عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
سنڌ جي تقريبن اسپتالن جو اھو حال آھي ته اتي ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ڊسپينسر ڊاڪٽر لڳا ويٺا آھن آھن، سنڌ جا سرندي وارا ماڻھون ته سول اسپتالن جو سوچي به ڪون ٿا سگھن، خاص ڪري سول اسپتالن ۾ مزدور ۽ ھاري ڪم آمدني وارا ماڻھون ئي ويندا آھن، انٽري ڪرائڻ تي ھڪ ڪلاڪ لائين ۾ مريض گرمي ۾ لائين ۾ بيھندو ان کان بعد ھڪ ڪلاڪ کان مٿي ٽائيم چيڪ اپ ڪرائڻ لا لائين ۾ انتظار ڪندو، ۽ دوا وٺڻ لا ڪافي انتظار کان بعد ڪجھ ٽبليٽ ملنديون، بيڊ نه ھئڻ سبب مريض فرش تي ئي ڊريپ وغيره لڳرائيندو ان کان علاوه سول اسپتال جي انتظاميه جا دڙڪا کائيندو، لاپرواھي ايتري آھي جو مريض سول اسپتال وڃڻ کان بعد صفائي نه ھئڻ سبب حالن کان بيحال ٿي ويندو آھي.
