غزل اياز جاني ٺوٺ ڌرتي هئي، ذهن بنجر هئا وقت ور ۾ لڪايا ڪي خنجر هئا اڄ انهن کي سڃاڻي رڳو خاڪ ٿي مون اڳيان جرڪندا جيڪي منظر هئا رات پارو ڪريو جهوپڙين جي مٿان بي خبر ننڊ ۾ سڀ پڪا گهر هئا لپَ حياتي ملي، ٻُڪ ۾ داڻا مليا خواب جهڙين اکين ۾ ڪبوتر هئا هُو رتو رت اڏاميو پئي اڀ ۾ مون ڏٺو هيٺ هن جا پيا پر هئا ڪو به دودو، بلاول نه هوشو هئو سڀ چنيسر هئا، جيڪي رهبر هئا