نثارناز
سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
توهان ساٿين کي خبر هوندي ته مهراڻ ٽي وي جي طرفان جيڪي سنڌي شادي جي سهرن جي شوٽنگ واريون تصويرون توهان سڀني دوستن سان مون شيئر ڪيون هيون انهن تي پسنديدگي جواظهار توهان نه رڳو انهن پوسٽن تي پنهنجا بهترين ڪامينٽس ڏيندي ڪيو هو پر ڪافي سارن دوستن پنهنجي اي ميل ذريعي ۽ ذاتي طرح تي موبائل ڪال ذريعي پڻ ڪيو هو، جيئن ته هڪ سهري جي شوٽنگ ۾ چانهه جو وقفو ٿيو هو، مان پنهنجي دوستن سان شوٽنگ واري سيٽ کان هٽي ٿورو پر ڀرو چانهه پي رهيو هُئس ته اوچتو هڪڙو تمام مٺڙو ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز ”سر ! سر ! جو آواز آيو اسان جيڪي دوست چانهه پي رهيا هُئاسين اسان جون نظرون ان طرف ويون ته هڪڙي ڪڻڪ رنگائين ڇوڪري جيڪا مون مهندي واري رسم ۾ ڏٺي هُئي ته سنڌ جي روايتي ناچ تي جهومر هُڻي نچي رهي هُئي سا مونکي سڏي رهي هُئي ۔ جي فرمايو ! مون کيس جواب ڏنو، چيائين ته سر! حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ستن ڏينهن کان پو دُعا پروڊڪشن حيدرآباد ۽ سنتپت آرٽ ڪلچرل فورم سنڌ طرفان منهنجي مان ۾ هڪ شام غزاله صنم جي نان مرتب ڪري رهيا آهن ۽ سر انهي تقريب ۾ منهنجي سالگره به آهي توهان کي ان تقريب ۾ پنهنجي طرفان دعوت ڏيان ٿي پليز توهان ضرور شرڪت ڪجو! هن هڪ انوائٽنگ ڪارڊ منهنجي طرف وڌائيندي چيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون کيس چيو ته هن پوري تقريب ۾ توهان مون کي بغير سڃاڻپ جي دعوت ڏئي رهيا آهي، کلندي چيائين ته سڀ منهنجا ساٿي فنڪار آهن ۽ حيدرآباد شهر جا آهن کين سندن گهرن ۾ اهي ڪارڊ ملي ويندا توهان جي باري ۾ ڪافي ساري ڄاڻ اٿم ته توهان سنڌ سلامت جي نمائندا آهيو۔ کلي پيس چيم ته ضرور شرڪت ڪندس، انوائٽنگ ڪارڊ کولڻ کان پو خبر پئي ته هُو حيدرآباد سنڌ جي اسٽيج جي هڪ بهترين آرٽسٽ آهي، ان کان علاوه سنڌي ميڊيا جي سمورن چينل تي هڪ سنڌي اداڪاره جي حيثيت سان کوڙ سارن سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چُڪي آهي۔ دوستوتوهان کي ڄاڻ هُوندي ته مونکي جيڪي دعوتون ملنديون آهن اهي چاهي ڪنهنجي شادي جي دعوت وليمه جُون هجن يا ڪنهنجي سالگره وغيره جون مان ڪوشش ڪري اتي ضرور پهچندو آهيان، هي دعوت ته خالص شو بز سان تعلق رکندڙ هُئي ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ لا هن تقريب مان گهڻو ڪجهه مواد ملڻ جو سُنهري موقعو به هُو، جيئن ته اُن وقت مون سان گڏ اسان جي سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون به موجود هو ، سو غفور کي چيم ته غفور دعوت ملي آهي تنهنجو ڇا خيال آهي، چيائين ته سائين نثار جيڪا تنهنجي مرضي، دعوت 8 ڏينهن کان پو آهي، توهان ٽنڊو محمد خان کان پهچو آئون پاڻهي هوسڙي شهر کان پريس ڪلب حيدرآباد پهچي ويندس۔ اٺن ڏينهن کان پو تقريب جيئن ته رات جو اٺين وڳي هُئي سو انهي ڏينهن گهران شام جو ستين وڳي نڪتس، هڪ ڪلاڪ ۾ پريس ڪلب حيدرآباد پهچي ويس، عبدالغفور سمون پريس ڪلب حيدرآباد جا ٻاهران پنهنجي موٽر سائيڪل تي انتظار ڪري رهيو هو، پر هُن جي طبيعت گُردي ۾ پٿري جي ڪري صحيح ڪانه هُئي ۽ خبر پئي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪو پروگرام پنهنجي وقت تي ڪونه ٿيندو آهي سو هن پروگرام جي شروع ٿيڻ ۾ اڃان هڪ ڪلاڪ دير هُئي، سو عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪري ايل ايم سي اوپي ڊي ۾ هليو ويس ، جيئن ته منهنجي ۽ادا عبدالغفور سمون جي گلي ۾ ڊجيٽل ڪئميرائون لٽڪي رهيون هُيون ، سو ايل ايم سي او پي ڊي اسپتال وارن اسان کي ميڊيا جا نمائندا يا صُحافي سمجهي فوري طور تي اڳيان آيا، عبدالغفور سمون جو طبي معانو تمام تسلي سان ڪيائون ۽ گلوڪوز جي بوتل (ڊڀ) لڳائڻ جو چيائون، ۽ ڪجهه پين ڪلر انجيڪشن به ادا عبدالغفور سمون کي هنيائون پر ڊڀ جي مسئلي تي مون اسپتال وارن کي چيو ته جيئن ته اسان پنهنجون آفيشلي ذميواريون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ في الحال نڀايون پيا ڊڀ لڳائڻ جي ڪري ڪافي سارو پروگرام اسان کان مس ٿي ويندو ان ڪري اسان کي گلوڪوز جي بوتل ڏيو اسان پنهنجي شهر اتي لڳائينداسين، انهن خوشي سان اسان کي ڪجهه پين ڪلر انجيڪشن ۽ ٻه بوتلون گلوڪوز جون ڏنيون جيئن ته ڪڊني تڪليف جي ڪري عبدالغفورسمون کي ڪجهه پين ڪلر انجيڪشنون هنيون ويون هيون ان ڪري ان جي تڪليف ڪجهه گهٽ ٿي اسان فوري وري پريس ڪلب پهتاسين اتي پروگرام شروع ٿي چُڪو هو، جيئن اسان پنڊال ۾ پهتاسين اسٽيج سيڪريٽري مشهور ڊائريڪٽر غلام نبي راهي منهنجو ۽ ادا عبدالغفور سمون جو مائڪ تي ويلڪم ڪيو، ۽ سنڌ سلامت جو پڻ شڪريو ادا ڪيو۔ اسان جيئن ان تقريب ۾ پهتاسين ته اسٽيج تان اٿي محترما غزاله ۽ سندس ننڍي ڀيڻ مهوش سولنگي اسان جو مسڪرائيندي استقبال ڪيو۔ ان کان پو ان ساري تقريب جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ توهان سان ونڊ ٿو ڪريان هي خالص سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پنهنجي پيشڪش آهي ڪنهن به فورم يا ڪنهن به سائٽ تي اهي تصويرون موجود ناهن بلڪل نڪور تصويرون آهن۔ دوستو هي تصويري احوال اسان ٻنهي منهنجو ۽ ادا عبدالغفور سمون جي مشترڪا غريباڻي محنت آهي
مهوش سولنگي پنهنجي ڀيڻ کي غزاله صنم کي اجرڪ جو تحفو پارايو

اسٽيج تي غزاله صنم ، سندس پاسي ۾ ميڊم فريده سهتو جي معصوم نياڻي، ميڊم فريده سهتو، سنتپت جو اي ڊي ناريجو ۽ ٻي پاسي ۾ مشهور آرٽسٽ اسرار لغاري ۽ پروڊيوسر غوري نمايان آهن
اسٽيج سيڪريٽري سنڌ ٽي وي جو مشهور ڊائريڪٽر محترم غلام نبي راهي تقريب جي ڪاروائي کي هلائي رهيو آهي۔
غزاله صنم کي هڪ مهمان سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پارايو
غزاله صنم سان گڏ مشهور سنڌي اداڪار اسرار لغاري ۽ ڊائريڪٽر پروڊيوسر غوري اسٽيج تي ويٺا آهن
بهترين اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽ غزاله صنم جي سڳي ڀيڻ مهوش سولنگي جو هڪ دلفريب انداز
مهوش سولنگي ۽ هڪ ٻي ناري تقريب ۾ شريڪ آهن
هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن جو لانگ شارٽ هن تصوير ۾ سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز به ڪٿي ڪُنڊ پاسي ۾ موجود آهي
مهراڻ ٽي وي جي خوبصورت آرٽسٽ فهميده سيال وچ ۾
مهوش سولنگي پنهنجي ڀيڻ کي غزاله صنم کي اجرڪ جو تحفو پارايو
فهميده سيال پڻ غزاله صنم کي اجرڪ جو تحفو پارايو