اياز جاني ٺوٺ ڌرتي هئي، ذهن بنجر هئا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

اياز جاني

ٺوٺ ڌرتي هئي، ذهن بنجر هئا
وقت ور ۾ لڪايا ڪي خنجر هئا

اڄ انهن کي سڃاڻي رڳو خاڪ ٿي
مون اڳيان جرڪندا جيڪي منظر هئا

رات پارو ڪريو جهوپڙين جي مٿان
بي خبر ننڊ ۾ سڀ پڪا گهر هئا

لپَ حياتي ملي، ٻُڪ ۾ داڻا مليا
خواب جهڙين اکين ۾ ڪبوتر هئا

هُو رتو رت اڏاميو پئي اڀ ۾
مون ڏٺو هيٺ هن جا پيا پر هئا

ڪو به دودو، بلاول نه هوشو هئو
سڀ چنيسر هئا، جيڪي رهبر هئا
 
Back
Top