سنڌي ٻوليءَ جي جياپي لاءِ گهربل حڪمت عملي!
جامي چانڊيو
اسان وٽ عرب دور کان اڳ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو رڪارڊ نه ٿو ملي، پر سنڌ ۾ عربن جي حڪومت کان وٺي ويندي سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورن ۾ به سنڌ جي دفتري ٻولي، عربي ۽ فارسي رهيون. اهو ڪريڊٽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ انگريز عملدار سر بارٽل فريئر کي ٿو وڃي، جنهن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي طور رائج ڪيو، پر ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کان اهو درجو به کيسو ويو. ان جو مطلب ته گذريل هزارين سالن کان سنڌي ٻوليءَ سان جتي پراون ۽ پنهنجن حڪمرانن ٻه اکيائيءَ جو سلوڪ ڪيو آهي، اُتي سنڌ جي اڀري سڀري سماج پنهنجي ٻوليءَ جي هميشه حفاظت ڪئي آهي، ان ڪري پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جيستائين پنهنجي گهربل حيثيت ملي، تيسين اسان کي تاريخي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ هر سطح تي وڏيون ڪوششون وٺڻيون پونديون. جيتوڻيڪ رياست ٻولين جي ترقيءَ ۽ زوال ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سڀني کان اهم شعبو آهي، پر اڄوڪي جديد دور ۾ سماجن وٽ به پنهنجين پنهنجين ٻولين جي بچاءَ جا غير معمولي ذريعا ۽ طريقا اُسري چڪا آهن، جن جو ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ اسان کي سجاڳيءَ ۽ گهربل حڪمت عمليءَ توڙي رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ هيٺين تجويزن تي غور ڪري سگهجي ٿو.
(1) جيترو سماج پنهنجين ٻولين سان واڳيل هوندا، اوترو ٻوليون نه رڳو محفوظ هونديون، پر مسلسل ۽ تخليقي انداز سان وڌنديون وينديون. ان حوالي سان سنڌ جي سماج جو پنهنجيءَ ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ واڌاري بابت رويي جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. جيئن ته سماج ڪنهن هڪ گروهه يا مفاد جو نالو نه آهي، ان ڪري سماج جي هر طبقي جو رويو پنهنجو ٿئي ٿو، ان لحاظ کان سنڌ جي نام نهاد مٿئين طبقي جي پنهنجي وطن، ماڻهن ۽ ٻوليءَ سان وابستگيءَ تي ته ڳالهائڻ ئي فضول آهي. سنڌ جو عام ماڻهو ئي دراصل سنڌي ٻوليءَ جي وجود جو محافظ، مهندار، خالق ۽ ترقيءَ جو ذريعو آهي، پر ان ڏس ۾ سنڌ جي شهري وچولي طبقي جي رويي جو جائزو وٺڻ بيحد ضروري آهي. الميو اهو آهي ته جنهن تعليم يافته، خوشحال ۽ ترقيءَ جي جديد پيشيوارانه شعبن سان واڳيل سنڌ جي وچولي طبقي کي سنڌ جي مجموعي مفادن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو محافظ هئڻ گهرجي ها، ان جو وڏو حصو عملي طور پنهنجيءَ ٻولي بابت گهربل حساسيت کان وانجهيل آهي. سندن ٻار سنڌي ٻولي لکي پڙهي نه ٿا سگهن ۽ کين ان جو ڪو اُلڪو نه آهي، سندن گهرن ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا نه هئڻ جي برابر اچن ٿا. مون اڪثر خاندان اهڙا به ڏٺا آهن، جيڪي گهرن ۾ سنڌيءَ بجاءِ اردو ڳالهائين ٿا. (اسان کي اردوءَ سان ڪو به تعصب ڪونهي، پر سنڌي ماڻهن جو گهرن ۾ اردو ڳالهائڻ هڪ عجيب ۽ افسوسناڪ ڳالهه آهي) وچولي طبقي جو سماجي رابطه ڪاريءَ جي لحاظ کان ٻين ٻن طبقن جي ڀيٽ ۾ دائرو وسيع ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن اهو طبقو پنهنجيءَ ٻوليءَ کان لاتعلق رهندو ته ان ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌاري جا دڳ بند ٿيندا. اهو بلنڊر اڳ ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ، پر خاص طور تي پنجابي وچولو طبقو ڪري چڪو آهي ۽ اڄ جا نتيجا اسان جي سامهون آهن، جو پنجابي ٻولي شهرن مان بلڪل تڙجي چڪي آهي. ان لحاظ کان سنڌي وچولي طبقي ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ بابت حساسيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(2) جاگيرداراڻي ۽ زرعي سماجن کانپوءِ صنعتي دور ۾ هاڻي عالمي طور اهو هڪڙو ڪيل اصول آهي ته مارڪيٽ ٻولين جي واهپي ڪارج ۽ واڌ ويجهه جو اهم ترين ذريعو آهي ۽ اڄوڪي جديد دور ۾ اهي ٻوليون ئي بچنديون ۽ اڳتي وڌنديون، جن جو معاشي وهنوار ۽ ڪارج هوندو. اسان کي ان خوشفهميءَ مان نڪري اچڻ گهرجي ته ڪو ٻولين جي بقا ۽ واڌاري جو اڪيلو ذريعو ادب ۽ شاعري آهي. عبراني، يوناني، لاطيني ۽ سنسڪرت سميت دنيا ۾ انيڪ عظيم ٻوليون پنهنجو سياسي، معاشي ۽ سماجي ڪارج نه رکڻ سبب دنيا ۾ مري ويون. جيتوڻيڪ انهن جو ادب اڄ به زندهه آهي. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جو مارڪيٽ جو وهنوار ۽ واهپو خاص طور وڏن شهرن ۾ تمام گهٽ آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر سڄي سنڌ ۾ ريلن ۽ بسن ۾ هوڪا به اردوءَ ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندا. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته مارڪيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ اسان جي ٻوليءَ جو مستقبل اونداهو رهندو.
(3) موجوده آئين جي آرٽيڪل 251 جي ذيلي شق 3 تحت پڻ سنڌ سميت صوبي کي اهو حق حاصل آهي، پر ڪيڏي نه بدقسمتي آهي، جو سنڌ کي 1972ع کان وٺي هڪ به اهڙي صوبائي حڪومت نصيب نه ٿي، جيڪا آئين تحت مليل هن حق کي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل بل ۽ ٺهراءَ تحت سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري ۽ تعليمي ٻوليءِ طور رائج ڪرائي سگهي ها. 43 سال گذري ويا آهن، پر اهو قانون لاڳو نه ٿو ٿئي. مان سمجهان ٿو ته ان ڏس ۾ سنڌ جي سڄاڻ فردن ۽ ڌرين کي ٽه طرفي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي يعني هڪ طرف وفاقي پارليامينٽ تي دٻاءُ ته اُها وفاق جي وحدتن جي تاريخي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي، ٻيو ته سنڌ حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري ٻوليءَ طور رائج ڪري ۽ ٽيون ته نجي شعبي جي ادارن کي ۽ خاص طور اسڪولن ۽ ڪاليجن کي پابند بڻائين ته جي اهي سنڌيءَ کي لازمي طور نه پڙهائيندا ته سندن لائسنس رد ٿي سگهن ۽ ڪرڻ به گهرجن. حڪومت رڳو هڪ اڌ وڏن پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا کي انتباهه ڏيڻ ۽ ڪجهه اسڪولن جا لائسنس رد ڪري ڏيکاري ته ڏسو ته ڪيئن نه اهي پنهنجا متعصبي رويا تبديل ڪن ٿا. مان سمجهان ٿو ته اهو دٻاءُ پيدا ڪرڻ جو ڪم اسان جون سياسي پارٽيون ۽ ٻيا گروهه يا ذميوار فورم به ڪري سگهن ٿا. منهنجو ناهي خيال ته منافع خوري ۽ ڪاروبار جي بنياد تي هلندڙ اهي ادارا سنڌي پڙهائڻ کان انڪار ڪرڻ جو ساهس ساري سگهندا. سنڌ ۾ مختلف سطحن تي ڪم ڪندڙ فرض شناس آفيسر، جج ۽ تعليمي ادارن جا سربراهه ان ڏس ۾ پنهنجي سر به پيش قدمي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ڪارج ۽ واهپي کي پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ يقيني بڻائي سگهن ٿا ۽ ان ڏس ۾ کين ڪو به قانوني ۽ آئيني طور جهلي نه سگهندو. ڳالهه صرف جرئت ۽ پيش قدميءَ جي آهي.
(4) اڄوڪو دور سائبر ٽيڪنالاجيءَ جي ڪارنامن ۽ معجزن جو دور آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل ۽ سائبر دنيا جي ٻولي بڻائي، غير معمولي ڪم ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي هڪ حلالي فرزند سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ ٻين ماهرن جي انيڪ ڪوششن سان هاڻي سنڌي ٻولي يوني ڪوڊ تي اچي چڪي آهي، يعني دنيا جو هر اهو ڪم جيڪا دنيا جي ٻي ڪا به ٻولي ڪري سگهي ٿي، سنڌيءَ ۾ به اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ سٺيون پيش قدميون پڻ ٿيون آهن، خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ويجهي عرصي ۾ ان حوالي سان سٺو ڪم ڪيو آهي، پر ضروت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جون يونيورسٽيون، ادبي ۽ ثقافتي ادارا، سماجي تنظيمون توڙي پرڏيهه ۾ ويٺل سنڌي سڄاڻ فرد ۽ ادارا ٺوس رٿابنديءَ تحت گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. اسان جو هر ڪتاب، رسالو، اخبار ۽ ٻيو مواد جتي ڇپجي ٿو، اُتي انٽرنيٽ تي ضرور اچڻ گهرجي. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪيتريون اين جي اوز رڳو ڊونرز کي خوش ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ به پنهنجا رسالا، پمفليٽ ۽ پوسٽر رڳو اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ڪن ٿيون، جيڪي اصولي طور سنڌي ۾ شايع ٿيڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن ان تي ڪي ڊونر ادارا اعتراض ڪن ٿا ته کين سمجهايو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ ان مواد جو شايع ٿيڻ ڇو ضروري آهي؟
(5) سنڌ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پروگرام ۾ سوين سنڌين جي وچ ۾ ڪو هڪ اڌ ماڻهو غير سنڌي مهمان طور ويٺل هوندو ته سڄو پروگرام سنڌيءَ بدران اردو ۾ هلايو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کي سنڌيءَ ۾ هلائڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
(6) سڄيءَ سنڌ ۾ دڪانن جا بورڊ، رستن تي پبلسٽي بورڊ گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ بدران اردو ۾ لکڻ جو رواج تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. اسان کي ان بابت ماڻهن ۾ حساسيت پيدا ڪرڻ گهرجي ته اهي پنهنجي ڪاروبار جي معاملن ۾ به هر لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي يقيني بڻائين. مان ته سمجهان ٿو ته اسان کي وزٽنگ ڪارڊ، ليٽر ڪارڊ به انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ شايع ڪرڻ گهرجن. اهو سمورو مواد ٻن ٻولين ۾ آسانيءَ سان ساڳي وقت شايع ٿي سگهي ٿو.
(7) سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ مان حيران آهيان ته رومن ٻوليءَ ۾ ايس ايم ايس سنڌين پاران اردوءَ ۾ لکيا وڃن ٿا، جڏهن ته ساڳيا نياپا يا پيغام رومن لکت ۾ سنڌيءَ ۾ به لکي سگهجن ٿا. ٻيو ته ٺهيو پر ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن مان ايندڙ 90 سيڪڙو اهڙا موبائيل ايس ايم ايس پڻ رومن اردو ۾ هوندا آهن. مان گذريل ڪجهه سالن کان اهڙي ڪنهن به سنڌيءَ کي ايس ايم ايس جو جواب ناهيان ڏيندو، جيڪا/جيڪو اهو پيغام رومن اردوءَ ۾ لکي موڪليندو آهي، نتيجي ۾ ڪيترن ماڻهن پنهنجو رويو تبديل ڪيو آهي. ائين جي اسان سڀ ڪرڻ شروع ڪيون ته اهو رويو مرحليوار تبديل ٿي سگهي ٿو.
(8) سنڌي ٻوليءَ کي اصل خطرو ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن بجاءِ وڏن شهرن ۾ آهي. اسان کي پنهنجي علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرمين جو دائرو وڏن شهرن ۾ وسيع ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ اها روايت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهاري ٿي آهي، پر ان کي اڃا وڌيڪ سگهارو ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو سوال ان ڪري به تيزيءَ سان هٿ ۾ کڻن جي ضرورت آهي، جو سنڌ ۾ ڌارين جي ٻاهرين آبادڪاريءَ جو تناسب ملڪ ۾ سڀني کان مٿي آهي. ظاهر آهي ته اهي آباديون سياسي ۽ معاشي مفادن سان گڏ اسان جي ثقافتي مفادن ۽ خاص طور ٻوليءَ لاءِ پڻ خطرا پيدا ڪن ٿيون.
(9) سنڌ جي شهرن ۾ جيڪي ڪڇي، ميمڻ، گجراتي، سنڌي بلوچ يا ٿر ۾ پارڪري، ڍاٽڪي ۽ سنڌي ٻولي سنڌ جي هيٺاهين پٽيءَ ۾ مارواڙي ڳالهائيندڙ سنڌي ذاتيون آهن، انهن کان تيزيءَ سان سنڌي ٻولي ڇڏائجي رهي آهي ۽ ان جو اسان قومي سطح تي گهربل نوٽيس ئي نه ورتو آهي. اهي آباديون سنڌين جي آباديءَ جو اهم ۽ عددي طور چڱو حصو آهن ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته مان نه ٿو سمجهان ته ٽن ڏهاڪن کانپوءِ سندن ايندڙ نسل سنڌي ٺلهي ڳالهائي به سگهندو. ٿرپارڪر جا اهي ڪولهي جيڪي مذهب مٽائي عيسيائي ٿيا، انهن جو وڏو انگ هاڻي ئي سنڌي ۽ پارڪري ٻولي ڇڏي گهرن ۾ صرف اردو ڳالهائي ٿو. ميرپورخاص ۾ آباد وسندي ”رتن آباد“ ان جو هڪ مثال آهي. اڃا ته صورتحال ۾ ڦيرو آڻي سگهجي ٿو، پر اها ايجنڊا ڪٿي به عمل هيٺ ايندي نظر نه ٿي اچي. ان ڪم کي سياسي پارٽين ۽ ٻين شعبن طرفان هنگامي طور هٿ ۾ کڻڻ جي ضرورت آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته بي وطن قومون ته تاريخ ۾ بچي سگهن ٿيون، پر بي زبان يا پنهنجيءَ ٻوليءَ کان لاتعلق قومون ڪڏنهن بچي نه ٿيون سگهن. تڏهن ته ڪنهن ڏاهي شاعر چيو آهي ته،
”قوم ٿي زندهه رهي پر جي زبان زندهه رهي!“
jchandio@cpcs.org.pk
روزانه ڪاوش آچر 13 سيپٽمبر 2015ع