سنڌي ٻولي جي جياپي لاء گھربل حڪمت عملي! جامي چانڊيو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ ميميجيجي طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2015۔

  1. ميميجيجي

    ميميجيجي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    جامي چانڊيو سنڌ جي سٺن ليکڪن مان ھڪ آھي ان روزناما ڪاوش جي 13 سيپٽمبر جي اخبار ۾ مٿيون ڪالم لکيو آھي جيڪو جامي صاحب جي بغير اجازت جي ھتي آندو آھي ت جيئن معزز ميمبر پڙھن ۽ بحث مباحثو ڪن جيڪو ٻولي جي حفاظت لاء تمام ضروري آھي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 سيپٽمبر 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    ٻولي جي واڌاري لا تمام سُٺا نقطا زيرغور آندا ويا آهن. پنهنجي وس آهر جيڪو پُڄي سگهي ڪرڻ کپي... خاص طور جيڪا ڳالھ ايس ايم ايس جي باري ۾ ڪئي وئي اها ته هر ڪنهن جي وس ۾ آهي ۽ جي انهي کي هڪ فيشن طور به شروع ڪجي ته سُٺا نتيجا حاصل ڪري ٿا سگهجن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آئين جي نظر انداز ٿيل اهم شق ۽ قومي ٻولين جو اڻ نِبريل تضاد

    جامي چانڊيو

    تازو سپريم ڪورٽ هڪ هدايت ڪئي آهي ته اردوءَ کي وفاقي ۽ سمورن صوبن جي انتظامي وهنوار ۾ واحد دفتري ٻوليءَ طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. جيتوڻيڪ موجوده آئين تحت وفاقي سطح تي اردوءَ جي اڪيلي قومي حيثيت پڻ ناجائز، وفاقي اُصولن جي اُبتڙ ۽ قومن جي تاريخي حق جي خلاف آهي پر ان باوجود آئين جي آرٽيڪل 251 تحت جتي اردوءَ کي وفاقي سطح تي دفتري ٻوليءَ طور لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اُتي ساڳئي آرٽيڪل 251 جي ٽين ذيلي شق ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صوبائي اسيمبليون ساڳئي وقت پنهنجي صوبائي ٻولين کي پڻ پنهنجن صوبن ۾ تعليم، واڌاري ۽ استعمال هيٺ آڻي سگهن ٿيون. سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ جيڪا 9 نقاطي هدايت جاري ڪئي آهي، اُن ۾ ڪٿي به آئين جي آرٽيڪل 251 جي ذيلي شق (3) جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ مادري ٻوليءَ جي اهميت جي بنياد تي اردوءَ جي اطلاق تي زور ڀريو آهي، جڏهن ته اردو ورهاڱي وقت سموري ملڪ جي رڳو 3 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي هئي ۽ اوڀر پاڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ هاڻي اُها 7 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي آهي ۽ اُن 7 سيڪڙو مان به 6.3 آبادي صرف سنڌ صوبي ۾ رهي ٿي ۽ ٻين صوبن ۾ اُهي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهن، جن جي مادري ٻولي اردو آهي.

    گذريل سال جولاءِ ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ اِهو چئي ماروي ميمڻ طرفان پيش ڪيل قومي ٻولين جو بل رد ڪيو هو ته ان سان قومي وحدت خطري ۾ پئجي ويندي. ملڪ هلائيندڙ فردن ۽ ادارن جو وفاقيت جي نظام کان اڻ ڄاڻائيءَ تي ڪيترو ماتم ڪجي!؟ ملڪ جي باني محمد علي جناح ملڪ ٺهڻ شرط 1948ع ۾ ڍاڪا ۾ وڃي اهو اعلان ڪيو ته ملڪ جي قومي ٻولي صرف اردو هوندي. حقيقت ۾ بنگال ان ئي ڏينهن ملڪ جي هٿن مان وڃي چڪو هو جڏهن جناح اهڙو اعلان ڍاڪا ۾ ڪيو. جيتوڻيڪ پوءِ 1956ع جي آئين ۾ اردوءَ سان گڏ بنگاليءَ کي پڻ قومي ٻوليءَ جودرجو ڏنو ويو پر تيستائين دلين جي ديوارن ۾ ڏارَ پئجي چڪا هئا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندوستان مان لڏي آيل حڪمران طبقو هڪ طرف ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ هو ته ٻئي طرف اهو عددي ٿورائيءَ سبب پنهنجي ثقافتي ۽ سياسي بالادستيءَ کي خطري ۾ ڏسي رهيو هو. دنيا جي تاريخ ۾ ٻاهران لڏي آيلن جي ثقافتي يلغار ۽ پس و پيش قائم ٿيندڙ ثقافتي سامراجيت انساني تاريخ جا اهم موضوع رهيا آهن. تاريخ ۾ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن جتي ٻاهران لڏي آيل ماڻهن جي ثقافتي بالادستيءَ ۽ سامراجيت اصلوڪين قومن جون رڳو ٻوليون ئي نه، پر اُنهن جا وجود ئي فنا ڪري ڇڏيا. عبراني، يوناني ۽ سنسڪرت جهڙيون عظيم ٻوليون ڌارين ٻولين جي ثقافتي سامراجيت سبب تاريخ مان ميسارجي ويون. اڄوڪي برطانيه ۽ فرانس ۾ جيڪي انگريزي ۽ فرانسيسي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُهي ڌارين جون آهن جن اُتي جي اصلوڪي ڪيلٽ ٻوليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. جنهن انگريزي ٻوليءَ پهرين برطانيه ۾ پنهنجي بالادستي قائم ڪئي، ان ارڙهين، اڻويهين ۽ ويهين صدين ۾ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا توڙي نيوزيلينڊ ۾ اصلوڪين ٻولين جي نسل ڪشي ڪري کين ڪتابن تائين محدود ڪري ڇڏيو. ستين ۽ اٺين صدين ۾ اهو ساڳيو حشر مصر، شام، عراق، لبيا، تيونس، مراڪش ۽ ٻين ملڪن سان ٿيو، جن مٿان عربي ٻولي ڌارين ڪاهن سبب مڙهي وئي. اڄ مصر، لبيا، مراڪش ۽ تيونس جون اصلوڪيون ٻوليون ڊيموٽڪ، ڪوپٽڪ ۽ بربر تاريخ مان ميسارجي چڪيون آهن. (ان ڏس ۾ سنڌيءَ ۾ يوسف شاهين جو ڪتاب “فاتحن جي دنيا” ضرور پڙهڻ گهرجي).

    پاڪستان جي تاريخ جو اهو به الميو آهي جو بنگال جي آزاديءَ کانپوءِ قومي ٻولين جي سوال تي سنڌ اڪيلي رهجي وئي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي حڪمران طبقي اقتدار ۽ ملڪ تي هڪ هٽيءَ جي چڪر ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ڪا به اهميت نه ڏني ۽ اردوءَ جي ثقافتي بالادستيءَ کي فخر سان اکين تي رکيو. افسوس جو پشتون ۽ بلوچ ليڊرشپ به ايئن ئي ڪيو. ان ڪري اڪيلي سنڌ جو قومي ٻولين بابت اُٿاريل سوال ملڪي سطح تي گهربل اهميت نه ماڻي سگهيو، ويتر اهو ظلم ٿيو، جو گذريل چئن ڏهاڪن کان جيڪا سياسي پارٽي سنڌ جي نمائندگيءَ جي دعويدار آهي، اُن به ڪڏهن قومي ٻولين جي تاريخي حيثيت کي تسليم نه ڪيو ۽ 1973ع جي آئين ۾ اردوءَ کي اڪيلي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ملي وئي. سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سماج جي ٻين ساڃاهه وند حصن هميشه ٻوليءَ جي سوال کي ڀرپور انداز ۾ کنيو آهي پر افسوس جو اهڙو تحرڪ ٻين صوبن ۽ ويندي بلوچن ۽ پشتونن ۾ به نظر نه ٿو اچي. پاڪستان ۾ بنگال کانپوءِ ٻولين جي سوال کي وري به سنڌين ۽ سرائيڪين پئي کنيو آهي پر اهو آواز اڃا ملڪي سطح تي گهربل حيثيت نه ماڻي سگهيو آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته ان ڏس ۾ پنجابين، پشتونن ۽ بلوچن کي پڻ سجاڳ ڪرڻ ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ۽ سنڌي ادبي سنگت ان ڏس ۾ مُهنداري ڪري سگهن ٿا.

    حقيقت اِها آهي ته دنيا ۾ پاڪستان کانسواءِ ڪوبه اهڙو وفاقي ملڪ نه آهي جتي ڪنهن به هڪ يا ٿورڙائيءَ جي ٻوليءَ کي رياستي جبر سان اڪيلي قومي ٻوليءَ طور مڙهيو وڃي. وفاق جو مطلب ئي گهڻ قومي، گهڻ علائقائي، گهڻ مذهبي ۽ گهڻ ٻوليائي ملڪ هوندو آهي ۽ ان جي بنيادي تقاضا ئي اِها هوندي آهي ته اُتي سمورين وفاقي وحدتن، سندن ٻولين، علائقن ۽ ڪلچر توڙي اقتصادي ۽ سياسي مفادن جو بچاءُ ڪيو وڃي. پاڪستان جيئن ته وحداني وفاقيت ۽ اختيارن جي مرڪزيت تي ٻڌل رهيو آهي، ان ڪري هتي اڃا تائين وفاقي وحدتن کي قومي ٻولين جو آئيني درجو ڏيڻ جو سوال اُتي جو اُتي رهيل آهي. پاڪستان ۾ اڃا تائين اهو سوال حڪمران طبقي کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وفاقي نظام ۾ تڪثيريت ۽ تنوع (Diversity) کي مڃڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ سگهارا ٿيندا آهن. مثال طور پاڙيسري ملڪ ڀارت جون 22 قومي ٻوليون آهن، نائجيريا ۾ ٽي قومي ۽ دفتري ٻوليون آهن، جڏهن ته 450 ٻولين کي آئيني تحفظ حاصل آهي. ايٿوپيا ۾ جيتوڻيڪ ٻه مکيه ٻوليون دفتري ٻوليون آهن پر 11 ٻولين کي آئيني حيثيت حاصل آهي ۽ 83 ٻولين کي قومي ٻوليون چيو وڃي ٿو. ڏکڻ آفريڪا ۾ ٻه ٻوليون دفتري حيثيت جون حامل آهن ته ساڳئي وقت 9 اصلوڪين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو حاصل آهي. دنيا جي قديم ترين ڪنفيڊريشن يعني سئٽزرلينڊ ۾ جيتوڻيڪ جرمن آباديءَ جي شرح 82 سيڪڙو آهي پر ان باوجود مرڪزي سطح تي 3 دفتري ٻوليون آهن. جڏهن ته هر وفاقي وحدت (ڪينٽن) جون جدا جدا هڪ يا هڪ کان وڌيڪ دفتري ٻوليون آهن. بيلجيم ۾ ٻه ٻوليون قومي ۽ دفتري ٻوليون آهن. ڪينيڊا آئيني طور ٻه ٻوليائي ملڪ آهي، جڏهن ته انگريزي ڳالهائيندڙ اُتي قطعي اڪثريت ۾ آهن پر تڏهن به فرينچ کي برابرحيثيت حاصل آهي، جو ڪيوبيڪ صوبي ۾ قطعي گهڻائي انهن جي آهي. اسپين ۾ ڪيسٽيلين (Castilian) معنيٰ هسپانوي جيتوڻيڪ دفتري ٻولي آهي پر ساڳئي وقت 3 ٻولين کي آئيني طور قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي.

    پاڪستان ۾ الميو اهو آهي جو وفاقي پارٽيون وحداني طرز (Unitary) کي وفاقيت سمجهن ٿيون، جيڪا اصل ۾ وفاقيت جي نفي آهي ۽ هتي قومپرست جماعتن جي گهڻائي وفاقيت جي نظام کي قومن جي وجود جو انڪاري سمجهي ٿي، جيڪو پڻ درست ناهي، ڇاڪاڻ ته وفاقيت جو حقيقي مطلب ئي برابري ۽ خودمختياريءَ جي بنياد تي هڪ الحاق آهي. نتيجي ۾ پاڪستان ۾ حقيقي وفاقي ڪلچر جڙي ئي نه سگهيو آهي.

    آئين جي آرٽيڪل 5 تحت، آرٽيڪل 251 جي ذيلي شڪ 3 جو اطلاق به لازمي آهي ۽ جي ڪو صوبو ايئن نه ڪندو ته اُهو آئين جي نفيءَ جي مترادف هوندو. ان لحاظ کان سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 1972ع جي ٻوليءَ جي بل ۽ 1994ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ تحت سنڌ ۾ دفتري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي، جنهن جو اطلاق لازمي آهي پر 43 سال گذرڻ باوجود ان تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو آهي؟ منهنجيءَ نظر ۾ ان ڏس ۾ هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن:

    (1) سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ نئون ٺهراءُ آندو وڃي، جنهن ۾ هڪ طرف ملڪ جي قومي وحدتن جي ٻولين کي وفاقي سطح تي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري ٻوليءَ طور لاڳو ڪرڻ جي گهُرَ ڪئي وڃي. ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي وفاقي سطح تي قومي ٻوليءَ طور تسليمي جدا ڳالهه آهي ۽ ان جو سنڌ ۾ دفتري ٻوليءَ طور اطلاق ان کان به وڌيڪ اهم معاملو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي 1853ع ۾ سربارٽل فريئر سنڌ جي دفتري ٻوليءَ جو درجو ڏنو هو، جيڪو پاڪستان جي قيام کانپوءِ کسجي ويو.

    (2) سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي دفتري حيثيت جي تسليميءَ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ اوليت ڏئي، ڇاڪاڻ ته ان جو اصل ۽ بنيادي مقصد اهو ئي آهي. ان ڏس ۾ هڪ جامع پنج ساله رٿا جوڙي وڃي ۽ ان جي مڪمل اطلاق لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون وڃن.

    (3) سنڌ اسيمبلي فوري طور اهو ٺهراءُ پاس ڪري ته سنڌ ۾ جيڪي به نجي اسڪول ۽ ڪمپنيون سنڌيءَ کي لازمي سبجيڪٽ طور نه پڙهائينديون ۽ ان جو لازمي واهپو نه ڪنديون اُنهن جا لائسنس رد ڪيا وڃن.

    (4( سنڌي ادبي سنگت هڪ سفارتي مهم شروع ڪري ملڪ جي سمورن صوبن جا دورا ڪري، اتي جي سياسي پارٽين، ميڊيا، سول سوسائٽي، اسيمبلي ميمبرن، تعليم ادارن، اديبن ۽ دانشورن کي قومي ٻولين جي سوال تي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڪري.

    (5( سنڌ جون سياسي پارٽيون پڻ سنڌي ٻوليءَ جي قومي ۽ دفتري حيثيت جي سوال کي گهربل اهميت سان کڻن.

    (6) اثرائتي حڪمت عمليءَ طور ٻوليءَ جي مهم جا ٻه اهم پاسا هئڻ گهرجن، يعني سنڌ سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي دفتري حيثيت جي اطلاق لاءِ دٻاءُ پيدا ڪجي ۽ وفاقي سطح تي وفاقي وحدتن جي ٻولين جي قومي حيثيت بابت گهربل آواز اُٿارجي، جيڪو آئيني ترميم ذريعي ئي ممڪن آهي. وقت اچي ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي جو فائدو وٺي پاڪستان ۾ قومي ٻولين ۽ صوبن ۾ وفاقي وحدتن جي اصلوڪين تاريخي ٻولين جي دفتري ٻولين واري حيثيت جو سوال پوريءَ شدت سان اُڀارجي.

    jchandio@cpcs.org.pk

    روزانه ڪاوش ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2015ع
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليءَ جي جياپي لاءِ گهربل حڪمت عملي!

    جامي چانڊيو

    اسان وٽ عرب دور کان اڳ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو رڪارڊ نه ٿو ملي، پر سنڌ ۾ عربن جي حڪومت کان وٺي ويندي سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورن ۾ به سنڌ جي دفتري ٻولي، عربي ۽ فارسي رهيون. اهو ڪريڊٽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ انگريز عملدار سر بارٽل فريئر کي ٿو وڃي، جنهن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي طور رائج ڪيو، پر ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کان اهو درجو به کيسو ويو. ان جو مطلب ته گذريل هزارين سالن کان سنڌي ٻوليءَ سان جتي پراون ۽ پنهنجن حڪمرانن ٻه اکيائيءَ جو سلوڪ ڪيو آهي، اُتي سنڌ جي اڀري سڀري سماج پنهنجي ٻوليءَ جي هميشه حفاظت ڪئي آهي، ان ڪري پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جيستائين پنهنجي گهربل حيثيت ملي، تيسين اسان کي تاريخي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ هر سطح تي وڏيون ڪوششون وٺڻيون پونديون. جيتوڻيڪ رياست ٻولين جي ترقيءَ ۽ زوال ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سڀني کان اهم شعبو آهي، پر اڄوڪي جديد دور ۾ سماجن وٽ به پنهنجين پنهنجين ٻولين جي بچاءَ جا غير معمولي ذريعا ۽ طريقا اُسري چڪا آهن، جن جو ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ اسان کي سجاڳيءَ ۽ گهربل حڪمت عمليءَ توڙي رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ هيٺين تجويزن تي غور ڪري سگهجي ٿو.

    (1) جيترو سماج پنهنجين ٻولين سان واڳيل هوندا، اوترو ٻوليون نه رڳو محفوظ هونديون، پر مسلسل ۽ تخليقي انداز سان وڌنديون وينديون. ان حوالي سان سنڌ جي سماج جو پنهنجيءَ ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ واڌاري بابت رويي جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. جيئن ته سماج ڪنهن هڪ گروهه يا مفاد جو نالو نه آهي، ان ڪري سماج جي هر طبقي جو رويو پنهنجو ٿئي ٿو، ان لحاظ کان سنڌ جي نام نهاد مٿئين طبقي جي پنهنجي وطن، ماڻهن ۽ ٻوليءَ سان وابستگيءَ تي ته ڳالهائڻ ئي فضول آهي. سنڌ جو عام ماڻهو ئي دراصل سنڌي ٻوليءَ جي وجود جو محافظ، مهندار، خالق ۽ ترقيءَ جو ذريعو آهي، پر ان ڏس ۾ سنڌ جي شهري وچولي طبقي جي رويي جو جائزو وٺڻ بيحد ضروري آهي. الميو اهو آهي ته جنهن تعليم يافته، خوشحال ۽ ترقيءَ جي جديد پيشيوارانه شعبن سان واڳيل سنڌ جي وچولي طبقي کي سنڌ جي مجموعي مفادن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو محافظ هئڻ گهرجي ها، ان جو وڏو حصو عملي طور پنهنجيءَ ٻولي بابت گهربل حساسيت کان وانجهيل آهي. سندن ٻار سنڌي ٻولي لکي پڙهي نه ٿا سگهن ۽ کين ان جو ڪو اُلڪو نه آهي، سندن گهرن ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا نه هئڻ جي برابر اچن ٿا. مون اڪثر خاندان اهڙا به ڏٺا آهن، جيڪي گهرن ۾ سنڌيءَ بجاءِ اردو ڳالهائين ٿا. (اسان کي اردوءَ سان ڪو به تعصب ڪونهي، پر سنڌي ماڻهن جو گهرن ۾ اردو ڳالهائڻ هڪ عجيب ۽ افسوسناڪ ڳالهه آهي) وچولي طبقي جو سماجي رابطه ڪاريءَ جي لحاظ کان ٻين ٻن طبقن جي ڀيٽ ۾ دائرو وسيع ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن اهو طبقو پنهنجيءَ ٻوليءَ کان لاتعلق رهندو ته ان ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌاري جا دڳ بند ٿيندا. اهو بلنڊر اڳ ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ، پر خاص طور تي پنجابي وچولو طبقو ڪري چڪو آهي ۽ اڄ جا نتيجا اسان جي سامهون آهن، جو پنجابي ٻولي شهرن مان بلڪل تڙجي چڪي آهي. ان لحاظ کان سنڌي وچولي طبقي ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ بابت حساسيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    (2) جاگيرداراڻي ۽ زرعي سماجن کانپوءِ صنعتي دور ۾ هاڻي عالمي طور اهو هڪڙو ڪيل اصول آهي ته مارڪيٽ ٻولين جي واهپي ڪارج ۽ واڌ ويجهه جو اهم ترين ذريعو آهي ۽ اڄوڪي جديد دور ۾ اهي ٻوليون ئي بچنديون ۽ اڳتي وڌنديون، جن جو معاشي وهنوار ۽ ڪارج هوندو. اسان کي ان خوشفهميءَ مان نڪري اچڻ گهرجي ته ڪو ٻولين جي بقا ۽ واڌاري جو اڪيلو ذريعو ادب ۽ شاعري آهي. عبراني، يوناني، لاطيني ۽ سنسڪرت سميت دنيا ۾ انيڪ عظيم ٻوليون پنهنجو سياسي، معاشي ۽ سماجي ڪارج نه رکڻ سبب دنيا ۾ مري ويون. جيتوڻيڪ انهن جو ادب اڄ به زندهه آهي. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جو مارڪيٽ جو وهنوار ۽ واهپو خاص طور وڏن شهرن ۾ تمام گهٽ آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر سڄي سنڌ ۾ ريلن ۽ بسن ۾ هوڪا به اردوءَ ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندا. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته مارڪيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ اسان جي ٻوليءَ جو مستقبل اونداهو رهندو.

    (3) موجوده آئين جي آرٽيڪل 251 جي ذيلي شق 3 تحت پڻ سنڌ سميت صوبي کي اهو حق حاصل آهي، پر ڪيڏي نه بدقسمتي آهي، جو سنڌ کي 1972ع کان وٺي هڪ به اهڙي صوبائي حڪومت نصيب نه ٿي، جيڪا آئين تحت مليل هن حق کي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل بل ۽ ٺهراءَ تحت سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري ۽ تعليمي ٻوليءِ طور رائج ڪرائي سگهي ها. 43 سال گذري ويا آهن، پر اهو قانون لاڳو نه ٿو ٿئي. مان سمجهان ٿو ته ان ڏس ۾ سنڌ جي سڄاڻ فردن ۽ ڌرين کي ٽه طرفي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي يعني هڪ طرف وفاقي پارليامينٽ تي دٻاءُ ته اُها وفاق جي وحدتن جي تاريخي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي، ٻيو ته سنڌ حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري ٻوليءَ طور رائج ڪري ۽ ٽيون ته نجي شعبي جي ادارن کي ۽ خاص طور اسڪولن ۽ ڪاليجن کي پابند بڻائين ته جي اهي سنڌيءَ کي لازمي طور نه پڙهائيندا ته سندن لائسنس رد ٿي سگهن ۽ ڪرڻ به گهرجن. حڪومت رڳو هڪ اڌ وڏن پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا کي انتباهه ڏيڻ ۽ ڪجهه اسڪولن جا لائسنس رد ڪري ڏيکاري ته ڏسو ته ڪيئن نه اهي پنهنجا متعصبي رويا تبديل ڪن ٿا. مان سمجهان ٿو ته اهو دٻاءُ پيدا ڪرڻ جو ڪم اسان جون سياسي پارٽيون ۽ ٻيا گروهه يا ذميوار فورم به ڪري سگهن ٿا. منهنجو ناهي خيال ته منافع خوري ۽ ڪاروبار جي بنياد تي هلندڙ اهي ادارا سنڌي پڙهائڻ کان انڪار ڪرڻ جو ساهس ساري سگهندا. سنڌ ۾ مختلف سطحن تي ڪم ڪندڙ فرض شناس آفيسر، جج ۽ تعليمي ادارن جا سربراهه ان ڏس ۾ پنهنجي سر به پيش قدمي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ڪارج ۽ واهپي کي پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ يقيني بڻائي سگهن ٿا ۽ ان ڏس ۾ کين ڪو به قانوني ۽ آئيني طور جهلي نه سگهندو. ڳالهه صرف جرئت ۽ پيش قدميءَ جي آهي.

    (4) اڄوڪو دور سائبر ٽيڪنالاجيءَ جي ڪارنامن ۽ معجزن جو دور آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل ۽ سائبر دنيا جي ٻولي بڻائي، غير معمولي ڪم ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي هڪ حلالي فرزند سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ ٻين ماهرن جي انيڪ ڪوششن سان هاڻي سنڌي ٻولي يوني ڪوڊ تي اچي چڪي آهي، يعني دنيا جو هر اهو ڪم جيڪا دنيا جي ٻي ڪا به ٻولي ڪري سگهي ٿي، سنڌيءَ ۾ به اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ سٺيون پيش قدميون پڻ ٿيون آهن، خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ويجهي عرصي ۾ ان حوالي سان سٺو ڪم ڪيو آهي، پر ضروت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جون يونيورسٽيون، ادبي ۽ ثقافتي ادارا، سماجي تنظيمون توڙي پرڏيهه ۾ ويٺل سنڌي سڄاڻ فرد ۽ ادارا ٺوس رٿابنديءَ تحت گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. اسان جو هر ڪتاب، رسالو، اخبار ۽ ٻيو مواد جتي ڇپجي ٿو، اُتي انٽرنيٽ تي ضرور اچڻ گهرجي. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪيتريون اين جي اوز رڳو ڊونرز کي خوش ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ به پنهنجا رسالا، پمفليٽ ۽ پوسٽر رڳو اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ڪن ٿيون، جيڪي اصولي طور سنڌي ۾ شايع ٿيڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن ان تي ڪي ڊونر ادارا اعتراض ڪن ٿا ته کين سمجهايو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ ان مواد جو شايع ٿيڻ ڇو ضروري آهي؟

    (5) سنڌ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پروگرام ۾ سوين سنڌين جي وچ ۾ ڪو هڪ اڌ ماڻهو غير سنڌي مهمان طور ويٺل هوندو ته سڄو پروگرام سنڌيءَ بدران اردو ۾ هلايو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کي سنڌيءَ ۾ هلائڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

    (6) سڄيءَ سنڌ ۾ دڪانن جا بورڊ، رستن تي پبلسٽي بورڊ گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ بدران اردو ۾ لکڻ جو رواج تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. اسان کي ان بابت ماڻهن ۾ حساسيت پيدا ڪرڻ گهرجي ته اهي پنهنجي ڪاروبار جي معاملن ۾ به هر لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي يقيني بڻائين. مان ته سمجهان ٿو ته اسان کي وزٽنگ ڪارڊ، ليٽر ڪارڊ به انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ شايع ڪرڻ گهرجن. اهو سمورو مواد ٻن ٻولين ۾ آسانيءَ سان ساڳي وقت شايع ٿي سگهي ٿو.

    (7) سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ مان حيران آهيان ته رومن ٻوليءَ ۾ ايس ايم ايس سنڌين پاران اردوءَ ۾ لکيا وڃن ٿا، جڏهن ته ساڳيا نياپا يا پيغام رومن لکت ۾ سنڌيءَ ۾ به لکي سگهجن ٿا. ٻيو ته ٺهيو پر ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن مان ايندڙ 90 سيڪڙو اهڙا موبائيل ايس ايم ايس پڻ رومن اردو ۾ هوندا آهن. مان گذريل ڪجهه سالن کان اهڙي ڪنهن به سنڌيءَ کي ايس ايم ايس جو جواب ناهيان ڏيندو، جيڪا/جيڪو اهو پيغام رومن اردوءَ ۾ لکي موڪليندو آهي، نتيجي ۾ ڪيترن ماڻهن پنهنجو رويو تبديل ڪيو آهي. ائين جي اسان سڀ ڪرڻ شروع ڪيون ته اهو رويو مرحليوار تبديل ٿي سگهي ٿو.

    (8) سنڌي ٻوليءَ کي اصل خطرو ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن بجاءِ وڏن شهرن ۾ آهي. اسان کي پنهنجي علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرمين جو دائرو وڏن شهرن ۾ وسيع ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ اها روايت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهاري ٿي آهي، پر ان کي اڃا وڌيڪ سگهارو ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو سوال ان ڪري به تيزيءَ سان هٿ ۾ کڻن جي ضرورت آهي، جو سنڌ ۾ ڌارين جي ٻاهرين آبادڪاريءَ جو تناسب ملڪ ۾ سڀني کان مٿي آهي. ظاهر آهي ته اهي آباديون سياسي ۽ معاشي مفادن سان گڏ اسان جي ثقافتي مفادن ۽ خاص طور ٻوليءَ لاءِ پڻ خطرا پيدا ڪن ٿيون.

    (9) سنڌ جي شهرن ۾ جيڪي ڪڇي، ميمڻ، گجراتي، سنڌي بلوچ يا ٿر ۾ پارڪري، ڍاٽڪي ۽ سنڌي ٻولي سنڌ جي هيٺاهين پٽيءَ ۾ مارواڙي ڳالهائيندڙ سنڌي ذاتيون آهن، انهن کان تيزيءَ سان سنڌي ٻولي ڇڏائجي رهي آهي ۽ ان جو اسان قومي سطح تي گهربل نوٽيس ئي نه ورتو آهي. اهي آباديون سنڌين جي آباديءَ جو اهم ۽ عددي طور چڱو حصو آهن ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته مان نه ٿو سمجهان ته ٽن ڏهاڪن کانپوءِ سندن ايندڙ نسل سنڌي ٺلهي ڳالهائي به سگهندو. ٿرپارڪر جا اهي ڪولهي جيڪي مذهب مٽائي عيسيائي ٿيا، انهن جو وڏو انگ هاڻي ئي سنڌي ۽ پارڪري ٻولي ڇڏي گهرن ۾ صرف اردو ڳالهائي ٿو. ميرپورخاص ۾ آباد وسندي ”رتن آباد“ ان جو هڪ مثال آهي. اڃا ته صورتحال ۾ ڦيرو آڻي سگهجي ٿو، پر اها ايجنڊا ڪٿي به عمل هيٺ ايندي نظر نه ٿي اچي. ان ڪم کي سياسي پارٽين ۽ ٻين شعبن طرفان هنگامي طور هٿ ۾ کڻڻ جي ضرورت آهي.

    ياد رکڻ گهرجي ته بي وطن قومون ته تاريخ ۾ بچي سگهن ٿيون، پر بي زبان يا پنهنجيءَ ٻوليءَ کان لاتعلق قومون ڪڏنهن بچي نه ٿيون سگهن. تڏهن ته ڪنهن ڏاهي شاعر چيو آهي ته،

    ”قوم ٿي زندهه رهي پر جي زبان زندهه رهي!“

    jchandio@cpcs.org.pk

    روزانه ڪاوش آچر 13 سيپٽمبر 2015ع
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جامي چانڊيوصاحب جواهم مضمون آهي. شايد اسان سنڌي ٻولي جو ڪيس هن دفعي سپريم ڪورٽ ۾ بهتر انداز سان ڪونه لڙي سگهياسين. سنڌي ٻولي قديم هجڻ سان گڏ انگريزن جي دور تائين اسان جي قومي ۽ دفتري ٻولي رهي آهي. تنهنڪري ڪنهن به طرح اها سنڌ جي سرڪاري ٻولي ۽ سنڌ جي دفتري ٻولي هجڻ گهرجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو