Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
ٻيون حصو
جوجي خان (چنگيز خان) جو وڏي ۾ وڏو پُٽ هو. (جوجي خان) کي سندس پيءُ حڪوومت ڪرڻ لاءِ (سائبيريا، قيچاڪ، روس، ازبڪستان ۽ قازقستان جا علائقا ڏنا هُئا. چنگيز خان، کيس (چغتائي خان) سان گڏ (خوارزم) جي (مُحمد شاه) جي خلاف مهم تي روانو ڪيو هو. جيڪو هُنن جي هٿ ته نه اچي سگهيو هو پر سندس سمورا علائقا سندن قبضي ۽ فتحن ۾ اچي ويا. جتي (چغتائي خان) سموري مقبوض آبادين، زمينن کي تباه برباد ڪرڻ سان گڏماڻهن جو قتال عام ڪري ظلم جي باه ٻاري ڏني. (جوجي خان) ان ظلم خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته (چغتيائي خان) اُن جي رپورٽ (چنگيز خان) ڱي پُهچائي، ته چنگيز خان پنهنجي وڏي پُٽ (جوجي خان) کي زهر ڏيارائي مارائي ڇڏيو ۽ سندس موت 30 سالن جي عمر ۾ 1228ع ۾ ٿيو.
چنگيز خان پوءِ جوجي خان جي ننڍي پُٽ (باتو خان) کي سندس جانشين ڪري (ترڪستان کان روم) تائين جو علائقو بخشي ڏنو جڏنهن ته (اردو خان) جوجي خان جو وڏو پُٽ هو. پوءِ هن تيرهين صديءَ ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هو ۽ 18 هين صديءَ تائين اُهي به (قيچاق ۽ روسي علائقن) جا حڪمران بنندا رهيا. سندس اولادن مان (شيباني خان) 15هين صدي ۾ (تاشقند ، سمرقند ۽ برات) پنهنجي سلطنتن کي وسعت ڏئي حڪومت ڪئي. (طلائي اردو) سڏجائڻ وارا (مُغل) سندن ئي اولادن مان آهن. سندن ٻه مشهور شهر (سرائي ۽ استرا خان) ٻُڌايا وڃن ٿا. جن مان هڪ حڪمران (تفتمش) جو نالو (امير تيمور) سان جنگ ڪرڻ ڪري مشهور ٿيو.
ٻيون حصو
جوجي خان (چنگيز خان) جو وڏي ۾ وڏو پُٽ هو. (جوجي خان) کي سندس پيءُ حڪوومت ڪرڻ لاءِ (سائبيريا، قيچاڪ، روس، ازبڪستان ۽ قازقستان جا علائقا ڏنا هُئا. چنگيز خان، کيس (چغتائي خان) سان گڏ (خوارزم) جي (مُحمد شاه) جي خلاف مهم تي روانو ڪيو هو. جيڪو هُنن جي هٿ ته نه اچي سگهيو هو پر سندس سمورا علائقا سندن قبضي ۽ فتحن ۾ اچي ويا. جتي (چغتائي خان) سموري مقبوض آبادين، زمينن کي تباه برباد ڪرڻ سان گڏماڻهن جو قتال عام ڪري ظلم جي باه ٻاري ڏني. (جوجي خان) ان ظلم خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته (چغتيائي خان) اُن جي رپورٽ (چنگيز خان) ڱي پُهچائي، ته چنگيز خان پنهنجي وڏي پُٽ (جوجي خان) کي زهر ڏيارائي مارائي ڇڏيو ۽ سندس موت 30 سالن جي عمر ۾ 1228ع ۾ ٿيو.
چنگيز خان پوءِ جوجي خان جي ننڍي پُٽ (باتو خان) کي سندس جانشين ڪري (ترڪستان کان روم) تائين جو علائقو بخشي ڏنو جڏنهن ته (اردو خان) جوجي خان جو وڏو پُٽ هو. پوءِ هن تيرهين صديءَ ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هو ۽ 18 هين صديءَ تائين اُهي به (قيچاق ۽ روسي علائقن) جا حڪمران بنندا رهيا. سندس اولادن مان (شيباني خان) 15هين صدي ۾ (تاشقند ، سمرقند ۽ برات) پنهنجي سلطنتن کي وسعت ڏئي حڪومت ڪئي. (طلائي اردو) سڏجائڻ وارا (مُغل) سندن ئي اولادن مان آهن. سندن ٻه مشهور شهر (سرائي ۽ استرا خان) ٻُڌايا وڃن ٿا. جن مان هڪ حڪمران (تفتمش) جو نالو (امير تيمور) سان جنگ ڪرڻ ڪري مشهور ٿيو.
چوٿون حصو
اوڪتائي خان، جنهن جي ڄم تاريخ 1186ع ۽ موت تاريخ 1241ع آهي (چنگيز خان) جو جانشين هو. هن 9 سالن تائين حڪومت ڪئي هُئي ۽ هو ٻين ڀائُرن جي نسبت ، مُسلمانن سان سُٺو سلوڪ روا رکندو هو. هُن تباه ڪيل مسجدن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني هُئي ، حُن اجريل شهر وري وسايا، (اوڪتائي خان) پنهنجي عهد حڪومت م (عدل ۽ انصاف) قائم ڪيو هو. عام رعيا جي پرورش ڪئي ۽ مسلمانن سان باهمي شادين ڪرڻ جو به رواج وڌو. فوج جي نگهداشت ۽ تنظيم نو ڪئي.
اوڪتائي خان جي موت کان پوءِ مختلف قبيلن ۾ جنگ ڇڙجي وئي، (چغتائي خان) جي پُٽن به سرڪشي شروع ڪري ڇڏي، پر پوءِ به (اوڪتائي خان) جي زال (ترڪينه) چئن سالن تائين حڪومت تي قابض رهي. بلآخر کيس اُتي جي اميرن (اوڪتائي خان) ڏانهن موڪلي، سندس ئي پُٽ (قيق خان) کي (خاقان) بڻايو. ۽ پوءِ (قيق) چُغتائي خان جي سرڪش پُٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيو۽ ڪي ڀڄي (چين) هليا ويا. ان جنگ ۾ گهڻائي سردرا به مري کپي ويا.
قييق جي درٻار ۾ چيني ڪافرن جو گهڻو اثر هو، هو مُسلمانن کي ڏسي، سُڃاڻڻ لڳا هُئا، ۽ تڪليفون رسرايون. قيق ڏيڍ سال کن حڪومت ڪئي، ۽ هڪ رات کيس پيٽ ۾ اچي سُور پيو ۽ مُسلمانن جي جان آزاد ٿي.
پنجون حصو
چُغتائي خان به چنگيز خان جو پُٽ هو. چغتائي خان جي دئور ۾ (ماورا النهر، قازقستان، ڪاشغر، ۽ ترڪستان) جا علائقا سندس تحويل ۾ هُئا. هُن پنهنجي پيءَ (چنگيز خان) جي وصيت موجب ، پنهنجي وزير اعظم (قراچار نوئيان) سان پنهنجي ڌيءَ (توڪل) سان شادي ڪرائي رشتيداري قائم رکي ۽ پنهنجي علائقي جو انتظام به سندس حولاي ڪري، پاڻ (اوڪتائي خان) وٽ هلي ويو ۽ اُتي سُڪونت اختيار ڪري اُمور سلطنت ۾ سندس هع ونڊائڻ لڳو. هي شخص مُسلمانن جو وڏي ۾ وڏو دشمن بڻجي رهيو. (الماليق) سندس (چغتاين جو) گاديءَ جو هنڌ هوندو هو.
چغتائي جو موت هڪ شڪار گاه ۾ تير اُچلائي لڳڻ سان ٿيو هو جيڪو ڪنهن سندس پُٺ ۾ وهائي ڪڍيو هو. جيڪو هُن لاِ مُهلڪ بڻيو ۽ هو 1241ع ۾ (اوڪتائي خان) جي موت کان 6 مهنا پهرئين وفات ڪري ويو.
ڇهون حصو
هلاڪو خان، منگول حڪمران (چنگيز خان) جو پوٽو هو، هُن جو ڄم 1217ع ۾ ۽ موت 8 فبروري 1265ع ۾ ٿيو هو. هو منگول (ايل خاني) حڪومت جو باني هو. چنگيز خان جي پُٽ (تولي خان) جا ٽي پُٽ هئا. انهن ۾ هڪ (منگو خان) هو. جيڪو (قراقرم) ۾ رهندو هو، ۽ پوري مونگول سلطنت جو (خان اعظم) هو. ٻيو پُٽ (قبلائي خان) هو، جيڪو (چين) ۾ منگول سلطنت جو باني هو، جڏنهن ته ٽيون پُٽ (هلاڪو خان) هو.
منگو خان جي زماني ۾ (اُتر مغربي ايران ۾) هڪ اسماعيلي گروه، بنام (حشاشين) گهڻان هنگامان ۽ خونريزي شروع ڪري ڏني هُئي، اهي علائقا منگولن جي زير حڪومت هُئا، تنهنڪري اُتي جي باشندن، (منگو خان) سان ان ظلم و ستم تي فريادي بڻيا، ته (منگو خان) باشندن جي انهي فرياد ۽ سڪايت تي پنهنجي ڀاءُ (هلاڪو خان) کي 1256ع ۾ (ايران) جو حاڪم بڻائي روانو ڪيو ته انهي (اسماعيلي گروه) جي خلاف ڪاروائي ڪري. (هلاڪو خان) اُنهيءَ سال اسماعيلين جي مرڪز (قلعه الموت) تي قبضو ڪري، اسماعلي حڪومت جو هميشه لاءِ خاتمون ڪري ڇڏيو. ۽ انهن جي اخري بادشاه (ّورشاه) کي قتل ڪري ڇڏيو.
اسماعيلين جو زور ڀڃڻ کان پوءِهلاڪو خان (بغداد) جو رُخ ڪيو، جيڪو اُن زماني ۾ به (شيعه ۽ سُنين) جي فساد جو ڳڙه بڻجي چُڪو هو ۽ جنهنجي ڪري ئي وقت جي خليفي (مستعصم باالله) جي شيعه وزير (ابن علقيءَ) هلاڪو خان کي بغداد تي حملو ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هو.
پوءِ هلاڪو خان 1258ع ۾ (بغداد) تباه ڪرڻ کان پوءِ پوري عراق تي قبضو ڪري ورتو، ۽ (بصره ۽ ڪوفي) جا عظيم شهر، تباه و برباد ڪري ڇڏيا. جنهن کان پوءِ منگول فوجين، جزيره جي رستي (شام) تي حملو ڪيو، منگول فوجون (نصيبن، ربا ۽ حران) جي سهرن کي تباه ڪندي، (حلب) پُهچي وئي، جتي 50 هزار مردن جو قتل عام ڪيو ويو، ۽ هزارين عورتن ۽ ٻارن کي غلام بڻايو ويو.
اهڙيءَ طرح منگول فوجي، شهرن جا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ قتل عام ڪندي، بربادي ڦهلائي (فلسطين) ۾ داخل ٿي ويا.۽ هتي (ناصره) جي ڏکڻ ۾ (عين جالوت) جي جڳه تي 25هين رمضان، 658هه بمُطابق 1260ع ،جو هڪ خون ريز جنگ ۾ (مصر) جي (مملوڪن) اُنهن کي شڪست ڏني، کين پوري (شام) مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو، اهڙيءَ طرح (مصر) منگولن جي هٿان تباهيءَ کان بچي ويو.
منگو خان کان پوءِ (قراقرم) جي حڪومت جو اقتدار ڪمزور بڻجي ويو، ۽ (هلاڪو خان) پنهنجي مستقل رهائش (ايران) ۾ رکي اُتي جي حڪومت سنڀالي جنهن کي (ايل خاني) حڪومت سڏيو ويندو آهي. هُن (مراغه) کي، جيڪو (تبريز) کان 70 ڪلوميٽرن تي ڏکڻ ۾ واقع آهي ، کيس پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ بڻيايو هو. ۽ پوِ کيس (تبريز) منتقل ڪري ڇڏيو.
هلاڪو خان کان پوءِ سندس پُٽ (اباقا خان) تخت نشين ٿيو، پوءِ هُن به پنهنجي پيءُ جي (مسلم دشمني) جاري رکي، هُن (يورپ) ۽ (يورپ جي حڪمرانن) سان ، واسطا وڌايا، ۽ عيسائين کي (بيت المقدس) تي قبضو ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. هُن يورپ جي تاعيد ۽ پنهنجي مملڪت جي ( آرميني ۽ گرجستاني) ماڻهن جي مدد سان (شام) تي حملو به ڪيو هو، پر 1250ع ۾ (حمص) جي ويجهو، مملوڪ حڪمران (قلائون) کان شڪست کائي، پسپا ٿيڻ تي مجبور ٿي پيو هو.
ستون حصو
قراچار نوئيان، ڇوٿين پُشت ۾ (ڪچوله بهادر بن تومنه خان) جي اولاد مان هو ۽ (تومنه خان) جي عهنامي موجب هو (چنگيز خان) جو ۾سير اعليٰ هو. پنهنجي عهد حڪومت ۾ جڏنهنُ (تيمور) دشمنن هٿان قيد ٿيو هو ته هُن (قراچار نوئيان) جي مدد سان رهائي ورتي هُئي.
جيئن اسان پوئين حصن ۾ ٻُڌائي آيا آهيون ته (چنگيز خان) مرڻ وقت (پنهنجي پُٽ (چُغتائي خان) کي نصيحت ڪئي هُئي ته هو سندس (اتاليق ۽ مسير اعليٰ) کي اقتدار ۾ شريڪ ڪري ۽ ٻنهين جي وچ ۾ پيءُ پُٽ جو رشتو برقرار ڪري، ته (چغتائي خان) پنهنجي ڌيءَ (توڪل) جو رشتو (قراچار نوئيان) کي ڏيڻ سان گڏ علائقن جو انتظام به سندس حوالي ڪري پاڻ (اوڪتائي خان) وٽ وڃي مستقل رهيو هو جيڪو چغتيائي خان جي مرڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ ئي خودمختيار حڪم بڻيو هو، پر هُن چغتائي خان جي پُٽن کي به شريڪ اقتدار رکيو هو، ۽ سندن تربيت به ڪندو رهيو هو، ۽ سندس پُٽ ۽ پوٽي کي (خاقان) بڻائي ڇڏيو.
پوِ (قراچار نوئيان) پنهنجي قبيلن جي ماڻهن کي مختلف علائقن مان ڳولهي، (سمر قند) ڪش جي علائقن ۾ آباد ڪيو. پاڻ مقامي (تُرڪن ۽ ايرانين) جي باشندن جي وچ ۾ رهي هي قبيلو پنهنجي اصل قوميت وساري چُڪو ۽ تُرڪي زبان جي غلبي هيٺ رهندي (تُرڪي) ڳالهائڻ لڳا ۽ (تُرڪ) سڏجڻ لڳا.
هُن (قراچار نوئيان) 89 سالن جي زندگي ماڻي سال 1254ع ۾ وفات ڪئي، هُن جو پُٽ (ايجل نوئيان) جا نشين بڻيو، هن جو پوٽي (امير اينگو) سڀ کان پهرئين اسلام قبول ڪيو. (حاجي برلاس ۽ طراغي) هن جا پڙ پوٽا آهن، ۽ مشهور ايراني حڪمران تيمور لنگ (منڊو) تراغي جو پوٽ ۽ حاجي برلاس جو ڀائٽيو هو.
ياد رهي ته برصغير ۾ (مغليه سلطنت) جا مورث اعليٰ (ظهير الدين بابر) شهنشاه تيمور جي اولد در اولاد مان ئي آهن.
خاندان چنگيز خان کان شروع ٿيندڙ هڪ ڀرپور تواريخ ۽ ان تواريخ جا سنڌ تي اثر(موالي ڪلچر جي صورت ۾)
اٺون حصو
امير تيمور جيڪو (تيمورلين) يا (تيمور لنگ) جي نالي سان مشهور آهي، اُن جو ڄم 1336ع ۽ وفات 1405ع ۾ ٿي هُئي، ۽ هو (تيمور سلطنت) جو باني ۽ تواريخ عالم جو هڪ عظيم جنگجو حڪمران رهيو آهي. تيمور جي اُستاد جو نالو(علي بيگ) هو، چنگيزي تواريخ جا ورق ڦولڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته (استاد علي بيگ) پنهنجي شاگردن کي سبق سيکارڻ لاءِ (ڏنڊي) جو بي ڌڙڪ استعمال ڪندو هو، پر هُن ڪڏنهن به تيمور تي اهو ڏنڊو استعمال ڪونه ڪيو هو، ڇو جو تيمور هميشه پنهنجو سبق ياد ڪري ايندو هو. تيمور ڏهن سالن جي عمر حافظ قرآن يعني هن 3 سالن اندر قرآن شريف ختم ڪيو هو.
.