آئون ڇا ڪريان سائنس پاڻ ٿي حديثن جي تشرح ڪري ۽ اي سنڌي توهان جي فطرت جي به

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ سلامت ته تون ۽ مان سلامت ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    [​IMG]
    دُنيا جو ڪهڙو بيوقوف انسان ٿو چوي ته سنڌ ۽ سنڌيءَ ماڻهونءَ ۾ ٽيلنٽ ناهي؟ پر ها ان جو مثال اسان (اليڪٽرانڪس ٽيڪنالاجيءَ) موجب ڏئي سگهون ٿا مطلب (هڪ پَيسِو مَٽيريل) جي ائٽمن سان نسبت ڏئي ته چئي سگهون ٿا ته (سنڌ ۽ سنڌ جو علم ۽ ٽيلنٽ) پنهنجو پاڻ هڪ ٻئي جي شخصيتن کي ڇيهو رسائي (پنهنجي ايگو، انا ۽ اجائي ضد، هڪ هٽي، ذات پرستيءَ جي خول۽ اڻ مڃتا، ڪري اڄ اسان سڀئي هڪ ٻئي کي ڪٽي ، چيڀاٽي ضرور ضايع ڪندا وڃون پيا. پر ڪنهن (ايڪٽو فورس ) يعني سچي (ٽريو) ليڊر شپ، سان سنڌي انتهائي پاورفُل ٿي وڃي ٿو ۽ اها سنڌ جي ليڊر شپ (قائد اعظم ۽ جي. ايم سيد) جي شڪل ۾ انگريز کان پاڪستان ڇني بڻائي دُنيا جي هر پناهگير کي پاڻ (سنڌ) ۾ سموئي ٿو، سنڌ جي اها واحد جهمور جي ليڊر شپ (شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي روپ ۾ ) 1971ع ۾ اڌ پاڪستان (مشرقي پاڪستان) وڃائڻ کان پوءَ هڪ نئون پاڪسان (هڪ مڪمل آئين (1973) سان تيار ڪري ٺاهي ڏي ٿي ۽ بغير ڪنهن رقم جي نه صرف 93،000 جنگي قيدين کي پر هندستان جي قبضي ۾ آيل سموري پاڪستان جي سرزمين صرف گفتگوءَ (ٽيبل ٽاڪ) سان واپس ورائي ٿي. نه صرف ايترو ، پر پاڪستان کي دشمنن جي بدنظرن کان بچائڻ لاءِ هميشه لاءِ (نيوڪليئر ٽيڪنالجي) ڏئي محفوظ بڻائي ٿي. ۽ اُها جهمور جي سنڌي ليڊر شپ جيڪا (شهيد راڻي مُحترمه بينظير ڀُٽو) جي روپ ۾ نروار ٿي ملڪ کي مزيد مضبوط بڻائڻ لاءِ (ميزائل ٽيڪنالاجي) ڏي ٿي ۽ پاڪستان جي واحد صوبي سنڌ مان (70 سيڪڙو ناڻو) ۽ (ٻيا وسيلا ) پوري پاڪستان جي مظبوطيءَ لاءِ قطب اچن ٿا ۽ پوءِ اسانکي استعمال ڪڻو ڪڻو ڪري آئنده لاِءِ سنڌ مان اهڙي ليڊر شپ جو خاتمون آڻڻ جو ڪوششون ڪجن ٿيو ۽ اُهي به اسانجي ئي سنڌي ماڻهن جي هٿان؟ ياد رکجي انڊس سولائيزيشن جي اها قوت ۽ حُسن الله سائين سنڌ کي ئي بّشيو آهي (باب الاسلام) بڻائي ته پوءِ اسان ڇڙ وڇڙ ٿي پنهنجن ئي ڪکن کي ڇو پيا ڊاهيون؟ جي سنڌ جي ليڊر شپ ناهي ته سماج ۾ به ڪيميائي ۽ ماحولي تبديلي اچي ٿي. ۽ ياد رهي ته ليڊر شپ ، ٻين کي پاڻ ۾ رکڻ ۽ دلي قربانين جي قوت الله صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي جي جُڙيل هوندا ته!

    ته ماليڪيول (مُتحد) ۽ بانڊنگ (جوڙ) بڻجڻ لاءِ گهٽ اليڪٽرانڪس رکندڙ مٽيريل کي گهڻي اليڪٽرانڪ مٽيريل ۾ ضم ٿيڻو لازمي آهي (ايڪسيپٽر ۽ ڊونر) بڻجڻ. ته تڏنهن ،جڏنهن اسان کي صرف پنهنجي نيوڪليس (سنڌ) جي گرد گهمڻون آهي ، هڪ ٻئي سان پنهنجا اليڪٽرانڪس (قوتون) جوڙي هڪ مضبوط (بانڊ) بڻائي مُتحد ٿيڻو آهي. ياد رهي ته جيئن ائٽمن (فردن) جي ڪا انفراديت ناهي ۽ اُهي ڪم وارا تڏنهن ٿين ٿا جڏنهن پاڻ ۾ جُڙي ماليڪيول (متحد) بڻجندا . جيئن ڪنهن ميٽريل جي ائٽمن (فردن) کي جي (ايڪسٽرنل فورس ) وولٽ جو پريشر يا پاور ڏئي طاقت نه پُهچائبي ته هو پنهنجي مرڪز (سنڌ) اندر ئي مختلف پاسن ، ڪنڊن، ڊائريڪشنس ۾ بي مقصد ڊوڙندا رهندا ، هڪ ٻئي کي چچريندا رهندا، فنا ٿي ويندا، بي اثر ڪري ڇڏيندا. ڇا ڪريان سائنس ٿي چوي ! اُها سائنس جيڪا (سوره رحمٰن) کي تشريح ٿي ڪري، اُها سائنس جيڪا ڪلمي جي تشريح ٿي ڪري، اُها سائنس جيڪا ثابت ٿي ڪري ته هر مٽيريل (زمين، آسمان، پتل، لوه، چاندي وغيره) مان مسلسل فردن جو اخراج (ايميشن آف اليڪٽرانڪس) ٿي رهيو آهي ۽ هر وجود هن سرزمين ۽ ڪره ارض تي سواءِ الله پاڪ جي ذات تي ضايع ٿي ويندو. اُها سائنس جيڪي اسلامي حڪمن ۽ حدثن موجب موجب مڙد کي چوي ٿي سون (گولڊ) نه پر چاندي پاءِ (ريڊيئيشن جي ڪري) ۽ عورت کي ته تون ڀلي سون (گولڊ) پاءِ (مختلف پوليرٽيءَ) جي ڪري . ڇو جو سائنس به حديث ۾ منع ٿيل شين جا ڪارڻ ڳولي ٿي ۽ ثابت ڪري ٿي ته مڙد لاءِ سون پائڻ حرام آهي. ڇو جو سون مان مسلسل تيزيءَ سان نڪرندندڙ اليڪٽرانڪس جو اخراج (ريڊيئيشن ) جڏنهن مرد جي جسم کي ڇُهي ٿو ته هو (حيواني جبلتن) ۾ پئجيو وڃي يعني (عياش پرست) ۽ (عياش طبيعت رکندڙ )ته پنهنجي گرد سون پائيندڙ مڙدن جو پاڻ مشاهدو ڪرو! ريڊيئيشن اُها خطرناڪ شيءِ جيڪا جاپان (هيرشيما) ۾ نيوڪليئر م ڪيرائڻ سان ٿي ۽ اڄ تائين اثر رکي پئي ڪروڙين نين بيمارين جي بڻجڻ ۽ ظاهر ٿيڻ جو ۽ صدي گذرڻ کان پوءِ به ٻار اپاهج ، (بي ڊولا) پئدا پيا ٿين، اها ريڊيئيشن جنهن سان توهانجي ملڪ جون هاڻ موسمون تبديل ٿي ويو آهن، اها ريڊيشن جيڪا ستن آسمانن (سيون ليئرس (اي کان ايف) تائين، توهان لاءِ فطرت طرفان مليل تحفن ۾ رڪاوٽ پئي بڻجي ۽ آسمان کان زمين ڏانهن هر قسم جي فطري يا قدرتي (ڪميونيڪيشن ۽ ٽرانسپورٽيشن) کي مُتاثر پئي ڪري. توهانجي طبيعتن ۾ ڪيميائي تبديلي آڻي موسمون تبديل ڪرڻ سان ۽ سمجهو! جي سمجهي سگو ٿا ته.

    ته خدارا! پنهنجي انا، ايگو، اڻ سهپ، ذات پرستي، شخصيت پرستيءَ جي خولن ۾ پاڻ کي بند ڪري ٻوساٽي ڇو ويٺا آهيو ته!۽ ائين، جيئن ڪنهن مٽيريل (سنڌ) ۾ ائٽمن (فردن) جي (رينڊم ڪيفيت) ڊُڪ ڊوڙ ۽ خودڪشيءِ جي ڪيفيت هوندي آهي ۽ ان فضول ڊُڪ ڊوڙ ۾ شخصيت پرست پنهنجو پاڻ کي زخمي ۽ فنا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ سمجهبو آهي ته سنڌي اڻ پڙهيل جاهل قوم آهن ۽ اهو ڪمال توهانجي شخصيت پرستي سوچ رکڻ جو آهي، مرڪز (نيوڪليئس) يا ليڊر شپ ڳولي ان پويان نه لڳڻ جو آهي. ته پوءِ سڀ ڄاڻي ُٻجهي به اهي حرڪتون ۽ خودڪشيون ڇو ٿا ڪريو؟ ڪنهنجي (رموٽ ڪنٽرول) سان حرڪت ۾ اچي وڻ وڻ ڪاٺي ڇو پيا بڻجو ائين ڪرڻ سان توهانجي ذاتي ۽ ذهني تسڪين ته ضرور ٿيندي پر سنڌ ۽ سنڌي نقصان ۾ رهندو.

    اچو ته چٽاڀيٽي ڪري وقاص وانگر سنڌ ٽيلنٽ بڻجون ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪريون جي بي همٿا آهيون ته ٽري پاسي تي ٿي وڃون (ٻين کي گس ڏيون، رستا روڪ نه ڪريون) ته بي سهارا سنڌي ٽيلنٽ کي گس ڏيو ته اڳيان وڌي اچي ۽ اسانجي خالي ۽ نمائشي دٻن کي ريلوي انجڻ جيان گهلي. سوچ ! سوچ ! سوچ ! جي تون واقعي سنڌي آهين ۽ سنڌ گهريو به ۽ نه ڪنهن جي رموٽ ڪنٽرول سان ڪڏڻ وارو ڇو جو سنڌ سلامت ته تون ۽ مان سلامت ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 آگسٽ 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم سنڌي ميڊيا عبدالرزاق ميمڻ صاحب هي جيڪي اوهان قرآن جي آيت سڳوري لکي آهي ان ۾ ترميم ڪري صحيح طرح لکو خدارا توهان ته قرآن ۽ حديث کان واقف آهيو ، اڪثر انبيائن جا قصا ، حديثون ۽ تفسيرن مان اسلام بابت لکندا رهندا آهيو ، ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته اوهانجي لکيل جملي جو مطلب ڇا ٿو نڪري!؟ ۽ آيت جي لفظي معنا ڪهڙي آهي ! ٿورو خيال ڪندا ڪريو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو