• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ شام غزاله صنم جي نان

نثارناز

سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
توهان ساٿين کي خبر هوندي ته مهراڻ ٽي وي جي طرفان جيڪي سنڌي شادي جي سهرن جي شوٽنگ واريون تصويرون توهان سڀني دوستن سان مون شيئر ڪيون هيون انهن تي پسنديدگي جواظهار توهان نه رڳو انهن پوسٽن تي پنهنجا بهترين ڪامينٽس ڏيندي ڪيو هو پر ڪافي سارن دوستن پنهنجي اي ميل ذريعي ۽ ذاتي طرح تي موبائل ڪال ذريعي پڻ ڪيو هو، جيئن ته هڪ سهري جي شوٽنگ ۾ چانهه جو وقفو ٿيو هو، مان پنهنجي دوستن سان شوٽنگ واري سيٽ کان هٽي ٿورو پر ڀرو چانهه پي رهيو هُئس ته اوچتو هڪڙو تمام مٺڙو ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز ”سر ! سر ! جو آواز آيو اسان جيڪي دوست چانهه پي رهيا هُئاسين اسان جون نظرون ان طرف ويون ته هڪڙي ڪڻڪ رنگائين ڇوڪري جيڪا مون مهندي واري رسم ۾ ڏٺي هُئي ته سنڌ جي روايتي ناچ تي جهومر هُڻي نچي رهي هُئي سا مونکي سڏي رهي هُئي ۔ جي فرمايو ! مون کيس جواب ڏنو، چيائين ته سر! حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ستن ڏينهن کان پو دُعا پروڊڪشن حيدرآباد ۽ سنتپت آرٽ ڪلچرل فورم سنڌ طرفان منهنجي مان ۾ هڪ شام غزاله صنم جي نان مرتب ڪري رهيا آهن ۽ سر انهي تقريب ۾ منهنجي سالگره به آهي توهان کي ان تقريب ۾ پنهنجي طرفان دعوت ڏيان ٿي پليز توهان ضرور شرڪت ڪجو! هن هڪ انوائٽنگ ڪارڊ منهنجي طرف وڌائيندي چيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون کيس چيو ته هن پوري تقريب ۾ توهان مون کي بغير سڃاڻپ جي دعوت ڏئي رهيا آهي، کلندي چيائين ته سڀ منهنجا ساٿي فنڪار آهن ۽ حيدرآباد شهر جا آهن کين سندن گهرن ۾ اهي ڪارڊ ملي ويندا توهان جي باري ۾ ڪافي ساري ڄاڻ اٿم ته توهان سنڌ سلامت جي نمائندا آهيو۔ کلي پيس چيم ته ضرور شرڪت ڪندس، انوائٽنگ ڪارڊ کولڻ کان پو خبر پئي ته هُو حيدرآباد سنڌ جي اسٽيج جي هڪ بهترين آرٽسٽ آهي، ان کان علاوه سنڌي ميڊيا جي سمورن چينل تي هڪ سنڌي اداڪاره جي حيثيت سان کوڙ سارن سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چُڪي آهي۔ دوستوتوهان کي ڄاڻ هُوندي ته مونکي جيڪي دعوتون ملنديون آهن اهي چاهي ڪنهنجي شادي جي دعوت وليمه جُون هجن يا ڪنهنجي سالگره وغيره جون مان ڪوشش ڪري اتي ضرور پهچندو آهيان، هي دعوت ته خالص شو بز سان تعلق رکندڙ هُئي ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ لا هن تقريب مان گهڻو ڪجهه مواد ملڻ جو سُنهري موقعو به هُو، جيئن ته اُن وقت مون سان گڏ اسان جي سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون به موجود هو ، سو غفور کي چيم ته غفور دعوت ملي آهي تنهنجو ڇا خيال آهي، چيائين ته سائين نثار جيڪا تنهنجي مرضي، دعوت 8 ڏينهن کان پو آهي، توهان ٽنڊو محمد خان کان پهچو آئون پاڻهي هوسڙي شهر کان پريس ڪلب حيدرآباد پهچي ويندس۔ اٺن ڏينهن کان پو تقريب جيئن ته رات جو اٺين وڳي هُئي سو انهي ڏينهن گهران شام جو ستين وڳي نڪتس، هڪ ڪلاڪ ۾ پريس ڪلب حيدرآباد پهچي ويس، عبدالغفور سمون پريس ڪلب حيدرآباد جا ٻاهران پنهنجي موٽر سائيڪل تي انتظار ڪري رهيو هو، پر هُن جي طبيعت گُردي ۾ پٿري جي ڪري صحيح ڪانه هُئي ۽ خبر پئي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪو پروگرام پنهنجي وقت تي ڪونه ٿيندو آهي سو هن پروگرام جي شروع ٿيڻ ۾ اڃان هڪ ڪلاڪ دير هُئي، سو عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪري ايل ايم سي اوپي ڊي ۾ هليو ويس ، جيئن ته منهنجي ۽‌ادا عبدالغفور سمون جي گلي ۾ ڊجيٽل ڪئميرائون لٽڪي رهيون هُيون ، سو ايل ايم سي او پي ڊي اسپتال وارن اسان کي ميڊيا جا نمائندا يا صُحافي سمجهي فوري طور تي اڳيان آيا، عبدالغفور سمون جو طبي معانو تمام تسلي سان ڪيائون ۽ گلوڪوز جي بوتل (ڊڀ) لڳائڻ جو چيائون، ۽ ڪجهه پين ڪلر انجيڪشن به ادا عبدالغفور سمون کي هنيائون پر ڊڀ جي مسئلي تي مون اسپتال وارن کي چيو ته جيئن ته اسان پنهنجون آفيشلي ذميواريون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ في الحال نڀايون پيا ڊڀ لڳائڻ جي ڪري ڪافي سارو پروگرام اسان کان مس ٿي ويندو ان ڪري اسان کي گلوڪوز جي بوتل ڏيو اسان پنهنجي شهر اتي لڳائينداسين، انهن خوشي سان اسان کي ڪجهه پين ڪلر انجيڪشن ۽ ٻه بوتلون گلوڪوز جون ڏنيون جيئن ته ڪڊني تڪليف جي ڪري عبدالغفورسمون کي ڪجهه پين ڪلر انجيڪشنون هنيون ويون هيون ان ڪري ان جي تڪليف ڪجهه گهٽ ٿي اسان فوري وري پريس ڪلب پهتاسين اتي پروگرام شروع ٿي چُڪو هو، جيئن اسان پنڊال ۾ پهتاسين اسٽيج سيڪريٽري مشهور ڊائريڪٽر غلام نبي راهي منهنجو ۽ ادا عبدالغفور سمون جو مائڪ تي ويلڪم ڪيو، ۽ سنڌ سلامت جو پڻ شڪريو ادا ڪيو۔ اسان جيئن ان تقريب ۾ پهتاسين ته اسٽيج تان اٿي محترما غزاله ۽ سندس ننڍي ڀيڻ مهوش سولنگي اسان جو مسڪرائيندي استقبال ڪيو۔ ان کان پو ان ساري تقريب جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ توهان سان ونڊ ٿو ڪريان هي خالص سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پنهنجي پيشڪش آهي ڪنهن به فورم يا ڪنهن به سائٽ تي اهي تصويرون موجود ناهن بلڪل نڪور تصويرون آهن۔ دوستو هي تصويري احوال اسان ٻنهي منهنجو ۽ ادا عبدالغفور سمون جي مشترڪا غريباڻي محنت آهي
Ghazala%201.JPG
اسٽيج تي غزاله صنم ، سندس پاسي ۾ ميڊم فريده سهتو جي معصوم نياڻي، ميڊم فريده سهتو، سنتپت جو اي ڊي ناريجو ۽ ٻي پاسي ۾ مشهور آرٽسٽ اسرار لغاري ۽ پروڊيوسر غوري نمايان آهن​

Ghazala%202.JPG
اسٽيج سيڪريٽري سنڌ ٽي وي جو مشهور ڊائريڪٽر محترم غلام نبي راهي تقريب جي ڪاروائي کي هلائي رهيو آهي۔​

24.JPG
غزاله صنم کي هڪ مهمان سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پارايو​

Ghazala%204.JPG
غزاله صنم سان گڏ مشهور سنڌي اداڪار اسرار لغاري ۽ ڊائريڪٽر پروڊيوسر غوري اسٽيج تي ويٺا آهن​

Ghazala%206.JPG
بهترين اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽ غزاله صنم جي سڳي ڀيڻ مهوش سولنگي جو هڪ دلفريب انداز​

Ghazala%205.JPG
مهوش سولنگي ۽ هڪ ٻي ناري تقريب ۾ شريڪ آهن​

Ghazala%207.JPG
هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن جو لانگ شارٽ هن تصوير ۾ سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز به ڪٿي ڪُنڊ پاسي ۾ موجود آهي

Ghazala%2017.JPG
مهراڻ ٽي وي جي خوبصورت آرٽسٽ فهميده سيال وچ ۾​
Ghazala%2028.JPG

مهوش سولنگي پنهنجي ڀيڻ کي غزاله صنم کي اجرڪ جو تحفو پارايو
Ghazala%2025.JPG
فهميده سيال پڻ غزاله صنم کي اجرڪ جو تحفو پارايو​
 
جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
توهان ساٿين کي خبر هوندي ته مهراڻ ٽي وي جي طرفان جيڪي سنڌي شادي جي سهرن جي شوٽنگ واريون تصويرون توهان سڀني دوستن سان مون شيئر ڪيون هيون انهن تي پسنديدگي جواظهار توهان نه رڳو انهن پوسٽن تي پنهنجا بهترين ڪامينٽس ڏيندي ڪيو هو پر ڪافي سارن دوستن پنهنجي اي ميل ذريعي ۽ ذاتي طرح تي موبائل ڪال ذريعي پڻ ڪيو هو، جيئن ته هڪ سهري جي شوٽنگ ۾ چانهه جو وقفو ٿيو هو، مان پنهنجي دوستن سان شوٽنگ واري سيٽ کان هٽي ٿورو پر ڀرو چانهه پي رهيو هُئس ته اوچتو هڪڙو تمام مٺڙو ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز ”سر ! سر ! جو آواز آيو اسان جيڪي دوست چانهه پي رهيا هُئاسين اسان جون نظرون ان طرف ويون ته هڪڙي ڪڻڪ رنگائين ڇوڪري جيڪا مون مهندي واري رسم ۾ ڏٺي هُئي ته سنڌ جي روايتي ناچ تي جهومر هُڻي نچي رهي هُئي سا مونکي سڏي رهي هُئي ۔ جي فرمايو ! مون کيس جواب ڏنو، چيائين ته سر! حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ستن ڏينهن کان پو دُعا پروڊڪشن حيدرآباد ۽ سنتپت آرٽ ڪلچرل فورم سنڌ طرفان منهنجي مان ۾ هڪ شام غزاله صنم جي نان مرتب ڪري رهيا آهن ۽ سر انهي تقريب ۾ منهنجي سالگره به آهي توهان کي ان تقريب ۾ پنهنجي طرفان دعوت ڏيان ٿي پليز توهان ضرور شرڪت ڪجو! هن هڪ انوائٽنگ ڪارڊ منهنجي طرف وڌائيندي چيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون کيس چيو ته هن پوري تقريب ۾ توهان مون کي بغير سڃاڻپ جي دعوت ڏئي رهيا آهي، کلندي چيائين ته سڀ منهنجا ساٿي فنڪار آهن ۽ حيدرآباد شهر جا آهن کين سندن گهرن ۾ اهي ڪارڊ ملي ويندا توهان جي باري ۾ ڪافي ساري ڄاڻ اٿم ته توهان سنڌ سلامت جي نمائندا آهيو۔ کلي پيس چيم ته ضرور شرڪت ڪندس

واه واه سائين ڏاڍو سٺو۔
پو توهان ان تقريب ۾ شرقت ڪئي يا نه۔؟
 
جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

واه واه سائين ڏاڍو سٺو۔
پو توهان ان تقريب ۾ شرقت ڪئي يا نه۔؟
ادا عاشق سولنگي اهو مار پويس بجلي جي لوڊ شيڊنگ کي جو مڪمل احوال لکي ڪونه سگهيس بلڪل تقريب ۾ شرڪت ڪيم هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن ان تقريب جون ۽ توهان هن عنوان کي ڏاڍو سٺو چيو لک لائق ۽ ٿورا۔
Ghazala%2029.JPG
اسان جو دوست ادا وڪيل منڱريو محفل جي ڊيل (معاف ڪجو مرد لا اهڙيون شامون ملهايون وينديون آهن ته محفل جو مور ڪوٺيو ويندو آهي پر هتي هڪڙي ناري سان شام ملهائي وئي ان ڪري ناري لا ڊيل لفظ جو استعمال ڪيواٿم ) غزاله صنم کي تحفا ڏئي رهيو آهي​

Ghazala%2026.JPG
سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز پڻ غزاله صنم جي فني ڪاوشن جي مڃتا عيوض کيس سنڌ جي روايتي خوبصورت سوکڙي جو تحفو اجرڪ جو تحفو پارايو​

Ghazala%2031.JPG
سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون به ان سلسلي ۾ اڳيان آيو ۽ اچي گُلن جا هار غزاله صنم کي پارايا​
Ghazala%2030.JPG
هڪ سينئر آرٽسٽ پڻ غزاله صنم کي گلن جا هار پارايا​
Ghazala%2027.JPG
غزاله صنم جو اجرڪ سان هڪ مسڪرائيندڙ انداز​

Ghazala%2024.JPG
غزاله صنم کي اجرڪ پارائڻ کان پو هڪ پهلوان مهمان جو انداز​

Ghazala%2023.JPG
هڪ شام غزاله صنم جي نان واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻه ناريون​
Ghazala%2036.JPG

سنڌ جي مشهور ليکڪ سليم چنا پڻ غزاله صنم کي پنهنجو نئون لکيل ناول تحفي طور ڏنو
Ghazala%2042.JPG
هن تقريب ۾ هي ناري به شريڪ هُئي​

Ghazala%2040.JPG
غزاله صنم هڪڙي معصوم نياڻي سان گڏ هڪ دلڪش انداز​
 
جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

اسان وارو يار نثار، اهڙا سهڻا موقعا ڪٿان ٿو هٿن مان وڃڻ ڏئي، الله جو شڪر جو حيدرآباد ويجهي ٿي پئي آهي، جي هجي ها ڪوهه ڪاف تي، ته به اهڙا موقعا ٿوري وڃائبا آهن، ادي نثار ناز جڏهن به ڪنهن اهڙي پروگرام تي وڃڻ جي تياري ڪئي هوندي آهي ته کيس ٻه چار نه هزار مجبوريون سامهون پر پو به سورهيه سو چائي جو رڳو ئي رڻ گهري ۔۔۔ هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون، هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوريون ۔۔۔ جنهن ڪم سان چاهه هجي سو ته پورو ڪرڻ ئي همٿ هوندو آهي۔

واه سائين واه، تمام سهڻي تقريب ۽ تمام سهڻيون ڪوه ڪاف تان لٿل پرين جهڙيون سنڌي فنڪارائون ۽ وري انهن جي همٿ افزائي ۽ مڃتا جا پروگرام، حقيقت ۾ آ سمجهندو هوس ته انهن ويچارن ۽ ويچارين کي ڪير لفٽ ڪرائيندو هوندو پر هت ته اصل ميلا لڳا پيا آهن۔ اوهانجي محنتن سبب اسانکي به مڙئي خبر پئجيو وڃي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

اسان وارو يار نثار، اهڙا سهڻا موقعا ڪٿان ٿو هٿن مان وڃڻ ڏئي، الله جو شڪر جو حيدرآباد ويجهي ٿي پئي آهي، جي هجي ها ڪوهه ڪاف تي، ته به اهڙا موقعا ٿوري وڃائبا آهن، ادي نثار ناز جڏهن به ڪنهن اهڙي پروگرام تي وڃڻ جي تياري ڪئي هوندي آهي ته کيس ٻه چار نه هزار مجبوريون سامهون پر پو به سورهيه سو چائي جو رڳو ئي رڻ گهري ۔۔۔ هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون، هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوريون ۔۔۔ جنهن ڪم سان چاهه هجي سو ته پورو ڪرڻ ئي همٿ هوندو آهي۔

واه سائين واه، تمام سهڻي تقريب ۽ تمام سهڻيون ڪوه ڪاف تان لٿل پرين جهڙيون سنڌي فنڪارائون ۽ وري انهن جي همٿ افزائي ۽ مڃتا جا پروگرام، حقيقت ۾ آ سمجهندو هوس ته انهن ويچارن ۽ ويچارين کي ڪير لفٽ ڪرائيندو هوندو پر هت ته اصل ميلا لڳا پيا آهن۔ اوهانجي محنتن سبب اسانکي به مڙئي خبر پئجيو وڃي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
ادا نثار نالي ڀائي چوندا آهن ته بيڪار کان بيگار ڀلِي آهي، زندگي جِي مجبورين مان مڙسي سان پار پُڄڻ اصل ۾ مردانگي آهي، سرديون گرميون زندگي جو حصو آهن، بلڪل اهڙي طرح غم ۽ خوشي به جيون سان سلهاڙيل آهن، توهان کي اسان جي هي غريباڻي ڪوشش وڻي تمام ٿورا، باقي ڪوهه ڪاف تي اهڙي تقريب ٿئي ها ته ڪونه وڃي سگهان ها پو وري توکي يعني نثار ابڙو تي اها وڙول رکان ها ڇو جو مون ٻُڌو آهي ته ڪوهه ڪاف سعودي عرب کان صفا ويجهو آهي، چلو جيڪڏهن سنڌ سلامت لا ڪجهه رنگنيون ڪوهه ڪاف تان وٺڻيون پيون ته نثار ناز جي جڳه تي نثار ابڙو فٽ ٿِي سگهي ٿو۔ نثار مطلب قربان پو اهو قربان نثار ناز ٿئي يا نثار ابڙو ڳالهه مڙئي هڪ آهي۔ ڪجهه وڌيڪ تصويرون اڃان به آهن جيڪي توسان گڏ ساري دنيا جي سنڌين ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سان ونڊ ٿو ڪريان۔
Ghazala%2056.JPG
غزاله صنم جي فني زندگي تي محترما فريده سهتو روشني وجهي رهِي آهي​
Ghazala%2052.JPG
هن تصوير ۾ هڪڙي ته فنڪاره پارس علي پارس آهي باقي ٻيو همراهه ڪير آهي مان کيس ٺُپ ڪونه سُڃاڻان​
Ghazala%2051.JPG
سنڌ مشهور فنڪار راڳي گُل حسن گُل هڪ شام غزاله صنم جي نان واري تقريب ۾ گيت ڳائي رهيو آهي​
Ghazala%2047.JPG
غزاله صنم پنهنجي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽي رهي آهي توهان يقينن سوچيندا هُوندا ته اها ڪهڙي عمر واري سالگره آهي پر مونکي سختي سان منع ڪئي وئي آهي سالگره نمبر يعني عمر جي ظاهر ڪرڻ جِي ڀائي سمجهي وڃو نه ! ته ڇوڪريون پنهنجي درست عمر ٻُڌائڻ کان لنوائينديون آهن​
Ghazala%2053.JPG
ٻنهي ڀيڻن جي وچ ۾‌خبر پئي ته ڪا نورجهان نالي جهوني آهي​
Ghazala%2045.JPG
سنتپت ڪلچرل فورم سنڌ جو چيئرمين اي ڊي ناريجو غزاله صنم کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي​
Ghazala%2011.JPG
سُهڻا ماڻهو ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرو لکن ۾ واري گيت جو تخليق ڪار سنڌ جو ڀلوڙ شاعر محترم افضل سولنگي غزاله صنم کي مُبارڪون ڏئي رهيو آهي سندس فن ۽ فني زندگي تي روشني وجهي رهيو آهي​
Ghazala%2014.JPG

Ghazala%2018.JPG
ڪجهه ٻارڙيون ۽ ڪجهه ناريون هن محفل ۾ شريڪ آهن​

Ghazala%2039.JPG
غزاله صنم هڪڙي معصوم نياڻي سان پيار ونڊيندي​
 
Back
Top