سنڌ سُگهڙن جا (ڳُجه يا راز) يا ڳُجهارتون يا ٻُجهارتون (پروليون)

'سنڌي ادب' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ سُگهڙن جا (ڳُجه يا راز) يا ڳُجهارتون يا ٻُجهارتون (پروليون)
    سنڌ سماج ۾ اڄ کان اڳ (ڳُجاهرت) وارين ڪچهرين جو تمام گهڻو رواج هوندو هو جنهن کي سماج جا ڏاها (سُگهڙ) هڪ ٻئي کي ڏئي سندن ذهني طاقت جو اندازو لڳائيندا هُئا. ڳھجهار هڪ ٺيٺ سنڌي لفظ آهي جيڪو لفظ ڳُجه مان ڦُٽل آهي جنهنجي معنيٰ آهي ڪنهن ڳاله جو ڳُجه ڳولڻ يا راز پروڙڻ. سگهڙ پنهنجي ڪچهرين ۾ يا ميلن ۾ پاڻ سان ملڻ (ڪچهري) ڪرڻ وقت هڪ ٻئي کي ڳُجهارتون (پروليون) ڏيندا ۽ وٺندا هُئاُ. ڳُجهارت پروليءَ جو هڪ قسم آهي جنهنجا گهڻائي قسم آهن جهڙوڪ ڏِٺون، معمائون، هيماريون، اَڏِي، ساديون يا رواجي پروليون، ڳھڙهيون پروليون، بيتي پروليون وغيره.
    [​IMG]
    ٿر ۾ ڳھجهارت کي (ڳھجهيرت) ۽ شاه لطيف (ٻُجهارت) چئي ٿو.
    (ٻولي ٻُجهارت، جوڳيان سنديءَ زات جي، ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت، عجب عبارت، پَهُ پروڙڻ اُن جو).

    انسان جي فطرت ۾ هر وقت جذبا، احساس، امنگون ۽ اُڌما سمايل رهن ٿا تنهنڪري يقينن ڳُجهارتون به اندر جي اُڇل ۽ اور، ريجهه ۽ رهاڻ، ڏُک ۽ ڏوراپي، وندر ۽ ورونهن، ميار ۽ مهڻي، پيار ۽ پريت، راز ۽ نياز، دل ۽ دلبريءَ، ۽ آواز ۽ اشاري جي ترجماني ڪن ٿيون.

    ڳُجهارت رُڳو سُگهڙن ۾ ته تمام مقبول ۽ مشهور آهي پر ان صنف تي ڪنهن به محقق، لازمي ۽ گهربل ه تحقيق ڪئي ئي ڪانهين. چون ٿا ته ڪنهن کي (لڪ چوريءَ چوڻي) چئڻي هُجي ته هو لفظي ڍڪ پردي ۾ چئي سگهي ٿو. اها به حقيقت آهي ته پرولي ۽ ڳھجهارت ۾ فرق آهي ڇو جو پروليءَ کي پروڙڻ لاءِ ذهن جي تيزي ڪافي آهي مگر ڳُجهارت کي ڳولڻ لاءِ ذهني تيزيءَ سان گڏ (سوچ ۽ دانائيءَ) جي ضرورت آهي. مطلب ته پروليءَ وانگر ڳُجهارت جي ڏي وٺ محض هلڪي ريجهه رهاڻ ۽ وندر وِرُنهن ناهي بلڪه ادب ۽ ثقافت، لُغت ۽ حڪمت (دانائي) جي ڳُوڙهي رِهاڻ آهي. حاصل مطلب ته ڳُجهارت هڪ ڳُوڙهو فن آهي جو هُنر، ڏهس، نامي، ڏور، دُراهي، ۽ سينگار جي صف ۾ شامل آهي.

    سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ آهن جن جي ظاهري معنيٰ هڪ ته اندرئين (ڳھجهي) معنيٰ ٻي هوندي آهي.. هڪ ڪرڻ يا ٻه ڪرڻ جو طاهري مقصد شهري ماڻهون ٻيو سمجهندا پر ڳوٺاڻا ان جي ڳُجهي معنيٰ هڪدم سمجهي ويندا آهن. سُگهڙ ڳُجهارت جو ڳُجهه پنهنجي مرضيءَ سان ٺاهيندا آهن ۽ هو هر ڳُجهارت کي مُنفرد بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڳُجهارت جُنيسر، سسئي پُنهون) جي ڪهاڻين کي موضوع بڻائي ڳُجهارتون ڏبيون آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو