” منهنجي امڙ “

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مڪه / سعودي عرب
    February 2008
    هڪ تاثر
    ” منهنجي امڙ “
    نثارابڙو
    ( هڪ انگريزي ليک تان ورتل، سنڌي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ ڪجھه نالن، ڪمن ۾ ردوبدل ڪندي ڪجهه جملا پنهنجي پاران وجهي ڪهاڻيءَ کي سنڌي رنگ ۾ رنگڻ جي ڪوشش ڪئي آهي)
    [​IMG]

    ماءُ عظيم ڇو آهي؟ سندس قدمن ۾ جنت ڇو رکي وئي آهي؟ پيغمبرن، رسولن، مفڪرن ۽ ڏاهن ماءُ جي احترام کي مذهبي رتبو ڇو ڏنو آهي؟ ...

    اچو ته اڄ هڪ اهڙي پٽ جي ڪهاڻيءَ تي ويچار ڪريون جنهن پنهنجي ماءُ کي سندس لاءِ ڪئي ڪوڙ ڳالهائيندي محسوس ڪيو...

    1. مون هڪ مسڪين ۽ غريب گھراڻي ۾ هوش سنڀاليو ... غربت ايتري جو ڪڏهن ڪڏهن کائڻ لاءِ ايترو به نه جو اسين سڀ کائي ڍئو ڪري سگھون ... جڏهن کاڌي جو وقت ٿيندو هو ته امان پنهنجي ڀاڱي جا چانور به منهنجي ٿالهيءَ ۾ وجهي چوندي هئي؛
    ”منهنجا ٻچڙا هي چانور به تون کاءُ، مونکي بک ناهي“
    امڙ جو هي پهريون ڪوڙ هو ...
    2. آءُ جسماني طور وڌڻ لڳس، مونکي وڌيڪ طاقتور کاڌن جي ضرورت هئي ... ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ امڙ پنهنجي گھر جي پوئين پاسي وهندڙ واهوندي ۾ وڃي مڇي ماري ايندي هئي ... پوءِ ان مڇيءَ کي چڱيطرح پچائي مونکي ڏيندي هئي ... جڏهن آءُ مڇي کائيندو هوس ته امڙ منهنجي ڀر ۾ ويهندي هئي ... مڇيءَ جي ڪنڊن سان لڳل ماس مونکان رهجي ويندو هو ته امڙ اهي ڪنڊا کڻي چوسيندي هئي ۽ انهن تي بچيل ماس مان مزو وٺندي هئي ... مونکي احساس ٿيو ته مون هڪ ثابت مڇي کڻي امڙ کي ڏني ته هوءَ کائي پر امڙ مڇي مان ماس پٽي منهنجي وات ۾ وجھندي چيو؛
    ” هيءَ مڇي تون کاءُ، انجي توکي ضرورت آهي، مونکي مڇي اصل وڻي ئي نه“
    امڙ جو هي ٻيو ڪوڙ هو ...
    3. آءُ جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿيس ته منهنجي پڙهائيءَ لاءِ وڌارن پئسن جي ضرورت پئي ته امڙ ڳوٺ وارن جا ڪپڙا سبڻ شروع ڪيا ۽ صبح شام ان ڪم ۾ مشغول رهندي هئي ته جيئن ڪجھه وڌيڪ پئسا ڪمائي سگھي ... هڪ سياري جي رات جو آءُ پڙهندي پڙهندي سمهي رهيس ... ڪجهه دير کانپوءِ اک کلي ته ڏسان امڙ اڃان ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ڪپڙن جي سلائيءَ ۾ لڳي پئي آهي ... مون کيس چيو ”امڙ اچ ننڊ ڪر، ڪافي دير ٿي وئي آهي، صبحاڻي وري ڪم ڪرڻو اٿي“ امڙ مسڪرائيندي جواب ڏنو؛
    ” منهنجا پيارا پٽ، تون سمهي رهه، آءُ اڃان ٿڪي ناهيان “
    امڙ جو هي ٽيون ڪوڙ هو ...
    4. پرائمري اسڪول جو آخري امتحان آيو ته امڙ مونسان گڏجي اسڪول تائين ايندي هئي ۽ امتحاني پرچو ختم ٿيڻ تائين ٻاهر نٽهڻ اُسَ ۾ بيهي منهنجو انتظار ڪندي هئي ۽ جيئن ئي پرچي ختم ٿيڻ جو گھنڊ وڄندو هو ته ڀڄي اچي ڳراٺڙي پائي، پهريان سان تيار ٿيل شربت جو گلاس وڏي محبت سان ڏيندي هئي ته جيئن آءُ پي تازو ٿيان ... هڪ ڏينهن ان شربت جي گلاس مان ڪجھه بچائي مون امڙ کي موٽائي ڏنو ته هوءَ پڻ پيئي ... پر امڙ گلاس موٽائيندي وراڻيو؛
    ” تون پي ڇڏ پٽ، مونکي اڃ ناهي“
    امڙ جو هي چوٿون ڪوڙ هو ...
    5. بابا ڊگھي بيماري کانپوءِ گذاري ويو ته امڙ ويچاريءَ کي ٻئي مٿا سنڀالڻا پيا ۽ گھر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ کيس وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي ... اسانجا ڏينهن وڌيڪ ڏکيا ٿيڻ لڳا ۽ تڪليفون وڌڻ لڳيون ... اسانجي ڏکن تي ترس کائي گھر جي ڀرسان رهندڙ منهنجو چاچو ايندو هو ۽ اسانجي وس آهر مدد ۽ همدردي ڪندو هو ... پاڙي وارا پڻ ڪهل ڪري امڙ کي ٻي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏيندا هئا ته کيس ڪو سهارو ۽ پيار ملي پوي پر امڙ منهنجي مٿي تي هٿ گھمائي هيئن چوندي هئي؛
    ” مونکي ڪنهنجي سهاري يا پيار جي ڪا ضرورت ناهي “
    امڙ جو هي پنجون ڪوڙ هو
    6. ڪاليج ختم ڪرڻ کانپوءِ مونکي شهر ۾ هڪ نوڪري ملي وئي ۽ امڙ به هاڻ اچي ڪراڙپ کي پهتي هئي پر تنهن هوندي به ٽافيون، بسڪٽ ۽ ٻاراڻا رانديڪا وٺي گھر جي ٻاهران وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي کپائي گذارو ڪندي هئي ... مونکي پگھار ملي ته کيس ڪجھه پئسا ڏياري موڪليا ته جيئن کيس ڪجھه آساني ٿئي ... پر امڙ پئسن سان گڏ اهو چوائي موڪليو ته؛
    ” مون وٽ پئسا آهن، ڳڻتي نه ڪر، اهي پئسا وڌيڪ پڙهائي تي خرچ ڪر “
    امڙ جو هي ڇهون ڪوڙ هو
    7. گريجيوئيشن ڪرڻ کانپوءِ مون ماسٽر ڪرڻ لاءِ هڪ اداري کان اسڪالرشپ ورتي، مونکي پنهنجي شهر کان گھڻو پري هڪ بهترين يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي، ماسٽر ڪرڻ کانپوءِ ان ئي اداري ۾ مونکي هڪ سٺي نوڪري ملي وئي جنهن ۾ سٺي پگھار سان گڏ رهائش، گاڏي ۽ ٻيون ضروري سهولتون پڻ ملي ويون ... مون پنهنجي ئي ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي پڻ ڪري ورتي ... خيال آيو ته ڇونه امڙ کي به شهر وٺي اچان ۽ کيس ڪجھه آرام جي زندگي ميسر ٿي ... پر منهنجي پياري امڙ مونکي ڪا تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهندي يا وري منهنجي ازدواجي زندگي ۾ ڪو خلل نه پوي واري خيال کان هي چئي انڪار ڪيو؛
    ” منهنجا سهڻا پٽ، آءُ وڏن شهرن ۾ رهڻ جي عادي ناهيان .. خوامخواه بيمار ٿي پوندس “
    امڙ جو هي ستون ڪوڙ هو...
    8. امڙ جي آخري عمر ۾ کيس ڪينسر جي بيماري ٿي پئي، جنهنڪري کيس اسپتال ۾ داخل ڪري مونڏانهن نياپو ڪيو ويو، آءُ انهن ڏينهن ۾ سمنڊ پار هيس، امڙ جو ٻڌي تڪڙي جهاز ذريعي اچي پهتس، سندس حالت انتهائي نازڪ هئي ، ڪمزوري ايتري جي کائنس ڳالهايو نه ٿي ٿيو، تڪليف سندس همٿ ٽوڙي وڌي هئي ... ايتري جاندار ۽ همٿ واري عورت جي اهڙي حالت ڏسي منهنجي ڳلن تان ڳوڙها وهي نڪتا ... امڙ جي نظر منهنجن ڳوڙهن تي پئي ته هڪدم پاڻکي سنڀاليندي، پنهنجي سموري طاقت گڏ ڪندي... هڪ مسڪراهٽ منهن تي آڻيندي، منهنجي اکين سان اکيون ملائيندي چيائين؛
    ”نه روو منهنجا پيارا پٽ، ڪا تڪليف ناهي ۽ نه ئي ڪو سور آهي، آءُ ٺيڪ آهيان “
    امڙ جو هي اٺون ۽ آخري ڪوڙ هو ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين، هن چرڙئي ناچيز توهان جي لکڻي کي چڱي طرح پڙهيو آهي، ماءُ جي اهڙي محبت ڏسي اکين ته ڇا دل ئي روئڻ شروع ڪري ڏنو آهي، سائين منهنجا مونکي يقين آهي ته سخت کان سخت ترين ماڻهو به اگر هن لکڻي کي هڪ دفعو پڙهندو ته هن جي دل نرم ٿي ويندي ۽ اکين مان آب شروع ٿي ويندس۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ 10 مئي تي سموري دنيا ماءُ جي محبت کي مڃيندي ۽ ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ”Mothers Day“ طور ملهائيندي آهي۔۔۔۔۔ هن ڏهاڙي توهان جي موڪليل تحرير ماءُ جي ڏنل قربانين جي حقيقي عڪس کي وائکو ڪيو آهي۔۔۔۔
     
  4. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا نثارابڙو توهان جي مهرباني
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    بلڪل ادا توهان صحيح آهيو
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رشيد توهان بلڪل صحؓيح چئي رهيا آهيو۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    آءُ هيءُ ڪهاڻي ادي علي علي جي نالي ٿو ڪريان، ماءُ جي اهميت ڪيتري عظيم آهي، سندس ڪمي ڪيئن پوري ٿي سگهي ٿي سو ته ممڪن ناهي ... ۽ ڀائڙي علي علي سان جيترو به ڏک ونڊجي سو گهٽ ٿيندو ...

    دعا آهي ته ادا علي علي سميت سندس سموري ڪٽنب کي رب تعالا صبر عطا ڪري ۽ امڙ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    آمين ثم آمين،
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    السلام عليڪم

    سائين اوهان جا تمام گهڻا ٿورا ۽ اوهان جا لک لائق جو اوهان اها ڪهاڻي مهنجي نان کئي سائين الله اوهان کي سدا خوش رکي شال آباد هجو
    هڪ دفعو اوهان جي ۽ انهن سڀني دوستن جي تمام گهڻي مهرباني جن مون سان عذر خواهي کئيshal judy hujeen
     
  10. ڊاڪٽر قادر بخش منگسي

    ڊاڪٽر قادر بخش منگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2010
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    im principal in t m k
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    سائين توهان جي ڪهاڻي ڏاڍو وڻي آهي دل کي موهي وئي آهيasul matt
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    سائين محترم مگسي صاحب، لک ٿورا ڪهاڻي پسند ڪرڻ جا ۔۔۔ اصل ۾ ماءُ جي ذات ئي اهڙي آهي جو انجي ذات تي سوچيندي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي آهي جنهنکي ڪڏهن ڪڏهن لفظ ڏيڻ به ڏکيو لڳندو آهي ۔۔۔
    رب العالمين اسانجي امڙين جو سايو اسانجي سر تي قائم رکي ۽ جيڪي فوت ٿي ويون آهن رب العالمين انهن جي بخشش ڪري جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    توهان سچ فرمايو آهي ته ماءُ جي ذات تي سوچيندي گهڻو ڪجهه سوچيندا آهيون، منهنجي مرحوم جيجل جي وڇوڙي کي اٺون سال آهي پر اڃان به ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ جيجل جا شفقت سان ڀريل هٿ اڃان به منهنجي مٿي جي وارن ۽ منهنجي ڳلن تي پيار سان گهمي رهيا هُجن۔۔۔۔۔۔
    پير ڌوئي امان جا پِي نه سگهيس
    ڪجهه دُعائون اڃا ڀي وٺي نه سگهيس،
    ماءُ دشمن جي شل نه ”ناز“ مري،
    هي ته صدمون الا سهي نه سگهيس۔۔۔۔۔۔​
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    [​IMG]
     
  14. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    ۔
    ادا سائين !
    ماءُ ٻن روپن ۾ هوندي آهي ،ٻنهيءَ جي محبت لازوال ۽اڻکٽ هوندي آهي،هڪڙِ حقيقي ماءُ جيڪا گهٽ ۾ گهٽ 9 مهينن تائيين پنهنجي پيٽ ۾ سنڀالي زندگيءَ جو وجود ڏيئي هيءَ فاني دنيا ڏيکاري ٿي،۽جيسين تائين ٻچڙو جيئرو آن سان لازوال ۽هڪ طرفي محبت ڪري ٿي۔
    مرڻ کان پوءِ انسان هميشه جي لاءِ ٻي ماءُ جي پيٽ ۾ آرامي ٿئي ٿو،۽ ان ماءُ کي ڌرتي ماءُ چئبو آهي ۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    لفظ ماء، امان ۽ امڙ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن لفظ جا ڇا ته احساس آهن

    ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي جيڪڏهن منهنجي نظر ۾ آهي ته اها ماء آهي۔ ماء ڏک سهي ، اهنجون سهي به پنهنجي ٻچڙي لاء ڇا ڇا نه ٿي ڪري ۔۔۔۔ ننڍي هوندي پرائمري ۾ پڙهندي پهرين ڪلاس ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو بيت منهنجي امڙ پڙهندا هئاسين۔ اڄ جڏهن شفيق جوکيو صاحب اهو بيت فيس بوڪ تي ونڊ ڪيو ته احساس مٽجي ويا ۽ ٻار ٿي ويس۔ جي اسڪائيپ تي سائين نثار ابڙو نه هجي ها ته شايد مان روئي پوان ها۔

    منهنجي امڙ جيجل

    مون کي ڪنهن ٿي کير پيارو؟
    پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
    خوش ٿي هرهر مون ڏي نهاريو!
    منهنجي امڙ

    ننڊ ڦٽي جڏهن مون ٿي پئي،
    ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي؟
    ڇڏي نه مونکي ڪيڏانهن وئي!
    منهنجي امڙ

    پنڌ ڪندي ٿي ڌڪو کاڌم
    ڪنهن کڻي ٿي ڇاتي لاتم؟
    پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم!
    منهنجي امڙ

    ٿيس جڏهن آئون بيمار،
    دوا ڪرڻ لاء ٿي، ٿي تيار،
    ننڊ ڦٽائي ٿي هوشيار!
    منهنجي امڙ

    صبح سانجهيءَ سار لڌائين،
    کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،
    مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيائين!
    منهنجي امڙ

    تو ڪئي آهي مونسان ڀلائي،
    تنهن لاء ڪريان شڪر ادائي،
    مور نه وسري تنهنجي چڱائي!
    منهنجي امڙ

    وڌي جڌهن آئون وڏو ٿيندس،
    سک سوين آئون توکي ڏيندس،
    توتي پنهنجو ساهه ڇڏيندس!
    منهنجي امڙ

    قاضي فيض محمد جو هڪ شعر ٿو ياد اچي:

    چار ٻچڙا ماء اڪيلي، سابه ٽولي ياد آ
    ڄاڻ جوڌا جوان ٿيا، ٻاجهه ٻولي ياد آ
     
  16. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    ادا نثار ابڙو صاحب ۔هڪ دلسواز۽ ماء جي عظمت ۽ قربانين واري ڪهاڻي کي هن فورم جي زينت بنائڻ تي اوهان کي جس هجئي۔ان ڪهاڻي ۽ توهان جي لکڻ جي انداز اسان جي اکين مان ڳوڙهن جي برسات شروع ڪرائي ڇڏي۔اسان جي ته اها محترم هستي هن دنيا ۾ نه رهئي آهي اڄ به هنن جو اسان سان ڪيل محبت وارو سلوڪ نه وسريندو آهي ڪيتري ته هو اسان سان محبت ڪنديون هيون توهان ان جو اندازو پاڻ لڳائي سگهو ٿا۔آلله پاڪ شل اسان جي والده ۽ ٻين ميمبرن جن جوي والدئون هن دنيا مان برقعو مٽائي ويون آهن انهن کي جنت الفردوس ۾ جاء عطا فرمائي آمين۔جن ميمبرن جا والدين اڃا تائين زنده آهن انهن کي گذارش ڪنداسين ته انهن جي تمام گهڻو خيال رکن ڇاڪاڻ ته اهو مقدس رشتا واري هنن جي زندگي ۾ نه ايندا۔ايئن نه ٿئي ته پو حسرت رهجئي وڃي ته انهن جي خدمت نه ڪري سگهياسين۔
     
  17. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    ادا نثار ! امڙ جي موضوع تي لکجي ته پيو لکجي۔۔۔لکين صفحا لکجن ته به حق ادا ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي۔۔۔ اوهان جيڪا لکڻي اسان کي پڙهڻ جي لا شامل ڪئي آهي اها هن موضوع جي سٺين لکڻين منجهان آهي۔۔۔ اوهان جي مهرباني۔۔۔۔ سچ پڇو ته جڏهن مون ان موضوع تي لکڻ چاهيو ته ڪهاڻي بجا شاعري لکي ويٺس جنهن ۾ پڻ ممتا کي مان ڏيڻ تي منهنجو وس نه پڳو ۽ مجبور ٿي عرض ڪيم۔۔۔۔
    اي ما ! تنهنجي شان ۾ سوچيو مون ڇا لکان
    ڪاش ! ڪاغذ تي ڪڍي دل ۾ آيو دل رکان۔

    اوهان جو پنهنجو
    اياز
     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    اڄ اسانجي هڪ دوست فيسبڪ تي هي جملو لکيو آهي ۔۔۔

    رات، هڪ غريب ماءُ، ٻارن کي اهو چـئي ننڊ ڪرائي ته رات جو ننڊ ۾ فرشتا ايندا آهن ۽ مانيون کڻي ايندا آهن
     
  19. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڪھاڻي پڙھي لفظ ڳولھيان پيو ته ڪھڙا لکان۔؟ سرڪار لک لائق جو اھڙي سھڻي ڪھاڻي کي سنڌي ۾ ۾ اوھان ترجمو ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” منهنجي امڙ “

    [​IMG]


    ماءُ جي مٽ ڪو رشتو ناهي ۔۔۔ جيئرن کي قدر ناهي مرڻ کانپوءِ قدر ڪرڻ مان ڪو فائدو ناهي ۔۔۔ انڪري دوستو، امڙ جي خدمت ڪري وٺو ته ٻئي جهان اوهانجا ٿين۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو