ادي حرا جي مهرباني جنهن مختصر ۽ مفيد جواب ڏنا ، منهنجي نظر ۾ فقط صدر ۽ وزيراعظم لا مسلمان هجڻ جو شرط آهي باقي ٻئي ڪنهن لا شرط ناهي، چيف جستس به هندو ٿي سگھي ٿو جيڪو اسلامي نقطه نگاه سان صحيح ناهي مون مصري غير مسلم خانداني قانون پڙهيو جنهن ۾ خاص شرطن تحت انهن جي قانون کي قبول ڪيو ويو آهي اهي هي آهن ته : هڪ: غير مسلم ڪنهن آسماني دين جا پوئلڳ هجن. مثال عيسائي يهودي ٻيو : طرفين دعوا هڪ ئي دين ، ملت سان تعلق رکندڙ هجن. ٻئي عيسائي يا يهودي هجن ٽيون : انهن جو قانون آسماني ڪتابن مان ئي هجي مثال تورات انجيل وغيره مان. انهن شرطن جي نه هجڻ جي صورت ۾ اسلامي قانون جاري ٿيندو . ڇا اهڙائي ڪي شرط پاڪستاني غيرمسلم لاءِ آهن يا نه ؟ ڇا غير مسلم فيملي لا مرتب ٿيل آهي ته جيئن ان مان معلومات حاصل ڪري سگھجي؟ مهرباني ڪري ڄاڻ ڏيندا جيترو ٿي سگھي جلدي ۾
منهنجو سوال هيو ته ڪهڙي صورت ۾ غير مسلم شخصي قوانين (پرسنل لا) ۾ پاڪستان جي ڪورٽ جي طرف رجوع ڪرڻ ۾ مجبور آهي ۽ ڪهڙي صورت ۾ اختيار اٿس ؟ مهرباني