محمد خان سيال
سينيئر رڪن
هندوستان ۾ وزيراعظم مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ مذهبي انتهاپسندي چوٽ چڙهيل آهي ـ تازو ڳئونءَ جي گوشت کائڻ جي شڪ ۾، هڪ مسلمان کي قتل ڪيو ويو پر جاچ کانپوءِ خبر پئي ته اهو ٻڪريءَ جو گوشت هو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد قصوريءَ هندوستان ۾ ڪتاب جي مهورت ڪئي ته انتھاپسند مذهبي تنظيم شيو سينا، ميزبان ڪلڪرڻي جو سارو منهن ئي ڪارو ڪري ڇڏيو. هندو مذهبي انتهاپسنديءَ جا ٻيا به ڪيترا مثال آهن. هندوستان ۾ وڌيل مذهبي اتهاپسنديءَ سبب اٽڪل 40 دانشورن ۽ اديبن پنهنجا ايوارڊ احتجاج طور واپس ڪيا آهن.
مذهبي انتهاپسندي چاهي مسلمانن جي هجي، هندوئن جي هجي، عيسائين ِ يا وري يهودين جي هجي تن سڀني کي نندڻ گھرجي پر اسان وٽ قصو ئي نرالو آهي ـ ڪجھه اسلامي مذهبي ماڻهو، انتهاپسندي ڏيکارن ٿا ته سنڌي قومپرست انهن کي نندڻ بدران اسلام کي سوشل ميديا تي گاريون ڏيندا وتن ٿا پر ساڳي مذهبي انتهاپنسدي، هندو مذهب ۾ ڏيکاري وڃي ٿي ته سنڌي قومپرست سکڻي مذمت ڪرڻ لاءِ به تيار ڪونهن ڄڻ ته سندن بولتي بند هجي ـ ايڏي منافقي ۽ متڀيد ڇو؟
اهو ته ائين ٿيو ته سنڌ ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ هندو سنڌي ڇوڪري اغوا ٿئي ٿي ته اُڀ مٿي تي کڻي ٿا ڏين پر جڏهن سنڌ ۾ روزانو درجن ڇوڪريون جيڪي غير هندو پر سنڌي آهن اغوا ٿين ٿيون ته ڪوڙا قومپرست انهن واقعن کي، ٻيو ته ٺهيو پر نندڻ جي تڪليف به ڪونه ٿا ڪن جڏهن ته هئڻ ته ائين گهرجي ته ڪنهن به متڀيد کانسواءِ، مذهبي انتها پسندي ۽ سڀني ڇوڪرين جي اغوا کي نندڻ گهرجي پر افسوس....!!