• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سول اسپتالون ۽ انتظاميه جي نظراندازي

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
سنڌ جي تقريبن اسپتالن جو اھو حال آھي ته اتي ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ڊسپينسر ڊاڪٽر لڳا ويٺا آھن آھن، سنڌ جا سرندي وارا ماڻھون ته سول اسپتالن جو سوچي به ڪون ٿا سگھن، خاص ڪري سول اسپتالن ۾ مزدور ۽ ھاري ڪم آمدني وارا ماڻھون ئي ويندا آھن، انٽري ڪرائڻ تي ھڪ ڪلاڪ لائين ۾ مريض گرمي ۾ لائين ۾ بيھندو ان کان بعد ھڪ ڪلاڪ کان مٿي ٽائيم چيڪ اپ ڪرائڻ لا لائين ۾ انتظار ڪندو، ۽ دوا وٺڻ لا ڪافي انتظار کان بعد ڪجھ ٽبليٽ ملنديون، بيڊ نه ھئڻ سبب مريض فرش تي ئي ڊريپ وغيره لڳرائيندو ان کان علاوه سول اسپتال جي انتظاميه جا دڙڪا کائيندو، لاپرواھي ايتري آھي جو مريض سول اسپتال وڃڻ کان بعد صفائي نه ھئڻ سبب حالن کان بيحال ٿي ويندو آھي.
11038869_1004111659640434_4127043992285966723_n.jpg
 
سائين مين آھي تعليم ۽ صحت تعليم جي حوالي سان اسڪولن ۾ مينھن جا واڙا ۽ وڏيرن جون اوطاقون ٺھيون پيون آھن، حڪومت يا وس وارا ادارا نظرنداز ڪندا ٿا رھن.
 
بلڪل درست نشاندهي ڪئي اٿو .... هن وقت اسپتالن جا حال پورا آهن. جيڪڏهن ڊاڪٽر سچائي ۽ ايمانداري سان فرض پورا ڪن ته پوء اسان وٽ سنڌ ۾ ٻه نالا ڳڻي سگهجن ٿا، جن مان هل آهي ڊاڪٽر اديب رضوي ايس آء يو ٽي ۽ ڊاڪٽر ڀٽي صاحب گمبت ميڊيڪل ڪاليج وارو ....
 
ھمٿ ۽ ارادا مظبوط بغير پيسي جي ڪون ٿا ٿين
بلڪل درست نشاندهي ڪئي اٿو .... هن وقت اسپتالن جا حال پورا آهن. جيڪڏهن ڊاڪٽر سچائي ۽ ايمانداري سان فرض پورا ڪن ته پوء اسان وٽ سنڌ ۾ ٻه نالا ڳڻي سگهجن ٿا، جن مان هل آهي ڊاڪٽر اديب رضوي ايس آء يو ٽي ۽ ڊاڪٽر ڀٽي صاحب گمبت ميڊيڪل ڪاليج وارو ....


ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڀٽي جن کان سوا سائين يقين ڪريو اسپتالن جي حالتن اھڙي آھي جو خوش ماڻھون وڃي ته وڃڻ ساڻ الٽيون
 
Back
Top