ اُهي لفظ ناهن جنهن سان آءُ توهان جي تعريف ڪيان۔ اميد ته توهان کي هي لفظ قبول پوندا۔

ادا رشيدان واقعي مان پاڻ کي پيشمان ٿو محسوس ڪريان، ادا سائين توهان کي خبر هوندي ته جڏهن سنڌ سلامت جي شروعات ٿي هئي ته سڀ کان وڌيڪ ايڪٽو رهندڙ هي ناچيز ئي هوندو هو، پر ادا سائين جڏهن کان اسلام آباد ۾ قدم رکيو آهي ته مصروفيتن اسان کي اهڙي نموني سوگهو ڪيو آهي جو جنهن جو توهان اندازو ئي نه ٿا ڪري سگهو، ادا سائين مان پوءِ به پنهنجي طرفان ڪوشش ڪندو آهيان ته فورم کي وڌ کان وڌ وقت ڏيان پر ادا۔ مان پنهنجي فرض کي نڀائڻ ڄاڻيندو آهيان۔
 
جواب: مست جي مستيءَ کي سلام ۽ مبارڪون

ادا مست مان پنهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون سلهاڙي توهان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ٿو ڪريان۔ ۽‌توهان جي پرخلوص محنت جي لاءِ مون حقير وٽ اُهي لفظ ناهن جنهن سان آءُ توهان جي تعريف ڪيان۔ اميد ته توهان کي هي لفظ قبول پوندا۔

ادا رشيدان واقعي مان پاڻ کي پيشمان ٿو محسوس ڪريان، ادا سائين توهان کي خبر هوندي ته جڏهن سنڌ سلامت جي شروعات ٿي هئي ته سڀ کان وڌيڪ ايڪٽو رهندڙ هي ناچيز ئي هوندو هو، پر ادا سائين جڏهن کان اسلام آباد ۾ قدم رکيو آهي ته مصروفيتن اسان کي اهڙي نموني سوگهو ڪيو آهي جو جنهن جو توهان اندازو ئي نه ٿا ڪري سگهو، ادا سائين مان پوءِ به پنهنجي طرفان ڪوشش ڪندو آهيان ته فورم کي وڌ کان وڌ وقت ڏيان پر ادا۔ مان پنهنجي فرض کي نڀائڻ ڄاڻيندو آهيان۔

سائين منهنجي خيال ۾ سائين رشيد اوهان جو نالو مثال طور ڏنو آهي۔۔۔ ڇو ته منهنجي ۽ اوهان جي حالت ڪجهه ساڳئي هئي ۔۔ سنڌ سلامت تي اچڻ ساڻ‌بيروزگاريءَ‌جي وقت ۾ توهان به سنڌ سلامت کي وڌيڪ وقت ڏنو هو، ۽ مون به ڪجهه ايئن ئي ڪيو هو۔۔ پر هاڻي وقتي روزگار سبب ڪجهه مان به پرتي ٿي ويو آهيان۔۔۔
 
Back
Top