• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوشحال سنڌ جو واحد حل: وڏيرن ۽ ڪامورن پاران عطا ڪيل غلامي لا (موالي ڪلچر)جو خاطمون.

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان ! جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
ان (غلام ۽ موالي مائينڊ سيٽ) کان جلد پيڇو ڇڏائي هڪ آزاد سنڌي بڻجو ۽ پنهنجي سنڌ ،غير جهموري ذهنيت رکندڙ قوتن، ۽ سندن ساٿي ۽ ازل کان ڊڪتيٽرن جي پُڇ ۾ لٽڪي هلندڙ ظالم قهار (وڏيرن ۽ ڪامورن ) کان بچايو جن (نشو، ڀنگ ۽ (ڪچو ٺرو) ڀاٿاريدارن کان ٺهرائي کين پياري) توهان مان ڪن کي پنهنجو (غلام ابن غلام بڻائي) رکيو آهي، ته جيئن توهان انهن جي عياشين جا رکوالا بڻجي سندن حفاظت ڪريو.
12189634_972348662814670_7327369905485499332_n.jpg

جنهن پوءِ (سنڌ تي قابِض ٿيندڙ فارس جي نادر شاه) جي گهوڙن جي (سُنڀن) سان ،توهانجي وڏڙن کي (لتاڙي، ڏاڍ ۽ ظلم ڪري غلام ٿيڻ تي مجبور ڪيو. جن توهانجي اڄ تائين جي نسلن جي روحن ۾ به ڪنهن به پُهچندڙ پيڙه تي (گهوڙا ڙي... گهوڙا ڙي... گهوڙا ڙي) گهولي رت سان ملائي ڇڏي آهي، جنهن مان توهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته (فارس جي ان نادرشاه) سنڌ تي قابض ڪرڻ وقت ۽ توهانجي وڏڙن کي غلام بڻائڻ لاءِ ڪيترا نه ظلم ڪيا هوندا، جو اڄ جو رُوح به (گهُوڙا ڙي.. گهوڙا ڙي جي صدا )وساري نه سگهيو آهي ۽ توهانکي اهڙن وڏيرن ۽ ڪامورن جو باغي نه بڻائي سگهيو آهي، ويتر توهان پنهنجي وڏڙن تي قهر وجھندڙن جا ساٿاري ۽ پاٿاريدار بڻجندا وڃو. ياد رهي ته ان کان اڳ جي خوشحال سنڏ ، جيڪا پوءِ (عباسين جي چوٿين خليفي معتصم با الله، پوءِ جي حڪمرانن (ميرن ۽ سومرن) جي دئور، ۽ (بلآخر نادرشاهي عتاب) ڪري انهن ئي (وڏيرن ۽ ڪامورن) جي غلام بڻجي وئي.

ته اي ! اسي سيڪڙو (ايگريڪلچر پيشو ڪندڙ غريب ۽ مزدور سنڌي) پورهيتَ سنڌي اهي سنڌ تي (مقبوض ۽ قابض) چور، ڌاڙيل ۽ جاگيردار، احسان فراموش (سنڌي وڏيرو ۽ ڪامورو) بشمول سندن ساٿ ڏيندڙ (غريب سنڌي پاٿاريدار ۽ سنڌي غلام) ۽ اُهي شاعر اديب، نثر نگار جن جي تعليم اوتارا اسڪولن کان شروع ٿي ۽ اهو سنڌ دشمن (وڏيرو ۽ ڪامورو) جيڪو مسلسل اوهان جي ذهنن تي قابض آهي ، توهان کي هٿيار طور استعمال ڪري، سنڌ سان محبت جي دعويٰ ڪري، توهانجي جذباتن سان کيڏي توهان کي ڊڪٽيٽرن ۽ غير سنڌين جو پڻ غلام ابن غلام بڻائڻ ۾ رڌل آهي کان جان ڇڏائي، پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻيو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌ ، جيڪا 7000 (بي. سي) سالن جي ۽ (انڊس (يوناني)، انڊوس (پُراڻي يوناني)، هندس، هند(سنسڪرت) سولائيزيشن) جي تواريخ جي نشاني آهي تنهن کي (مرني سنڌ تي حملو ڪري قابض بڻجندڙن ، (وڏيري ۽ ڪامورن) جي سازشن ڪري، سنڌ مسلسل سندن هٿان ۽ سازشن سان غير مُتهد ٿي (ڀور ڀور، ٽڪڙا ٽڪڙا) ٿيندو اچي ۽ هر وقت جو اهو (قابض وڏيرو ۽ ڪامورو) اچي نه صرف پنهنجي واکاڻ ۽ ليڊرشپ مڃائڻ لاءِ ِ(درباري ڏاها، ليکڪ، تواريخ دان ، شاعر) رکي ۽ (ونگار) تي رکي، کين محفلن ۾ ايوارڊن ۽ ڪوڙين سندُن سان سان نوازي ، سنڌ جو سچ ۽ حقيقت لڪائي صرف ِ پنهنجي ئي پسند جي خانداني تواريخ جوڙائي ، پاڻ کي سنڌ جو حاڪم بڻجائ ،پنهنجي ذاتي گهر ۽ ڪٽنب جي تواريخ سهاري ڪنفيوز ڪري رهيو آهي.

ته اي سنڌي اُٿ سُڄاڳ ٿي، جو اهو وڏيرو ۽ ڪامورو (7000 (بي. سي) سالن جي سنڌيءَ کي ، مُفت جي (ڀنگ، ٺري، سُلفي، اوتارا يونيورسٽن ۽ سنڌ جي ولين، نيڪو ڪار بزرگن، صوفين جي گرد اوتارا ٺهرائي، مُفت نشن ۾ غرق ڪري ، (ڪڻو ڪڻو) ، غلام ابن غلام ڪري، پنهنجا پير ۽ هٿ چٽرائي ، جاهل ۽ انڌيرن ۾ سفر ڪرائي، غلام ۽ ابن غلام ڪري، (غير مُتحد سنڌيَ بڻائي )کين پنهنجي ئي (ذاتي انا، نمائشي ۽ خود پسن شخصيتي ۾ جڪوڙي)، سنڌ کي حصن ۾ ٽوڙي پاڻ هڪ مخصوص علائقي جو بادشاه بڻجي چڪو آهي.

جو هاڻ ته اها هزار ميل چور واري سنڌ (واديءَ مهراڻ) سنڌ محض (ڪراچيءَ کان ڪينجهر تائين) ۽ (ڪينجهر کان ڪشمور تائين) وڃي بچي آهي ، جنهن تي به (دشمنان سنڌ) جون نظرون کُتل آهن ۽ اهو (ويڪو) سنڌي وڏيرو ۽ ڪامورو ،سنڌ کي اڃان به مزيد ٻه ٽڪڙ ڪرڻ ۽ سنڌ جي شاهوڪار وسيلن تي قبضي جي خواهش رکندڙن، (غير جهموري (غير عوامي قوتن جو ساٿاري بڻجي لنڊن پلان (ڊي) تحت سنڌ کي (شهري) سنڌي ۽ (ڳوٺائي) سنڌي ۾ ٻه ٽڪڙ ڪرڻ جي سازش جو ان لالچ تي حصيدار ۽ ڀائيوار بڻيو آهي ته هُن کي (سنڌي ڳوٺن) جي عوام جو حاڪم بڻايو ويندو ۽ اهي ضياءُ الحق ۽ مشرف جا ساٿي ڊڪٽيٽرسنڌ تي قابض بڻجي سنڌ جي مڙني شاهوڪاروسيلن تي قابض ٿي حاڪميت ڪندا.

اهو مير جعفر ۽ مير صادق جي ميلاپ سان جُڙيل پلان ڪو اڄ نه ٺهيو آهي، اهو ته تڏهن ئي جُڙيو هو جڏنهن سنڌ جي پهرئين عظيم ۽ بين القوامي ليڊر(قائد اعظم محمد علي جناح) کي شهيد ڪري شهري ليڊر (لياقت علي خان) کي اقتدار ۾ ڀائيوار بڻائي ۽ پوءِ سازش بي نقاب ٿيڻ جي خوف کان کيس پنڊيءَ ۾ مارايو ويو.

سنڌ وري به بس نه ڪئي ۽ غريبن جو ساٿاريءءَ ۾ (شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽو) غريب هاري، پورهيت جو جهنڊو ڪري ميدان تي لٿو ته اُن جو به انهن ڊڪٽيٽرن ۽ ڪامورن ملي عدالت قتل ڪري ڇڏيو انهن احسان فراموشن ان جو عدالتي قتل ڪرايو جنهن بغير ڪنهن ڏيتي ليتيءَ جي ۽ صرف عقل، فهم ۽ ٽيبل ٽاڪ سان 93000 هزار قيدي آزاد ڪرايا، پنجاب جو سموريون بيٽل فيلڊ ۽ علائقا آزاد ڪرايا، جنهن ڊاڪٽر قدير کي گهرائي نيوڪليئر ائٽم بم، بڻائي نه صرف پاڪستان پر مُسلمانن کان هميشه لاءِ محفوظ بڻائي ڇڏيو، جنهن هاري ۽ پورهيت لاءَ (اسلامي سربراهي ڪانفرنس) گهرائي ٻاهرين مُلڪن ۾ نوڪري ۽ تعليم جو انتظام ڪيو، جنهن سنڌي قوم کي سياسي شعور ڏئي (حق سچ ۽ جهموريت) لاءِ اُٿي کڙو ٿي جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏنو. جنهن هر اُن سنڌيءَ کي گهر کان ٻاهي ڪڍي نه صرف سنڌ جي وڏن، پر پاڪستان ۽ دُنيا جي شهرن ۾ روزگار ۽ تعليم لاءِ نڪرڻ تي اُڪسائي سيٽ ڪرايو ۽ صوبي ۽ وفاق جي ادارن ۽ فيڪٽرين ۾ بغير سياسي وابتگيءَ جي نوڪري ڏياري. ۽ نتيجي ۾ سنڌ تي قبضي جي خواهش رکندڙن کين شهيد ڪرائي ڇڏيو.

پنجاب يا ٻيو صوبو هر ظلم باوجود پنهنجي صوبي مان اهڙي قيادت ۽ ليڊر شپ نه ڪڍي سگهي ۽ وري غريب عوام لاءِ سنڌ جي نياڻي (بينظير ڀُٽو شهيد) ميدان ۾ اچي ءُٽي شهيد جي مشن کي اڳتي وڌايو ۽ ميزائل ٽيڪنالا ڏني، پر وري احسان فروش ڊڪٽيٽرن ۽ غير جهموري سوچ رکندڙن کيس انهي پنڊيءَ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ڀُٽي کي شهيد ڪيو ويو.

غير جهموري سوچ وارن وڏيرن ۽ ڪامورن کي ڇڏي، هر سنڌي ماڻهون غيرت مند، جهموريت پسند، مُحبت ڪندڙ مهمان نواز، قوم آهي هو هٿين خالي گُفتار ۽ ڪردار سان سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ ڇيد وجهندي آهي ۽ َ(بندوق ، ڏاڍ، جبر جي طاقت سان نه پر غريب عوام جي ووٽ جي طاقت سان حاڪميت ڪندي آهي. عوام کي جوڙيندي آهي ۽ مُتحد ڪندي آهي ته اي سنڌيو ! سنڌ جي دوست دشمنن کي سمجهو ۽ سُڃاڻو ۽ مُتحد ٿي سنڌ بچايو، ماضيءَ جي ڪردارن جي اڄ جي ڪردار سان ڀيٽ ڪريو ته سنڌ سڄڻ ڪير آهن.

اچو ته ٻانه ٻيلي ۽ مُٽحد ٿي اهڙن (وڏيرن ۽ ڪامورن) مير جعفرن، مير صادقن جي راه جي رڪاوٽ بڻجون جن سنڌ جي اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ گهوسڙو استاد (زرداريءَ ۽ سندس گروپ جي مفاهمتي پاليسيءَ جي غلطيءَ) سان غير جيالا استاد ۽ ڊاڪٽر۽ ڪامورا ڀرتي ڪرايا ۽ هاڻ انهن ئي سنڌ لٽيرن کي (وعده معاف گواه) ڪري سنڌ جي اصل ليڊر شپ کسي رهي آهي. اچو ته سندن ڪوڙن ۽ جذبات کي اُڀاريندڙ سنڌ جي نعرن کان بچون جيڪي توها جي بقاءَ لاِ نه پر سندن حاڪميت جي بقاءَ لاءِ آهن . اچو ته سنڌ جي نالي تي ! سنڌ جي عوام کي مُتحد ڪري سنڌ بچايون، غريب سنڌي عوام بچايون! ۽ غير جهموري قوتن ، وڏيرن، ڪامورن کان سنڌ بچايون.
 
Back
Top