پاڪستاني جهنڊو لوگو رکندڙقومي ادارو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنس(پي.آءِ.اي)ماضي،حال۽مستقبل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پاڪستاني جهنڊو لوگو رکندڙقومي ادارو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنس(پي.آءِ.اي)ماضي،حال۽مستقبل
    [​IMG]
    Lockheed L-1049C Super Constellation

    آزاديءَ جي ٿورڙي عرصي کان پوءِ 1951ع ۾ ئي فيصلو ٿيو هو ته آزاد ٿيندڙ مُلڪ (پاڪستان) وٽ پنهنجي سڃاڻپ دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪرائڻ لاءِ، لازمي طرح سان ۽ پاڪستاني جهنڊي جي نشانيءَ (لوگو)سان هڪ هوائي ٽرانسپورٽ نظام يعني (انٽرنيشل ڪيريئر) هُجي. جنهن کي پاڪستان جو نيشل ڪيريئر چيو وڃي ٿو.
    اهو فيصلو ڪندي اُن وقت جي حُڪومت پنهنجي نيشنل ڪيريئر(پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنس) جو بُنياد وڌو ۽ هڪدم ٽن جهازن جا آرڊر ڏنا.۽ اهڙيءَ طرح 7 جون 1954 تي پاڪستان پنهنجي پهرئين خريد ٿيل چئن انجڻن واري جهازLockheed L-1049C Super Constellation سان پي.آءِ.اي جي وسيلي پوري دُنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ ڪرائي وئي.
    پهرئين گهرولي اُڏام (ڊويسٽڪ فلائيٽ) ڪراچي ۽ ڊاڪا جي وچ ڪرائي جيڪي مغربي ۽ مشرقي پاڪستان جا ٻه وڏا شهر پڻ هُئا.
    اُن کان پوءِ سگهوئي پهرئين فبروري 1955ع ۾ پاڪستان گورنمينٽ انٽرنيشنل اُڏام (انٽرنيشنل فلائيٽ) به ڪرائي ،جيڪا ڪراچي ، قاهره ۽ لنڊن جي وچ ۾ ٿي هُئي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 فيبروري 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    11 مئي 1955ع تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينس(پي.آءِ.اي) جنهن هڪ ٻئي پاڪستاني آپريٽرOrient Airways (اوريئنٽ ايئر ويز) کان جيڪي (اسيٽ ۽ رُوٽ) حاصل ڪيا هُئا. ياد رهي ته Orient Airways, اڳ ۾ آڪٽوبر 1953ع کان (پي.آءِ.اي) جو حصو بڻجي چُڪو هو.ٻنهين ايئرلائنن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪرڻ جو مقصد ئي هو ته پاڪستان جي نيشنل ڪيريئر کي ڦهلائي وڏو ڪجي. ۽ اهڙيءَ طرح Orient Airways, جا 11 (Douglas DC-3) ۽ 2 (Convair CV-240 ) جهاز (ڊوميسٽڪ نيٽورڪ) ۾ استعمال ڪيا ويا هُئا. ته جيئن Lockheed L-1049C Super Constellation کي انٽرنيشنل نيٽورڪ لاءِ مڪمل استعمال ۾ آڻجي.
    Douglas DC-3 Dakota

    [​IMG]
    AP-AFQ in 1950s livery
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اهڙيءَ طرح ماڊرنائيشن جهازرانيءَ جو استعمال پاڪستان جي ضرورت ٿي پيو۽ ئي 1956ع ۾ پاڪستان گورنمنٽ وڌيڪ ٽن ماڊرن جهازن Vickers Viscount 815، جنهن کي (4 ٽربو پراپر ايئرلائينر) به چيو وڃي ٿوجيڪو پهرئين UK ڏانهن 2 جنوري 1959ع ۾ استعمال ٿيو هو۽ جنهن کي پوءِ دهلي ۽ ڪراچيءَ کي ڳنڍڻ لاءِ 31 جنوري 1959ع ۾ استعمال ڪيو ويو هو.
    Vickers Viscount 815
    [​IMG]
    AP-AJG in 1960s livery
    ٻيون واڌون 1961 ۾ ڪيون ويون هُيون ۽ Fokker F27 جهاز جيڪو ( twin-turboprop type) قسم جو جهاز آهي، اهي جهاز (پي.آءِ.اي) کي سال 3 جنوري 1961 تي مليا هُئا. ۽ اهڙي طرح پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ (پي.آءِ.اي) کي پنهنجون اڏاون نيٽورڪ تي وڌائڻ لاءِ DC-3 fleet حاصل ٿيا جنهن کي مشرقي پاڪسان جي رموٽ ايرياز ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. ۽ اهڙيءَ طرح نين نين سروس جو آغاز ٿيندو ويو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 فيبروري 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پوري ايشيا ۾ خالص جيٽ انجڻيون استعمال ڪندڙ ايئرلائين(پي.آءِ.اي) ئي هُئي. جيڪي Boeing 707-321 machine جهازن ۾ استعمال ڪبي هُئي. جنهنکي 7 مارچ 1960ع کان ئي Pan American World Airways کان ليز تي وٺي استعمال ڪيوويو هو. ۽ پو اهي جهاز لنڊن سروس تي استعمال ڪرڻ کان پو 17 جون 1961ع کان نيويار لا استعمال ٿيڻ لڳا هُئا. اهڙي طرح (پي.آ.اي) 21 ڊسمبر 1961ع کان ئي پنهنجا جهاز وٺڻ شروع ڪري ڏنا هُئا ۽ پهرئين ٽن جهازن Boeing 720-040B aircraft, جي ڊليوري وٺي پنهنجي انٽرنيشنل روٽ نيٽورڪ کي وڌائڻ لڳي.
    Boeing 720-040B
    [​IMG]
    AP-AMG in 1970s livery

    سال 1953۾ (پي.آاي) پنهنجي (نيويارڪ سروس) بند ڪري ڇڏي هُئي پر وري سگهوئي 29 اپريل 1964ع کان (پي.آ.اي) اُها پهرئين non-communist airline بڻي هُئي جنهن (چائنا) جي شهر (شهنگائي) لا پنهنجي اڏام ڀري. ياد رهي ته (پي.آ.اي) پنهنجي ڊوميسٽڪ روٽ (ايسٽ پاڪستان) لا ۽ ڪُجه وقت لا (هيليڪاپٽر سروس) هيليڪاپٽر (Sikorsky S-61N's )سان به شروع ڪئي هُئي. ان لا 4 ، Hawker Siddeley HS.121 Trident 1E جو آرڊر ڏنو ويو هو، جيڪي Vickers Viscount 815s جا متبدل هُئا. انهن مان پهريون پهرئين مارچ 1966ع ۾ ٻيڙي ۾ شامل ٿيو هو ۽ 1970ع ڌاري انهن کي چائنا کي وڪيو ويو هو. جڏنهن 1971ع ۾ ايسٽ پاڪستان بنگلاديش بڻيوته (پي.آ.اي) اُتي پنهنجو آپريشن بند ڪري ڇڏيو. جنهنڪري (پي.آ.اي) جو آپريشن بشمول جهازن (فليٽ) گهٽ ٿي ويو. پر 1972 ۾ نيويارڪ لا سروس وري بحال ڪئي وئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بهترين ڄاڻ
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو