ووٽ مقامي چونڊ لا سنڌ ۾تبديلي جي خواهش ٽٽل ڦُٽل سنڌي زبان ۽ غلط اچارن سان ميڊيا تي آمد!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڳالهه ڪريان ٿو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    [​IMG]
    آخر سنڌ تبديل ڪيئن ٿئي ! جو تبديلي آڻيندڙن ۾ سنڌ جي غربت ماريل 95 سيڪڙو آباديءَ مان نمائندگي ئي ناهي؟ جن کي پنهنجي ووٽ جو احساس ڏيارڻ تي امريڪي ۽ ڪئنيڊي رٽرن ڏاها ڌڙا ڌڙ ميڊيا تي مشقون هلائي رهيا آهن ۽ سنڌين کي احساس پيا ڏيارين ته اُهي ئي ووٽ ڏئي سنڌ ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا.

    ته جڏنهن انهن جي ووٽ جو حقدار به انهن لوڪل ۽ غريب عوام مان ئي ڪو ڏاهو، پڙهيل لکيل ۽ غربت ماريو نه هُجي ۽ هُجي ڪو واپاري، سرمايادار ڪامورا ، 5 سيڪڙو سُکيا ستابا امير ڪبير ۽ پنهنجي ياري ويسيءَ سان پئسي ۽ نمائش ۽ طاقت جي آڌار تي پاڻ کي ڏاها ۽ دور انديش سڏرائيندڙ ، ۽ زوريءَ مڃائڻ وارا ،جيڪي ڪو ليڪچر يا بحث ڏئي جيڪي صحيح سنڌي به ڳالهائي ۽ اُچاري نٿا سگهن ۽ جي اتفاقي ڪو 95 سيڪڙو غريب سنڌين مان اڀرندڙ ڏاهو ساڻن ان موضوع ڳالهائڻ چاهي ٿو ته مُنهن ڦيرائي ۽ نظر انداز ڪري پاڻ کي سوٽ بوٽ ۾ سُپر پاور سمجهي تڪڙا تڪڙا نڪري وڃن ٿا .

    ته جيڪي سال جا 300 ڏهاڙا پنهنجي ڪُٽنبن سميعت امريڪا، ڪئناڊا ۽ ٻين يورپ ڪنٽرين ۾ رهڻ ۽ گهمڻ ۾ لڳائين ٿا ۽ وساري ويهن ٿا سنڌي قوم جي سڃاڻپ جا چند اُچار ، جن تي اڳيان هلي به سنڌي هُئڻ ۽ نه هُئڻ تي بازي رکيل آهي جهڙوڪ ( ٻ ، ڱ ، ڏ ، ڄ ، ڃ ۽ ڻ) جا اُچار به پنهنجي ور وڪڙ ڏئي انگريزي نمان نڙگهٽ مان ڪڍي ڳالهائي به نا سگهن. ۽ حيرت آهي پوءِ به هڪ طرف هو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي بضد آهن ۽ حقدار ۽ سنڌ جو سپوت سمجهن ٿا؟ ۽ ٻي طرف تبديلي آڻڻ جو خواهان !

    جي واقعي سمجهجي به ته اُنهن ماڊرن سگهڙن کي به هاڻ فنڪشنن، نسشستن، برخواستن کان پوءِ عملي طرح سنڌ جي حالتن جو فڪر آهي؟ ۽ جي آهي ته شق نه هُئڻ گهرجي! جي هو پنهنجي عمل، قول، فعل ۽ پوشاڪ سان به عارضي طور ئي ثابت ڪن ! پنهنجي سنڌ ثقافت جي ڊريس ڪوڊ اپنائي ، سنڌي ماڻهن جي عام سوچ رکي ۽ نه رُڳو ، ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ ڪنهن به ميڊيا چينل تي اچي ٽٽل ڦٽل سنڌي ٻولي ٻولي. ڪاش اُهي ميڊيا تي نمودار ٿيڻ کان پهرئين سنڌي سُڃاڻپ جا هي چند اکر ( ٻ ، ڱ ، ڏ ، ڄ ، ڃ ۽ ڻ) اُچارڻ سان صحيح گرامر ۽ سنڌي ڳالهائڻ جي ڪوشش جي پريڪٽس به ڪري اچن ها ۽ الن اعلان سنڌي زبان جون ٽنگو ڀڃڻ کان به پاڻ بچائين ها ته سندن اميج سنڌي قوم قبول ڪري.

    ٻي صورت ۾ اهڙين اليڪشن مهمن جي موسمي پرديسي ڏاهن کي سمجهڻ گهرجي ته بيشڪ انگ اگهاڙ ۽ سادو سنڌي عوام غربت ماريو ، 95 سيڪڙو غريب عوام بُکايل ۽ اُڃايل ، انگ اگهاڙو ۽ ڪکن ۽ جهوپڙن ۾ رهڻ وارو به آهي پر هو سياسي طور دُنيا جي سڀني قوم کان باشعور قوم آهي. ته اليڪشن جي دئور ۾ پرديس مان موسمي سفر ڪري ايندڙ پکين ۽ بلخصوص ۽ سال جي 365 ڏهاڙن جا 65 ڏهاڙي سنڌ جي شهرن ۾ گُذاري ۽ سنڌي سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چئنلن وسيلي قوم جو احساس جاڳائڻ بجاءِ ڳوٺ ياترا ڪرڻ کپندي هُئي، ان گرميءَ ۽ بجلي بند، بند دڪانن ۽ ڪاروبارن ۽ بک جو احساس محسوس ڪرڻو هو.

    شايد انهن کي پڪي خبر ناهي ته 95 سيڪڙو غربت ماريل سنڌين جي جهوپڙن ۾ ٽي ويون ڪٿي جو هو انهن جا اهي (غلط سنڌي اُچار ۽ غلط ٻوليءَ جا) بي لاگ تبصرا ٻُڌندا هوندا ۽ جي اتفاقي ٻُڌن به ٿا ته کلن ٿا ته اهي ماڻهن سنڌي سوچ ۾ انقلاب آڻيندا جيڪي پنهنجي سوچ ۾ به انقلاب آڻي نه پيا سگهن. ته اهي پرديسي پکي ۽ ڏاها سمهن ته سنڌي عوام، سنڌي چئنلن تي ، پرائيويٽ پروڊڪشن جو ڊي وي ڊي تي ٺهيل (ڌاڙيل، وڏيري، پوليس، ڪمدار، چور ۽ موالي ڪلچر) واريون فلمون ۽ اُهي به هوٽلن ۾ ويهي پنهنجي زندگي گهڻي ڀاڱي بيڪار ڪريو ويٺا آهن. ۽ انهن کي ڀنگن جي نشن مان آسانيءَ سان نٿو ورائي سگهجي ۽ پهرئين ڪوشش اهائي ئي ڪرڻي آهي.
    [​IMG]
    جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته نه چاهيندي به ڀٽو بڻجڻو پوندو ۽ ڀٽو ازم اپنائڻو پوندو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃڻو پوندو، سنڌي ٽي وي چئنلن تي اخلاقي پريشر رکڻو پوندو ته هو سنڌ ۽ سنڌي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن . علم ۽ ادب ۽ تعليم ، تواريخي مائل ڊرامان ۽ گانا پيش ڪن جيئن ڀوتارن طرفان سُمهاريل مُريدن کي ڀنگ جي نشي ۽ اوتارن ۽ هوٽلن مان ڪڍي جهنجهوڙي سگهجي ۽ سنڌ ۾ به انقلاب برپا ڪري سگهجي.

    ته توهانجا ٽي.وي چئنل تي سنڌ سڌار جا اهي تبصرا يا انٽر نيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي 5 سيڪڙو سکيا ستابا سنڌي ته ڏسندا ۽ داد به ڏيندا ۽ ٽيلفون ڪالون به ڪندا پر سنڌ ۾ علمي انقلاب جهالت خلاف آڻڻ ۾ ڪامياب ڪونه ويندا ڇو جو اڪثريت ڏتڙيل ۽ غريب سنڌي انگيج ناهي، کين انگيج ڪرڻ لاءِ توهان کي (وڏيون ايل سي.ڊي جون ٽي.وي اسڪرينون) وٺي اها معمولي پئسي جي قرباني ڏئي هر ڳوٺ ۽ شهر جي چوڪن ۾ هڻيون پونديون جتي گهوسٽ اسڪول، اوتارا ۽ ولين، بزرگن جي گرد قائم اوتارا يونيورسٽين مان اهي غريب سستي انٽرٽينمينٽ حاصل ڪري جمع ٿئي، هڪ هنڌ ويي توهانجا اهي سياسي ۽ سماجي بنهتريءَ وارا تبصرا ٻُڌي سگهن ۽ هڪ ٻئي سا بحث ڪري ۽ سمجهي قائل ٿين ۽ ڪري سگهن ته سندن ووٽ ۾ ڪيترو پاور آهي.

    ته ماڊرن سگهڙ سنڌي دوستئو ! اهي 95 سيڪڙو غربت ماريل سنڌين کي سياسي طور با شعور سمجهو ، اُهي بيوقوف ناهن جيڪي توهان امريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهي ماڊرن ٿي سمجهو پيا . اهي ٻيو ڪُجهه سمجهن نه سمجهن ڀوتارن ۽ ڪامورن ۽ سکين ستابن جون سياسي ۽ شطرنجي چالون ضرور سمجهن ٿا ته ڪنهن کي ووٽ گهرجي ۽ ووٽ تڏنهن ملندو جڏنهن اهو 95 سيڪڙو توهانجي ڪمپيئن کي واقعي سنڌي ماڻهن ۾ شعور آڻڻ جي ڪمپيئن سمجهندو.

    جڏنهن توهانجي اثر رسوخ سان ڪنهن سياسي وڏيري کي ميڊيا تي آڻڻ بجاءِ انهن ئي 95 سيڪڙو ماڻهن مان اڀرندڙ ڪو ڏاهو ميڊيا ۾ آڻي پيش ڪرايو ته انهن جي ويچارن کي ٻُڌندي. هو تبديليءَ لاءِ سوچي سگهن ٿا . جي تعصبي عينڪ لاهي سچ ۽ زميني حقيقتون سمجهو ته اهو ئي ڪارڻ هُئا جو لوڪل سياست ۽ غريب هارين، مزدورن، شاگردن جي دروان تي وڃي سياست ڪرڻ کي (شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀُٽو) اپنايو ۽ ڪري ڏيکاريو هو. ۽ غريبن جو ووٽ حاصل ڪيو هو ۽ توهانکي به سوچڻ گهرجي ته هر سنڌي چاهي ڪنهن به سياسي ، مذهبي، سماجي يا قومي نظرئي جو هُجي سنڌ لاءِ فدا آهي پر ان هوندي به سنڌ جون قومي پارٽيون به ووٽ نٿيون کڻي سگهن. حالانڪ هر سنڌي (ڪهڙي به جماعت جو هُجي) پنهنجي قومي پارٽين سان به مُحبت رکي ٿو. ۽ انهن قومي پارٽين جي هر ليڊر کي پيار ڪري ٿو. پر ووٽ نٿو ڏي. ڇو ؟ اها اڀياس ڪرڻي آهي ۽ ووٽ بينڪ تبديل ڪرڻ لاءِ هر ڀوتار کي (ڀٽو ٿيڻو پوندو ۽ ڀٽي جي ڪاپي ڪري ميدان تي لهڻو پوندو) . ۽ جي ڀٽي صاحب جي ريپليسمينٽ ۽ ليڊرشپ ڏيڻي پوندي .

    ۽ هڪ خاص ڳالهه اپنائي به ته توهان جو ڊائريڪٽ يا انڊائريڪٽ سنڌ کان علاوه ٻئي ڪنهن سياستدان، ڪاموري ، بيوروڪريٽ يا يا ڊڪٽيٽرس يا انهن جي ڪنهن به نمائندي سان واسطو ناهي ۽ نه ئي انهن سنڌي ڀوتارن سان جيڪي سنڌ کان ٻاهر ليڊرشپ جون واهون ڏسن ٿا. ڇو جو غريب سنڌين ، ڊڪٽيٽرن جي زماني ۾ گهڻن ئي ظلمن کي سٺو آهي. اهي اُهي ئي آهن جن تعصبي عينڪ پائي پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ مظبوط ڪندڙ سنڌ جي ليڊرن (قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽي) جي منشور ۽ آواز کي پنهنجوي صوبي ۾ بلاڪ ڪرائي ڇڏيو آهي جو اهڙي ليڊر شپ سندن صوبن ۾ پئدا نٿي ٿي سگهي. نيشنلزم سان نفرت ڪندڙن کي مجبون (جاگ پنجابي جاگ تيري پگ ۾ پڙيا داغ) ۽ (اڙدو ڪا جنازه هي ذره ڌوم سي نڪلي) جا نعرا هڻي پنهنجي صوبي ۾ قوم پرستي پئدا ڪرڻي پئجي وئي. ته جيئن سنڌ مان اُڀرندڙ قيادت سندن صوبي ۾ پکڙجي نه سگهي. حيرت آهي ان باوجود به ڪي سنڌي وڏيرا غير سنڌيءَ جي ليڊر شپ قبول ڪن ٿا؟

    ته هر صورت ۾ سنڌي (ميرٽ ۽ ٽيلنٽ) جو خيال ڪرڻو پوندو جن جا اڳ ئي حق غضب ڪري سنڌي ڀوتارن جو اولاد، سفارشي ڪلچر اپنائي ، ٻاهر مُلڪن جو اسڪالرون پاڻ ڇني ٿو، ادارن ۾ سفارش تي اچي سندن پروموشن جو حق ڇني ٿو، نوڪرين جو حق ڇني ٿو ۽ اُهي ٻيو ڪير نه ان جا ڏوهاري توهان سڀ ڪامورا ۽ وڏيرا آهيو . توهان پاڻ آهيو جن وڃي امريڪا ۽ ڪئناڊا ته وسائي پر سنڌ جي ڏتڙيل عوام کي بُکن ڪُتن اڳيان ڦٽو ڪيوو ۽ صرف اليڪش دوارن اچي مختف حربن سان سندن ووٽ وٺي وري پرديس هلي وڇو ٿا ۽ پويان ڀوڳي ٿو غريب عوام ٿو.

    هاءِ ڙي امڙ سنڌ ! ۽ سنڌي ٻولي توسان پنهنجن جا مسلسل ۽ لڳاتار ٿيندڙ هي ڪيس ! ڳالهه ڪريان ٿو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 سيپٽمبر 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته نه چاهيندي به ڀٽو بڻجڻو پوندو ۽ ڀٽو ازم اپنائڻو پوندو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃڻو پوندو، سنڌي ٽي وي چئنلن تي اخلاقي پريشر رکڻو پوندو ته هو سنڌ ۽ سنڌي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن . علم ۽ ادب ۽ تعليم ، تواريخي مائل ڊرامان ۽ گانا پيش ڪن جيئن ڀوتارن طرفان سُمهاريل مُريدن کي ڀنگ جي نشي ۽ اوتارن ۽ هوٽلن مان ڪڍي جهنجهوڙي سگهجي ۽ سنڌ ۾ به انقلاب برپا ڪري سگهجي.

    ته توهانجا ٽي.وي چئنل تي سنڌ سڌار جا اهي تبصرا يا انٽر نيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي 5 سيڪڙو سکيا ستابا سنڌي ته ڏسندا ۽ داد به ڏيندا ۽ ٽيلفون ڪالون به ڪندا پر سنڌ ۾ علمي انقلاب جهالت خلاف آڻڻ ۾ ڪامياب ڪونه ويندا ڇو جو اڪثريت ڏتڙيل ۽ غريب سنڌي انگيج ناهي، کين انگيج ڪرڻ لاءِ توهان کي (وڏيون ايل سي.ڊي جون ٽي.وي اسڪرينون) وٺي اها معمولي پئسي جي قرباني ڏئي هر ڳوٺ ۽ شهر جي چوڪن ۾ هڻيون پونديون جتي گهوسٽ اسڪول، اوتارا ۽ ولين، بزرگن جي گرد قائم اوتارا يونيورسٽين مان اهي غريب سستي انٽرٽينمينٽ حاصل ڪري جمع ٿئي، هڪ هنڌ ويي توهانجا اهي سياسي ۽ سماجي بنهتريءَ وارا تبصرا ٻُڌي سگهن ۽ هڪ ٻئي سا بحث ڪري ۽ سمجهي قائل ٿين ۽ ڪري سگهن ته سندن ووٽ ۾ ڪيترو پاور آهي.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جاويد ڀٽي صاحب پنهنجي عمر ڏسو ۽ ڪم ! حيرت پئي ٿئي توهانجي هنن سڀني نان ڪنسرن ۽ مضمون جي اگينسٽ پوسٽرس لڳائڻ سان ، جي توهان جهڙا ماڻهون به سنڌ ۾ آهن ته پو سنڌ ۾ تبديلي جو اچڻ مشڪل آهي. الله فضول ماڻهن کان امان ۾ رکي.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    هڪ ڳالهه ٿو ڪريان! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

    ڇا توهان کي خبر آهي ته اُهي ماڻهون به پاڻ کي فخر سان سنڌي ، سنڌ جو مُفڪر ۽ سنڌ لاءِ پتوڙيندڙ ،سنڌ جو نمائندو سڏرائين ٿا جيڪي سنڌي هُجڻ جي ثابتي ڏيڻ وارا اکر (ٻ، ڱ، ڻ، ڏ) وغيره نه صرف اُچاري نٿا سگهن پر سنڌي ٻولي ، ان جي محاورن ۽ پرولين سان گڏ اُچارن جي ٽنگ ڀڄڻ جا ماهر آهن ۽ نه اُن سنڌيءَ جو گرامر ۽ ان جو ماحول نه سمجهي سگهن ٿا، نه سمجهائي سگهن ٿا، نه ڳالهائي سگهن ٿا پوءِ به چون ٿا ته اسان سنڌي آهيون ! حيرت آ ته هي ڪهڙا سنڌي آهن جيڪي ٿورڙي پريڪٽس ڪري سنڌي اکر اُچارڻ نٿا سکن يا صحيح سنڌي ٻولي نٿا ڳالهائڻ سکن.

    ڇا توهان کي به حيرت ٿئي ٿي؟ ۽ اهڙا سنڌي چاهين ٿا ته لکت ۾ سنڌي اکر مٽجي وڃن ۽ رومن انگريزي لکت ۾ انهن اکرن جي جاءِ وٺي جڏنهن ته ڀرڳڙي صاحب ۽ اهڙا اڳيان پويان سنڌ پرست سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪري ڪمپيوٽر ۽ اينڊرائيڊ موبائل لاءِ پيش ڪن ٿا ۽ جيڪي محنت ۽ مسلسل جدوجد سان سنڌي ٻولي ۽ انهن جي اُچارن کي هيل تائين جي نسل تائين کڻي آئي آهي ته هو به جوابداريءَ جو احساس ڪندي آئنده نسل لاءِ اڳتي وڌائين نه ڪه سنڌي اکرن، اُچارن جو وجود مٽائي رومن انگريزي آڻين.

    حيرت آهي ته اهي سنڌي دوست اهو به نٿا سمجهن ته سنڌي ٻوليءَ جا اهي سڀئي (اسپيشل سنڌي اکر ۽ اُچار ) به انهن ئي انگريزن ڏياريا جن جي هي تقليد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سنڌي الفابيٽ جي مقابلي ۾ رومن انگريزي سنڌي آڻڻ چاهين ٿا. انگريزن ئي سنڌي لفظ جوڙايا ۽ عربيءَ مان آندا ته جيئن انگريز آفيسر به سنڌي ڳالهائي ۽ اُچاري سگهن. ۽ هي سنڌي دوست وري اُبتو ڪم ڪن ٿ. اهو فرق اڇي انگريز ۽ رومن ڪاري سنڌي انگريزن جو ! (ڇا ٿو ٻُڌائي)؟

    ته ڇا توهان جي واهشن جو احترام ڪري موبائل ۽ ڪمپيوٽر لکت ۾سهولت لاءِ اسان پنهنجي سنڌيت ۽ سنڌي اکن ۽ اُچارن جو خاتمون آڻيون ؟.جيڪو اڳ ئي اسانجي اپر سنڌ جي گهڻي ڀاڱي سنڌي ڊرامان نگارن، اخباري رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن، ليکڪن ، شاعرن ۽ اديب دوستن سرائڪي زبان ۾ مڪس ڪري گهڻي ڀاڱي اصلي ۽ سولي سنڌي ٻوليءَ کي ڪنورٽ ڪري ڇڏيو آهي.

    ته دوستئو ! هڪ ڳاله ٿو ڪريان ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
    سنڌي اکر ۽ اُچار بچايو ! خالص سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪريو ، پنهنجي ٻولي بچايو، سنڌ بچايو. سنڌ سلامت ته سنڌي سلامت.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو