Sindhi Media
سينيئر رڪن
پاڪستاني جهنڊو لوگو رکندڙقومي ادارو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنس(پي.آءِ.اي)ماضي،حال۽مستقبل
Lockheed L-1049C Super Constellation
آزاديءَ جي ٿورڙي عرصي کان پوءِ 1951ع ۾ ئي فيصلو ٿيو هو ته آزاد ٿيندڙ مُلڪ (پاڪستان) وٽ پنهنجي سڃاڻپ دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪرائڻ لاءِ، لازمي طرح سان ۽ پاڪستاني جهنڊي جي نشانيءَ (لوگو)سان هڪ هوائي ٽرانسپورٽ نظام يعني (انٽرنيشل ڪيريئر) هُجي. جنهن کي پاڪستان جو نيشل ڪيريئر چيو وڃي ٿو.
اهو فيصلو ڪندي اُن وقت جي حُڪومت پنهنجي نيشنل ڪيريئر(پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنس) جو بُنياد وڌو ۽ هڪدم ٽن جهازن جا آرڊر ڏنا.۽ اهڙيءَ طرح 7 جون 1954 تي پاڪستان پنهنجي پهرئين خريد ٿيل چئن انجڻن واري جهازLockheed L-1049C Super Constellation سان پي.آءِ.اي جي وسيلي پوري دُنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ ڪرائي وئي.
پهرئين گهرولي اُڏام (ڊويسٽڪ فلائيٽ) ڪراچي ۽ ڊاڪا جي وچ ڪرائي جيڪي مغربي ۽ مشرقي پاڪستان جا ٻه وڏا شهر پڻ هُئا.
اُن کان پوءِ سگهوئي پهرئين فبروري 1955ع ۾ پاڪستان گورنمينٽ انٽرنيشنل اُڏام (انٽرنيشنل فلائيٽ) به ڪرائي ،جيڪا ڪراچي ، قاهره ۽ لنڊن جي وچ ۾ ٿي هُئي.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: