• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هندوستان ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ سنڌي قومپرستن جي پراسرار خاموشي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هندوستان ۾ وزيراعظم مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ مذهبي انتهاپسندي چوٽ چڙهيل آهي ـ تازو ڳئونءَ جي گوشت کائڻ جي شڪ ۾، هڪ مسلمان کي قتل ڪيو ويو پر جاچ کانپوءِ خبر پئي ته اهو ٻڪريءَ جو گوشت هو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد قصوريءَ هندوستان ۾ ڪتاب جي مهورت ڪئي ته انتھاپسند مذهبي تنظيم شيو سينا، ميزبان ڪلڪرڻي جو سارو منهن ئي ڪارو ڪري ڇڏيو. هندو مذهبي انتهاپسنديءَ جا ٻيا به ڪيترا مثال آهن. هندوستان ۾ وڌيل مذهبي اتهاپسنديءَ سبب اٽڪل 40 دانشورن ۽ اديبن پنهنجا ايوارڊ احتجاج طور واپس ڪيا آهن.

مذهبي انتهاپسندي چاهي مسلمانن جي هجي، هندوئن جي هجي، عيسائين ِ يا وري يهودين جي هجي تن سڀني کي نندڻ گھرجي پر اسان وٽ قصو ئي نرالو آهي ـ ڪجھه اسلامي مذهبي ماڻهو، انتهاپسندي ڏيکارن ٿا ته سنڌي قومپرست انهن کي نندڻ بدران اسلام کي سوشل ميديا تي گاريون ڏيندا وتن ٿا پر ساڳي مذهبي انتهاپنسدي، هندو مذهب ۾ ڏيکاري وڃي ٿي ته سنڌي قومپرست سکڻي مذمت ڪرڻ لاءِ به تيار ڪونهن ڄڻ ته سندن بولتي بند هجي ـ ايڏي منافقي ۽ متڀيد ڇو؟

اهو ته ائين ٿيو ته سنڌ ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ هندو سنڌي ڇوڪري اغوا ٿئي ٿي ته اُڀ مٿي تي کڻي ٿا ڏين پر جڏهن سنڌ ۾ روزانو درجن ڇوڪريون جيڪي غير هندو پر سنڌي آهن اغوا ٿين ٿيون ته ڪوڙا قومپرست انهن واقعن کي، ٻيو ته ٺهيو پر نندڻ جي تڪليف به ڪونه ٿا ڪن جڏهن ته هئڻ ته ائين گهرجي ته ڪنهن به متڀيد کانسواءِ، مذهبي انتها پسندي ۽ سڀني ڇوڪرين جي اغوا کي نندڻ گهرجي پر افسوس....!!
 
محمد خان سيال ڀاء توهان صحيح ٿا چئو۰ هن فورم ۾ راء شماري واري حصي ۾ پڙهيم ت ڪنهن قوم پرست جو بيان هيو ت مشڪل گهڙئ ۾ ايم ڪيو ايم کي اڪيلو ڇڏڻ ن گهرجي۰ اهڙا ماڻهو ت قوم نيڪالي ڏيڻ جي لائق آهن۰
 
محمد خان سيال ڀاء توهان صحيح ٿا چئو۰ هن فورم ۾ راء شماري واري حصي ۾ پڙهيم ت ڪنهن قوم پرست جو بيان هيو ت مشڪل گهڙئ ۾ ايم ڪيو ايم کي اڪيلو ڇڏڻ ن گهرجي۰ اهڙا ماڻهو ت قوم نيڪالي ڏيڻ جي لائق آهن۰
سائين....قومپرستن جو حال لوڪ لڏڻ تي ۽ چري اڏڻ تي وارو هوندو آهي، هونئن به ساري دنيا مان نيشنلزم ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ انٽرنيشنلزم جو زمانو اچي ويو آهي. سنڌي قومپرستن جو مطلب پلاٽن تي قبضا، ڀتاخوري ۽ تعليمي ادارن ۾ غنڊاگردي آهي. وري سچي ڳالهه چئو ته گار گند ڪندا، ائين لڳندو آهي ته سندن ماءُ پيءَ کين تميز ۽ ننڍ وڏائي سيکاري ئي ڪونه آهي.
 
ساين خان محمد سيال صاحب توهان صحيح ٿا چئو۰ جيڪڏهن مناسب سمجهو ت پنهنجي راء کان آگاھ ڪري سگهو ٿا ت ايڪسپيڪٽيڊ انٽرنيشنل ڊولپمينٽس جي روشنئ ۾ توهان سنڌ ۽ سنڌين جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟ مان توھان جي راء شيئر ڪرڻ لاء توهان جو ٿورائتو رهندس۰
 
Back
Top