• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مدبر سياستدان، سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ شاعر مخدوم امين فهيم لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

xANSg0Q.jpg


انا لله و انا اليه راجعون

ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته سنڌ جي سياسي، علمي ادبي ۽ سماجي ڳڙهه هالا جي مٽي سان تعلق رکندڙ مدبر سياستدان، سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ شاعر مخدوم امين فهيم لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
مخدوم امين فهيم رت جي ڪينسر سبب دبئي جي اسپتال ۾ زير علاج هيو پر سندس خواهش تي کيس ڪراچي آندو ويو جتي هڪ نجي اسپتال ۾ اڄ صبح سندس لاڏاڻو ٿيو آهي.

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس
انهي رمز سان روح ريجهائينديس
 
مخدوم امين فهيم جو وڇوڙو سنڌ جو ناتلافي نقصان آهي هن جون سنڌ توڙي پاڪستان جي جي سياست ۾ ڪيل خدمتون هميسه ياد رکيون وينديون سندس لازوال شاعري جي ڪري کيس سنڌي ادبي کيتر ۾ پڻ صدين تائين ساريو ويندو اسين دعاگو آهيون ته رب جليل کيس پنهنجي جواهر رحمت ۾ جا ڏي. آمين.
23165809215_5b03aac095_o.jpg
 
xANSg0Q.jpg


انا لله و انا اليه راجعون

ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته سنڌ جي سياسي، علمي ادبي ۽ سماجي ڳڙهه هالا جي مٽي سان تعلق رکندڙ مدبر سياستدان، سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ شاعر مخدوم امين فهيم لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
مخدوم امين فهيم رت جي ڪينسر سبب دبئي جي اسپتال ۾ زير علاج هيو پر سندس خواهش تي کيس ڪراچي آندو ويو جتي هڪ نجي اسپتال ۾ اڄ صبح سندس لاڏاڻو ٿيو آهي.

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس
انهي رمز سان روح ريجهائينديس
مخدوم محمد امين فهيم جي موت جو ٻڌي صدمو رسيو ـ دعا آهي ته الله تعالى کيس جنت ۾ جايون ڏئي ـ
 
انسان جي پنهنجو محاسبو ڪري ته هو ڇا کڻي هليو آهي ته ڪاش ائين هٿين خالي بعد هن دنيا کي لُٽنڻ جي نه هلي ها.
حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمان اطهر آهي ته جڏهن انسان مرندو آهي ته دنيا وارا چوندا آهن ته ڇا ڇڏي ويو آهي جڏهن ته فرشتا چوندا آهن ته ڇا کڻي آيو آهي، هن ڌرتي کي غربت ڏئي ظالم و ذليل ماڻهن جو ٻانهن ٻيلي ٿي انهن جي ظلم کي طولانيت ڏئي اڄ زورداري و زرداري کي تنها ڪري مخدوم صاحب اڪيلو قبر ۾ وڃي آرامي ٿيو آهي الله کيس تي رحم ڪري آمين.
 
Back
Top