
انا لله و انا اليه راجعون
ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته سنڌ جي سياسي، علمي ادبي ۽ سماجي ڳڙهه هالا جي مٽي سان تعلق رکندڙ مدبر سياستدان، سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ شاعر مخدوم امين فهيم لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
مخدوم امين فهيم رت جي ڪينسر سبب دبئي جي اسپتال ۾ زير علاج هيو پر سندس خواهش تي کيس ڪراچي آندو ويو جتي هڪ نجي اسپتال ۾ اڄ صبح سندس لاڏاڻو ٿيو آهي.
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس
انهي رمز سان روح ريجهائينديس