محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ڪيناڊا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي قومپرست جو تبصرو پڙهي سخت افسوس ٿيو جنهن پنهنجي تبصري ۾ هڪ لحاظ سان سنڌين جي گھڻائيءَ جي توهين ڪئي آهي ـ مون کي پ پ پ سان هروڀرو همدردي ناهي پر سنڌي عوام سان همدردي ضرور آهي ـ مڪاني چونڊن ۾ هزارن ماڻهن کي پ پ پ سنڌ اندر ٽڪيٽون ڏنيون آهن، جيڪي پهرين توڙي ٻئي مرحلي جي چونڊن ۾ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا آهن ـ انهيءَ پڙهيل لکيل ۽ ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي قومپرست پنهنجي مختصر تبصري ۾ درحقيقت سنڌي عوام جي توهين ڪئي آهي، جيڪڏهن هزارين ماڻهو جيڪي پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيا آهن، سي انسان ناهن ته انهن کي ووٽ ڏيڻ وارا ڪيئن انسان ٿيا؟
منهنجي خيال ۾ ڪيترن سنڌي قومپرستن (سڀيئي نه) کي سنڌي عوام جي توهين کان علاوهه ٻيو ڪو ڪم ڪونهي ـ هاڻ ان همراهه ۾ جيڪڏهن همت هجي ته پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري ۽ ٻين ڪيترن سنڌي قومپرستن وانگيان بدشد ڳالهائڻ کان پاسو ڪري. سندن تبصري جي ڪاپي هيٺ ڏجي ٿي:
Max Memon ھن وقت تائين اھي ھي ته کٽندا رھيا آھن پي پي ڪڏھن انسانن کي ٽڪيٽ ڏني آ ڀاء