• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي عوام جي توهين ته نه ڪريو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪيناڊا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي قومپرست جو تبصرو پڙهي سخت افسوس ٿيو جنهن پنهنجي تبصري ۾ هڪ لحاظ سان سنڌين جي گھڻائيءَ جي توهين ڪئي آهي ـ مون کي پ پ پ سان هروڀرو همدردي ناهي پر سنڌي عوام سان همدردي ضرور آهي ـ مڪاني چونڊن ۾ هزارن ماڻهن کي پ پ پ سنڌ اندر ٽڪيٽون ڏنيون آهن، جيڪي پهرين توڙي ٻئي مرحلي جي چونڊن ۾ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا آهن ـ انهيءَ پڙهيل لکيل ۽ ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي قومپرست پنهنجي مختصر تبصري ۾ درحقيقت سنڌي عوام جي توهين ڪئي آهي، جيڪڏهن هزارين ماڻهو جيڪي پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيا آهن، سي انسان ناهن ته انهن کي ووٽ ڏيڻ وارا ڪيئن انسان ٿيا؟
منهنجي خيال ۾ ڪيترن سنڌي قومپرستن (سڀيئي نه) کي سنڌي عوام جي توهين کان علاوهه ٻيو ڪو ڪم ڪونهي ـ هاڻ ان همراهه ۾ جيڪڏهن همت هجي ته پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري ۽ ٻين ڪيترن سنڌي قومپرستن وانگيان بدشد ڳالهائڻ کان پاسو ڪري. سندن تبصري جي ڪاپي هيٺ ڏجي ٿي:
Max Memon ھن وقت تائين اھي ھي ته کٽندا رھيا آھن پي پي ڪڏھن انسانن کي ٽڪيٽ ڏني آ ڀاء
 
انهن جا تبصرا انڪري آهن جو هو فرسٽريشن جو شڪار آهن

وير جي ڪولهي جو کٽڻ ظاهر ٿو ڪري ته هن پ پ پ جي اميدوار کي ان ڪري شڪست ڏني جو هو ماڻهن ۾ موجود رهي ٿو، هر ڏک سک ۾ ماڻهن سان گڏ هو.
باقي ماڻهن جا تبصرا عجيب آهن
 
جي اسان به تبصرو ڪريون ته عجيب نه لڳندو
ڇو جو اسين به عوام آهيون هر دفعي انهن ئي پي پي وارن کي ووٽ ڏيندا آهيون........... پر هن دفعي پير مظهر کي اسان جي علائقي مان شڪست ملي آهي ..... جنهن تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي
 
ميڪس ميمڻ هڪ سٺو ۽ دلبر انسان آهي باقي پيپلن جي ڏاڍاين سبب ان اهڙا لفظ استعمال ڪيا هوندا .......
 
انهن جا تبصرا انڪري آهن جو هو فرسٽريشن جو شڪار آهن

وير جي ڪولهي جو کٽڻ ظاهر ٿو ڪري ته هن پ پ پ جي اميدوار کي ان ڪري شڪست ڏني جو هو ماڻهن ۾ موجود رهي ٿو، هر ڏک سک ۾ ماڻهن سان گڏ هو.
باقي ماڻهن جا تبصرا عجيب آهن
اوهان ڪم جي ڳالهه ڪئي آهي، اها ڳالهه سنڌي قومپرستن کي سمجھڻ گھرجي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top