هڪ شام غزاله صنم جي نان

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    توهان ساٿين کي خبر هوندي ته مهراڻ ٽي وي جي طرفان جيڪي سنڌي شادي جي سهرن جي شوٽنگ واريون تصويرون توهان سڀني دوستن سان مون شيئر ڪيون هيون انهن تي پسنديدگي جواظهار توهان نه رڳو انهن پوسٽن تي پنهنجا بهترين ڪامينٽس ڏيندي ڪيو هو پر ڪافي سارن دوستن پنهنجي اي ميل ذريعي ۽ ذاتي طرح تي موبائل ڪال ذريعي پڻ ڪيو هو، جيئن ته هڪ سهري جي شوٽنگ ۾ چانهه جو وقفو ٿيو هو، مان پنهنجي دوستن سان شوٽنگ واري سيٽ کان هٽي ٿورو پر ڀرو چانهه پي رهيو هُئس ته اوچتو هڪڙو تمام مٺڙو ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز ”سر ! سر ! جو آواز آيو اسان جيڪي دوست چانهه پي رهيا هُئاسين اسان جون نظرون ان طرف ويون ته هڪڙي ڪڻڪ رنگائين ڇوڪري جيڪا مون مهندي واري رسم ۾ ڏٺي هُئي ته سنڌ جي روايتي ناچ تي جهومر هُڻي نچي رهي هُئي سا مونکي سڏي رهي هُئي ۔ جي فرمايو ! مون کيس جواب ڏنو، چيائين ته سر! حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ستن ڏينهن کان پو دُعا پروڊڪشن حيدرآباد ۽ سنتپت آرٽ ڪلچرل فورم سنڌ طرفان منهنجي مان ۾ هڪ شام غزاله صنم جي نان مرتب ڪري رهيا آهن ۽ سر انهي تقريب ۾ منهنجي سالگره به آهي توهان کي ان تقريب ۾ پنهنجي طرفان دعوت ڏيان ٿي پليز توهان ضرور شرڪت ڪجو! هن هڪ انوائٽنگ ڪارڊ منهنجي طرف وڌائيندي چيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون کيس چيو ته هن پوري تقريب ۾ توهان مون کي بغير سڃاڻپ جي دعوت ڏئي رهيا آهي، کلندي چيائين ته سڀ منهنجا ساٿي فنڪار آهن ۽ حيدرآباد شهر جا آهن کين سندن گهرن ۾ اهي ڪارڊ ملي ويندا توهان جي باري ۾ ڪافي ساري ڄاڻ اٿم ته توهان سنڌ سلامت جي نمائندا آهيو۔ کلي پيس چيم ته ضرور شرڪت ڪندس، انوائٽنگ ڪارڊ کولڻ کان پو خبر پئي ته هُو حيدرآباد سنڌ جي اسٽيج جي هڪ بهترين آرٽسٽ آهي، ان کان علاوه سنڌي ميڊيا جي سمورن چينل تي هڪ سنڌي اداڪاره جي حيثيت سان کوڙ سارن سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چُڪي آهي۔ دوستوتوهان کي ڄاڻ هُوندي ته مونکي جيڪي دعوتون ملنديون آهن اهي چاهي ڪنهنجي شادي جي دعوت وليمه جُون هجن يا ڪنهنجي سالگره وغيره جون مان ڪوشش ڪري اتي ضرور پهچندو آهيان، هي دعوت ته خالص شو بز سان تعلق رکندڙ هُئي ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ لا هن تقريب مان گهڻو ڪجهه مواد ملڻ جو سُنهري موقعو به هُو، جيئن ته اُن وقت مون سان گڏ اسان جي سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون به موجود هو ، سو غفور کي چيم ته غفور دعوت ملي آهي تنهنجو ڇا خيال آهي، چيائين ته سائين نثار جيڪا تنهنجي مرضي، دعوت 8 ڏينهن کان پو آهي، توهان ٽنڊو محمد خان کان پهچو آئون پاڻهي هوسڙي شهر کان پريس ڪلب حيدرآباد پهچي ويندس۔ اٺن ڏينهن کان پو تقريب جيئن ته رات جو اٺين وڳي هُئي سو انهي ڏينهن گهران شام جو ستين وڳي نڪتس، هڪ ڪلاڪ ۾ پريس ڪلب حيدرآباد پهچي ويس، عبدالغفور سمون پريس ڪلب حيدرآباد جا ٻاهران پنهنجي موٽر سائيڪل تي انتظار ڪري رهيو هو، پر هُن جي طبيعت گُردي ۾ پٿري جي ڪري صحيح ڪانه هُئي ۽ خبر پئي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪو پروگرام پنهنجي وقت تي ڪونه ٿيندو آهي سو هن پروگرام جي شروع ٿيڻ ۾ اڃان هڪ ڪلاڪ دير هُئي، سو عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪري ايل ايم سي اوپي ڊي ۾ هليو ويس ، جيئن ته منهنجي ۽‌ادا عبدالغفور سمون جي گلي ۾ ڊجيٽل ڪئميرائون لٽڪي رهيون هُيون ، سو ايل ايم سي او پي ڊي اسپتال وارن اسان کي ميڊيا جا نمائندا يا صُحافي سمجهي فوري طور تي اڳيان آيا، عبدالغفور سمون جو طبي معانو تمام تسلي سان ڪيائون ۽ گلوڪوز جي بوتل (ڊڀ) لڳائڻ جو چيائون، ۽ ڪجهه پين ڪلر انجيڪشن به ادا عبدالغفور سمون کي هنيائون پر ڊڀ جي مسئلي تي مون اسپتال وارن کي چيو ته جيئن ته اسان پنهنجون آفيشلي ذميواريون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ في الحال نڀايون پيا ڊڀ لڳائڻ جي ڪري ڪافي سارو پروگرام اسان کان مس ٿي ويندو ان ڪري اسان کي گلوڪوز جي بوتل ڏيو اسان پنهنجي شهر اتي لڳائينداسين، انهن خوشي سان اسان کي ڪجهه پين ڪلر انجيڪشن ۽ ٻه بوتلون گلوڪوز جون ڏنيون جيئن ته ڪڊني تڪليف جي ڪري عبدالغفورسمون کي ڪجهه پين ڪلر انجيڪشنون هنيون ويون هيون ان ڪري ان جي تڪليف ڪجهه گهٽ ٿي اسان فوري وري پريس ڪلب پهتاسين اتي پروگرام شروع ٿي چُڪو هو، جيئن اسان پنڊال ۾ پهتاسين اسٽيج سيڪريٽري مشهور ڊائريڪٽر غلام نبي راهي منهنجو ۽ ادا عبدالغفور سمون جو مائڪ تي ويلڪم ڪيو، ۽ سنڌ سلامت جو پڻ شڪريو ادا ڪيو۔ اسان جيئن ان تقريب ۾ پهتاسين ته اسٽيج تان اٿي محترما غزاله ۽ سندس ننڍي ڀيڻ مهوش سولنگي اسان جو مسڪرائيندي استقبال ڪيو۔ ان کان پو ان ساري تقريب جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ توهان سان ونڊ ٿو ڪريان هي خالص سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پنهنجي پيشڪش آهي ڪنهن به فورم يا ڪنهن به سائٽ تي اهي تصويرون موجود ناهن بلڪل نڪور تصويرون آهن۔ دوستو هي تصويري احوال اسان ٻنهي منهنجو ۽ ادا عبدالغفور سمون جي مشترڪا غريباڻي محنت آهي
    [​IMG]
    اسٽيج تي غزاله صنم ، سندس پاسي ۾ ميڊم فريده سهتو جي معصوم نياڻي، ميڊم فريده سهتو، سنتپت جو اي ڊي ناريجو ۽ ٻي پاسي ۾ مشهور آرٽسٽ اسرار لغاري ۽ پروڊيوسر غوري نمايان آهن​


    [​IMG]
    اسٽيج سيڪريٽري سنڌ ٽي وي جو مشهور ڊائريڪٽر محترم غلام نبي راهي تقريب جي ڪاروائي کي هلائي رهيو آهي۔​


    [​IMG]
    غزاله صنم کي هڪ مهمان سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پارايو​


    [​IMG]
    غزاله صنم سان گڏ مشهور سنڌي اداڪار اسرار لغاري ۽ ڊائريڪٽر پروڊيوسر غوري اسٽيج تي ويٺا آهن​


    [​IMG]
    بهترين اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽ غزاله صنم جي سڳي ڀيڻ مهوش سولنگي جو هڪ دلفريب انداز​


    [​IMG]
    مهوش سولنگي ۽ هڪ ٻي ناري تقريب ۾ شريڪ آهن​


    [​IMG]
    هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن جو لانگ شارٽ هن تصوير ۾ سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز به ڪٿي ڪُنڊ پاسي ۾ موجود آهي


    [​IMG]
    مهراڻ ٽي وي جي خوبصورت آرٽسٽ فهميده سيال وچ ۾ ​

    [​IMG]
    مهوش سولنگي پنهنجي ڀيڻ کي غزاله صنم کي اجرڪ جو تحفو پارايو
    [​IMG]
    فهميده سيال پڻ غزاله صنم کي اجرڪ جو تحفو پارايو​
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

    واه واه سائين ڏاڍو سٺو۔
    پو توهان ان تقريب ۾ شرقت ڪئي يا نه۔؟
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

    ادا عاشق سولنگي اهو مار پويس بجلي جي لوڊ شيڊنگ کي جو مڪمل احوال لکي ڪونه سگهيس بلڪل تقريب ۾ شرڪت ڪيم هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن ان تقريب جون ۽ توهان هن عنوان کي ڏاڍو سٺو چيو لک لائق ۽ ٿورا۔
    [​IMG]
    اسان جو دوست ادا وڪيل منڱريو محفل جي ڊيل (معاف ڪجو مرد لا اهڙيون شامون ملهايون وينديون آهن ته محفل جو مور ڪوٺيو ويندو آهي پر هتي هڪڙي ناري سان شام ملهائي وئي ان ڪري ناري لا ڊيل لفظ جو استعمال ڪيواٿم ) غزاله صنم کي تحفا ڏئي رهيو آهي​


    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز پڻ غزاله صنم جي فني ڪاوشن جي مڃتا عيوض کيس سنڌ جي روايتي خوبصورت سوکڙي جو تحفو اجرڪ جو تحفو پارايو​


    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون به ان سلسلي ۾ اڳيان آيو ۽ اچي گُلن جا هار غزاله صنم کي پارايا​

    [​IMG]
    هڪ سينئر آرٽسٽ پڻ غزاله صنم کي گلن جا هار پارايا​

    [​IMG]
    غزاله صنم جو اجرڪ سان هڪ مسڪرائيندڙ انداز​


    [​IMG]
    غزاله صنم کي اجرڪ پارائڻ کان پو هڪ پهلوان مهمان جو انداز​


    [​IMG]
    هڪ شام غزاله صنم جي نان واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻه ناريون​

    [​IMG]
    سنڌ جي مشهور ليکڪ سليم چنا پڻ غزاله صنم کي پنهنجو نئون لکيل ناول تحفي طور ڏنو
    [​IMG]
    هن تقريب ۾ هي ناري به شريڪ هُئي​


    [​IMG]
    غزاله صنم هڪڙي معصوم نياڻي سان گڏ هڪ دلڪش انداز​
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

    اسان وارو يار نثار، اهڙا سهڻا موقعا ڪٿان ٿو هٿن مان وڃڻ ڏئي، الله جو شڪر جو حيدرآباد ويجهي ٿي پئي آهي، جي هجي ها ڪوهه ڪاف تي، ته به اهڙا موقعا ٿوري وڃائبا آهن، ادي نثار ناز جڏهن به ڪنهن اهڙي پروگرام تي وڃڻ جي تياري ڪئي هوندي آهي ته کيس ٻه چار نه هزار مجبوريون سامهون پر پو به سورهيه سو چائي جو رڳو ئي رڻ گهري ۔۔۔ هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون، هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوريون ۔۔۔ جنهن ڪم سان چاهه هجي سو ته پورو ڪرڻ ئي همٿ هوندو آهي۔

    واه سائين واه، تمام سهڻي تقريب ۽ تمام سهڻيون ڪوه ڪاف تان لٿل پرين جهڙيون سنڌي فنڪارائون ۽ وري انهن جي همٿ افزائي ۽ مڃتا جا پروگرام، حقيقت ۾ آ سمجهندو هوس ته انهن ويچارن ۽ ويچارين کي ڪير لفٽ ڪرائيندو هوندو پر هت ته اصل ميلا لڳا پيا آهن۔ اوهانجي محنتن سبب اسانکي به مڙئي خبر پئجيو وڃي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

    ادا سٺي شيرنگ آهي
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

    ادا نثار نالي ڀائي چوندا آهن ته بيڪار کان بيگار ڀلِي آهي، زندگي جِي مجبورين مان مڙسي سان پار پُڄڻ اصل ۾ مردانگي آهي، سرديون گرميون زندگي جو حصو آهن، بلڪل اهڙي طرح غم ۽ خوشي به جيون سان سلهاڙيل آهن، توهان کي اسان جي هي غريباڻي ڪوشش وڻي تمام ٿورا، باقي ڪوهه ڪاف تي اهڙي تقريب ٿئي ها ته ڪونه وڃي سگهان ها پو وري توکي يعني نثار ابڙو تي اها وڙول رکان ها ڇو جو مون ٻُڌو آهي ته ڪوهه ڪاف سعودي عرب کان صفا ويجهو آهي، چلو جيڪڏهن سنڌ سلامت لا ڪجهه رنگنيون ڪوهه ڪاف تان وٺڻيون پيون ته نثار ناز جي جڳه تي نثار ابڙو فٽ ٿِي سگهي ٿو۔ نثار مطلب قربان پو اهو قربان نثار ناز ٿئي يا نثار ابڙو ڳالهه مڙئي هڪ آهي۔ ڪجهه وڌيڪ تصويرون اڃان به آهن جيڪي توسان گڏ ساري دنيا جي سنڌين ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سان ونڊ ٿو ڪريان۔
    [​IMG]
    غزاله صنم جي فني زندگي تي محترما فريده سهتو روشني وجهي رهِي آهي​

    [​IMG]
    هن تصوير ۾ هڪڙي ته فنڪاره پارس علي پارس آهي باقي ٻيو همراهه ڪير آهي مان کيس ٺُپ ڪونه سُڃاڻان​

    [​IMG]
    سنڌ مشهور فنڪار راڳي گُل حسن گُل هڪ شام غزاله صنم جي نان واري تقريب ۾ گيت ڳائي رهيو آهي​

    [​IMG]
    غزاله صنم پنهنجي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽي رهي آهي توهان يقينن سوچيندا هُوندا ته اها ڪهڙي عمر واري سالگره آهي پر مونکي سختي سان منع ڪئي وئي آهي سالگره نمبر يعني عمر جي ظاهر ڪرڻ جِي ڀائي سمجهي وڃو نه ! ته ڇوڪريون پنهنجي درست عمر ٻُڌائڻ کان لنوائينديون آهن​

    [​IMG]
    ٻنهي ڀيڻن جي وچ ۾‌خبر پئي ته ڪا نورجهان نالي جهوني آهي​

    [​IMG]
    سنتپت ڪلچرل فورم سنڌ جو چيئرمين اي ڊي ناريجو غزاله صنم کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي​

    [​IMG]
    سُهڻا ماڻهو ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرو لکن ۾ واري گيت جو تخليق ڪار سنڌ جو ڀلوڙ شاعر محترم افضل سولنگي غزاله صنم کي مُبارڪون ڏئي رهيو آهي سندس فن ۽ فني زندگي تي روشني وجهي رهيو آهي​

    [​IMG]
    [​IMG]
    ڪجهه ٻارڙيون ۽ ڪجهه ناريون هن محفل ۾ شريڪ آهن​


    [​IMG]
    غزاله صنم هڪڙي معصوم نياڻي سان پيار ونڊيندي​
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام غزاله صنم جي نان

    مهرباني اد طاهر سنڌي جو توهان منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي هن غريباڻي ڪاوش کي سٺي شيئرنگ چيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو