غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
جواب: ” منهنجي امڙ “
ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔دنيا ۾ ماء جهڙي ڪا عظيم هستي نه آهي۔قران شريف ۾ بار بار والدين سان سٺو سلوڪ رکڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي۔اسان جي نبي سڳوري جو به فرمان آهي ته پنهنجي ضعيف والدين کي آف به نه چئو ۽ هنن سان تيز لهجي ۾ نه ڳالهايو۔ماء جهڙي عظيم هستي جو گهر ۾ هجڻ جي ڪري،الله پاڪ جي بي شمار رحمتون جو نزول ان گهر تي ٿيندو آهي۔ ماء جو ڪو به نعيم البدل نه ٿو ٿئي سگهي۔ماء جي هڪ رات جي اوجاڳي، ٻار جي ننڍپڻ ۾، جو قرض اهو ٻار جوان ٿيڻ تي لاهڻ جي قابل نه هوندو آهي۔ماء جي عظمت جو اعتراف ٻين مذهبن جي ڏاهن به ڪيو آهي۔ونسٽن چرچل هڪ پبلڪ خطاب جي دوران چيو ته اوهان مونکي هڪ سٺي ماء ڏيو۔مان توهان کي هڪ سٺي قوم ڏينديس۔اسان جي والده ته هن فاني دنيا مان منهن مٽائي هليون ويون آهن،پر جنهن به اسان جي دوست،ميمبر،سڄڻ جي والده زنده آهن،مهرباني ڪري هن سان تمام سٺو سلوڪ ڪن،هن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ڏين،بزرگن جو فرمان آهي جنهن والده جي دل ڏکوئي ،ان الله پاڪ جي عذاب کي دعوت ڏني۔سائين منهنجا اوهان جي اڄ ماء جي عظمت تي ونڍ ڪيل تصوريون ۽ ليک،پوين ليک کي گڏائي پڙهڻ سان،اسان کي اسان جي مٺڙي والده مرحوم جون ياديون تازا ڪرائي ڇڏيون۔