قوم جي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ ٻين عنصرن سان گڏ ٻولي به اهم آهي ڇاڪاڻ ته ٻولي ئي تواريخ سهيڙڻ جو ذريعو آ.

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪنهن به مُلڪ يا قوم جي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ ٻين عنصرن سان گڏ ٻولي به اهم آهي ڇاڪاڻ ته ٻولي ئي ذريعو هوندو آهي تواريخ سهيڙڻ، علم و شعور جاڳائڻ ۽ ماڻهن ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ رابطي جو.
    [​IMG]
    سنڌ ۾ انگريزن جي دئور ۾ ادب جو جديد ترقي پسند دئور شروع ٿيو هو. هڪ طرف (آزاديءَ جي هلچل) هُئي ته ٻئي طرف (ٻي مهاڀاري جنگ) . سنڌي سماج تمام گهڻو پوئتي پيل هو. اتري قدر جو اهڙي نازڪ دئور ۾ عورتن جو وڌڻ ڏاڍو ڏکيو مسئلو هو. هندو هُجي يا مُسلم ، سنڌي ڇوڪرين جو ٻاهر نڪرڻ اخلاقي گناه سمجهيو ويندو هو.
    جيئن ته ان کان اڳ (711ع) سنڌي ٻولي هڪ لساني خاندان (هند آريائي)سان تعلق رکندڙ ڏکڻ ايشيا جي نمايان ٻولي آهي. قديم هنديءَ سان سنڌيءَ جو تعلق تقريبن (هڪ هزار سال) پُراڻو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، وسعت ۽ اهميت کان لسانيات جي ڪنهن به عالم انڪار نه ڪيو آهي. موجوده سنڌيءَ جو رسم الخط ، (عرني، سنڌي) رسم الخط آهي جڏنهن ته ان کان اڳ جيڪو رسم الخط استعمال ٿيندو هو اهو مشابه هو (ديوانگري، گرمکي، ۽ کوجڪي) لکت ۾ هو. اهوئي سبب آهي جو سنڌيءَ جا ڪيترا ئي اکر اسانکي (رگ ويد) ۾ به ملن ٿا. انهيءَ ٻنهين رسم الخط کي جوڙي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي تمام جهوني ٻولي آهي ۽ ان وقت به موجود هُئي جنهن وقت (ويدڪ ڀاشا) ڳالهه ٻولهه جي ٻولي هُئي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 مارچ 2016
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سموري انساني سرگرميءَ، بشمول ٻوليءَ جي تواريخ شاهد آهي ته اها مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرندي رهي ٿي. ان ڪري ٻوليءَ جا لفظ ۽ انهن جون معنائون پڻ ان عمل کان متاثر ٿين ٿيون ۽ مسلسل تبديلي ۽ ڦير گهير جي اثر هيٺ رهن ٿيون. ان عمل هيٺ، ڪي لفظ پنهنجي روپ سروپ سميت متروڪ ٿي ويندا آهن، ڪي لفظ ٿورو گهڻو بدلجي پوندا آهن ۽ ڪيترن ئي لفظن جي معنائن ۾ غير محسوس طور ڦيرو به اچي ويندو آهي، جهڙوڪ پُراڻي سنڌيءَ ۾ (ڪڇڪي، ميمڻي، سرائڪي، پنجابي، هندڪو) ڦيرو آيو جنهن جو بُڻ بُڻياد سنڌي ٻولي ئي هو.ان سماجي اوسر جي سلسلي تحت ئي متروڪ لفظن جي جڳه نوان لفظ والاريندا آهن جن جون معنائون پڻ نيون ۽ موجود سماجي وهنوار جون تقاضائون پوريون ڪندڙ هونديون آهن.
    سنڌ ۾ عربن جي دئور 711ع اڳ به ممڪن آهي آڳاٽي ٻوليءَ جي صورتختي، تواريخ، علم ۽ ادب رهيو هُجي پر اهو برقرار نه رهي سگهيو ۽ جي موجود به آهي ته ان جو تعداد ايترو نه هو جو وقت جون ڪي اهم ڳالهيون تواريخ ۾ رقم ٿي سگهن ها ڇو جو هڪ نئي ٻولي پڙهڻ ۽ پوءِ ان ۾ لکڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ٿو ۽ اهو عمل ڪنهن به ملڪ يا قوم لاءِ هيڇيڪار وقت هوندو آهي ۽ خاص طرح تڏنهن جڏنهن اهڙن ماڻهن جي پنهنجي ئي خطي ۾ پنهنجي ئي ٻوليءَ کي ٻيو درجو مليل هُجي.
    پاڪستان ٺاهڻ کان پوءِ سنڌ جي عوام کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ جيڪي توقعاتون هيون ۽ جيئن پاڪستان ٺاهيندڙ سنڌين سمجهيو پئي شايد اهو نه ٿي سگهيو. ان جو گهڻي ڀاڱي شايد اهو سبب هو جو مُلڪ ۾ لاڳيتي مارشلائن جهمور جي نظام قائم ڪرائڻ وارن فردن تي ڀروسو ڪيو اُهي به منزل وساري پاڻ چونڊائڻ لاءِ ان نظام جو حصو بڻجي ويا. جنهنڪري سرمائيداري نظام (امير امير تر ۽ غريب غريب تر) مستحڪم ٿي ويو.
    اهوئي سبب آهي جو هر دئور جي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي ڌرتيءَ سان گڏ ٻوليءَکي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پر ناڪام ٿيندا رهيا. انساني ارتقا ۽ سڄي دُنيا جي مُلڪن ۽ قومن جو اصول آهي ته ڌرتيءَ سان گڏ قومي تشخص ۽ ٻوليءَ جو بچاءُ ڌرتُيءَ تي رهندڙ هر شخص جو اول فرض بڻجڻ گهرجي ڀلي پوءِ اُهي جهموري نظام جا ساٿاري هجن يا ماشلائي. تن تي به پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ جي ذميواري اوتري ئي آهي جيترو احساس هڪ عام توڙي خاص ماڻهونءِ (جهمور) يعني عوام کي آهي. مارشلائي مددگار جي ڪڏنهن ٻوليءَ يا ڌرتيءَ سان به جي جُڙي سامهون اچن به ٿا ته پويان به انهن جي پنهنجي مطلب پرسي هوندي ڏٺي وئي آهي. گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ مارشلائي مددگار سرمائيدارن يعني (ڀوتار، وڏيرو ۽ جاگيردار) ۽ جهمور (پورهيت ۽ هاري) جو جهيڙو ۽ جنگ هلندي آهي ۽ اهائي جنگ ته ازل کان ئي هلندڙ آهي. جنهن ۾ سنڌ تي قابض حڪمرانن جي ڀيٽ به مارشلائي طاقت رکندڙن سان چئي سگهجي ٿي.
    ته سرمايدار جو خريد ڪيل وڏو هٿيار پوءِ(ڪي خريد ٿيل وائيٽ ڪالر عقل فهم رکندڙ۽ ڪي غلام ڪيل پورهيت ۽ هاري) به رهندو اچي جنهن کي هو هميشه ڍال بڻائي استعمال ڪندو آهي. انهيءَ خريد و فروخت ۾ ڪي غلام دانشور، اديب، شاعر، لکياري به اچن ٿا.
    ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ هڪ زرعي پرڳڻو آهي ۽ اڪثريت ڳوٺن ۾ رهي ٿي ۽ اڪليت رکندڙ سرمائيدار(ڀوتار) سند حاڪم هوندو آهي. جڏنهن ڌرتيءَ جي ان جهمور (غريب عوام) پورهيت يا هاريءَ سان هو ويسگهاتي ڪندو آهي ته محروم ۽ مظلوم عوام جي شعور ۾ اُتساه پئدا ٿيڻ لڳندو آهي ۽ هو ڪنهن به انياءَ تي ڀڙڪي پوندا آهن.
    سنڌ برصغير ۾ اهو سڀ کان پهريون خطو آهي جتي اسلام پُهتو هو۽ پهرئين صديءَ جي آخر ۾ (711ع) سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي هُئي. ان زماني ۾ سنڌ مان ڪيترائي جنگي قيدي گرفتار ٿي عراق موڪلي ويا هُئا جن مان ڪيترن کي آزاد ڪيو ويو هو، جن پوءِ اسلام قبول ڪيو هو ۽ انهن آزاد ڪيل مُسلمانن پوءِ اُتي علمي ۽ سياسي مرتبا به حاصل ڪيا هُئا. عرب ۾ اهڙن نو مُسلم سنڌين پوءِ پاڻ کي (السندي) ڪري سڏايو هو. عربن کي به اها نسبت وڻي هُئي ته هُنن پنهنجي ٻارڙن جا نالا به (السندي) ڪري رکيا هُئا.
    سرزمين سنڌ جا قديم تواريخي شهر عرب جي علمي مرڪزن جهڙوڪ (بغداد، دمشق ۽ ڪوفي) جي هڪ پلئ ٿي چُڪا هُئا. سنڌ جي انهن قديم علمي مرڪزن ۾ اسلامي علوم ۽ فنون، جهڙوڪ (حديث، فقه، تفسير، تصوف، قرائت، نحو ۽ صرف) ۽ علم معني جو درس ڏنو ويندو هو. ۽ پوءِ سنڌ جي عالمن جي علم پروريءَ ڪري ڪيترائي عالم ، عرب جي صحرا کان ڪهي اچي سنڌ ۾ وسيا هُئا جنهن سبب عربي عالمن سان گڏ سنڌي ماڻهن ۽ عالمن به عربي زبان، ادب، ۽ ديني علمن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي هُئي. اوائلي دئور ۾ ٺٽي کان سواءِ (بکر، سيوهڻ، پاٽ، نصرپور، ۽ درٻيلو) علم و ادب ۽ ديني تعليم جا وڏا مکي مرڪز هُئا. هتي جي عالمن جو علمي معيار به بلند هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو