خاندان چنگيز خان کان شروع ٿيندڙ هڪ ڀرپور تواريخ ۽ ان توريخ جا سنڌ تي اثر )موالي ڪلچر جي صورت۾)

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پهريون حصو
    تواريخ جا ورق اٿلائڻ پُٿلائڻ سان خبر پوي ٿي ته منگول سردار (چنگيز خان) 1162ع ۾ پئدا ٿيو هو ۽ سندس وفات 1227ع ۾ ٿي هُئي. هي سردار، (دريائي آنان) ۾ پئدا ٿيو هو، سند اصل نالو (تموجن) هو، جنهن جو مطلب آهي (لوهار) يا لوه جو ڪم ڪندڙ. 1175ع ۾ سندس والد سندس شادي اُن وقت کئي جڏنهن هو 13 سالن جو هو، سندس شادي جنهن ڇوڪريءَ سان ٿي اُن جو نالو (بورتي) هو. جيئن ته چنگيز خان ٻالڪ پڻ کان ئي شاهانا ٺاٺ باٺ رهڻ جو عادي هو ته هُن کي ٻالڪ پڻ يعني 13 سالن ۾ ئي تخت تي وهاريو ويو.
    [​IMG]
    جڏنهن 1175ع ۾ هن کي پنهنجي قبيلي جو سردار بڻايو ويو ته ٻين قبيلن سان هُن جي ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ لڳي. جو هُن ٻين سمورن قبيلن ۽ حلقن کي پنهنجي زير اثر رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ڇو جو اُن وقت (منگوليا) تي گهڻن ئي قبيلن جي حڪومت هُئي. اهڙين حالتن جو جائزو وٺي هُن پنهنجي سردارن کي گهرائي گڏ ڪري انهن علائقن تي قابض ٿيڻ جو فيصلو ڪيو اهو فيصلو سڀني سردارن کي وڻيو ۽ هُن جي جهنڊي هيٺان رهڻ لڳا ۽ پوءِ انهن سردارن ئي کيس (چنگيز خان) جو لقب ڏنو هو.
    بلآخر (چنگيز خان) قبيلن ۾ ورهايل (منگول سلطنت) کي پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ هڪ (مضبوط منگول سلطنت) ٺاهي پيش ڪيو. هُن پنهنجي منگول فوج کي جديد طريقن سان تنظيم نو ڪري پاڻ صدين تائين (فوجي ماهرن) لاءِ مشعل راه بڻيو. هُن (چين) کي ٻه دفعه بلڪل تاراج ڪري ڇڏيو، 1214ع کان 1218ع تائين ٻن چيني رياستن (بيا ۽ ڪن) تي قبضو ڪيو. هن جا ڪي سفير جيڪي هن ٻين مُلڪن ۾ موڪليا هُئا تن کي جڏنهن 1219ع ۾ قتل ڪيو ويو ته هو پوءِ پوري دُنيا جو دُشمن ٿي پيو ۽ پوري دُنيا کي نيست و نابود ۽ برباد ڪرڻ ۽ فتح ڪري پنهنجي اثر هيٺ رکڻ لاءِ ميدان تي نڪري آيو هو. اُنهيءَ سال (1219ع ) ۾ هُن (اُتر چين ۽ افغان سرحد) جا ڪئين علائقا فتح ڪيا. پوءِ هُن (بُّارا ۽ مرو) جي علائقن ۾ لُٽ مار مچائي ڇڏي، ۽ (هرات) کي قبضي ۾ ڪري ورتو.
    جنهنکان پوءِ هُن پنهنجو رُخ (تُرڪي ۽ ڏاکڻي ۽ مشرقي يورپي) علائقن ڏانهن رکيو. هُن جي فوج (ڏاکڻي روس) ۽ (اُتر هند) تي فوجي يلغار ڪئي. بلآخر 1227ع ۾ چين طرف ٽئي حملي دوران سندس موت واقع ٿي ويو ۽ پوءِ سندس قوم جا لڙاڪو ، جذباتي ۽ تباهي آڻيندڙ ماڻهون به اُنهن (علائقن ۽ مُلڪن) ۾)هميشه لاِ رهائش حاصل ڪري رچي وسي ويا ۽ لوڪل ٿي رهڻ لڳا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٻيون حصو
    جوجي خان (چنگيز خان) جو وڏي ۾ وڏو پُٽ هو. (جوجي خان) کي سندس پيءُ حڪوومت ڪرڻ لاءِ (سائبيريا، قيچاڪ، روس، ازبڪستان ۽ قازقستان جا علائقا ڏنا هُئا. چنگيز خان، کيس (چغتائي خان) سان گڏ (خوارزم) جي (مُحمد شاه) جي خلاف مهم تي روانو ڪيو هو. جيڪو هُنن جي هٿ ته نه اچي سگهيو هو پر سندس سمورا علائقا سندن قبضي ۽ فتحن ۾ اچي ويا. جتي (چغتائي خان) سموري مقبوض آبادين، زمينن کي تباه برباد ڪرڻ سان گڏماڻهن جو قتال عام ڪري ظلم جي باه ٻاري ڏني. (جوجي خان) ان ظلم خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته (چغتيائي خان) اُن جي رپورٽ (چنگيز خان) ڱي پُهچائي، ته چنگيز خان پنهنجي وڏي پُٽ (جوجي خان) کي زهر ڏيارائي مارائي ڇڏيو ۽ سندس موت 30 سالن جي عمر ۾ 1228ع ۾ ٿيو.

    چنگيز خان پوءِ جوجي خان جي ننڍي پُٽ (باتو خان) کي سندس جانشين ڪري (ترڪستان کان روم) تائين جو علائقو بخشي ڏنو جڏنهن ته (اردو خان) جوجي خان جو وڏو پُٽ هو. پوءِ هن تيرهين صديءَ ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هو ۽ 18 هين صديءَ تائين اُهي به (قيچاق ۽ روسي علائقن) جا حڪمران بنندا رهيا. سندس اولادن مان (شيباني خان) 15هين صدي ۾ (تاشقند ، سمرقند ۽ برات) پنهنجي سلطنتن کي وسعت ڏئي حڪومت ڪئي. (طلائي اردو) سڏجائڻ وارا (مُغل) سندن ئي اولادن مان آهن. سندن ٻه مشهور شهر (سرائي ۽ استرا خان) ٻُڌايا وڃن ٿا. جن مان هڪ حڪمران (تفتمش) جو نالو (امير تيمور) سان جنگ ڪرڻ ڪري مشهور ٿيو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٻيون حصو
    جوجي خان (چنگيز خان) جو وڏي ۾ وڏو پُٽ هو. (جوجي خان) کي سندس پيءُ حڪوومت ڪرڻ لاءِ (سائبيريا، قيچاڪ، روس، ازبڪستان ۽ قازقستان جا علائقا ڏنا هُئا. چنگيز خان، کيس (چغتائي خان) سان گڏ (خوارزم) جي (مُحمد شاه) جي خلاف مهم تي روانو ڪيو هو. جيڪو هُنن جي هٿ ته نه اچي سگهيو هو پر سندس سمورا علائقا سندن قبضي ۽ فتحن ۾ اچي ويا. جتي (چغتائي خان) سموري مقبوض آبادين، زمينن کي تباه برباد ڪرڻ سان گڏماڻهن جو قتال عام ڪري ظلم جي باه ٻاري ڏني. (جوجي خان) ان ظلم خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته (چغتيائي خان) اُن جي رپورٽ (چنگيز خان) ڱي پُهچائي، ته چنگيز خان پنهنجي وڏي پُٽ (جوجي خان) کي زهر ڏيارائي مارائي ڇڏيو ۽ سندس موت 30 سالن جي عمر ۾ 1228ع ۾ ٿيو.

    چنگيز خان پوءِ جوجي خان جي ننڍي پُٽ (باتو خان) کي سندس جانشين ڪري (ترڪستان کان روم) تائين جو علائقو بخشي ڏنو جڏنهن ته (اردو خان) جوجي خان جو وڏو پُٽ هو. پوءِ هن تيرهين صديءَ ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هو ۽ 18 هين صديءَ تائين اُهي به (قيچاق ۽ روسي علائقن) جا حڪمران بنندا رهيا. سندس اولادن مان (شيباني خان) 15هين صدي ۾ (تاشقند ، سمرقند ۽ برات) پنهنجي سلطنتن کي وسعت ڏئي حڪومت ڪئي. (طلائي اردو) سڏجائڻ وارا (مُغل) سندن ئي اولادن مان آهن. سندن ٻه مشهور شهر (سرائي ۽ استرا خان) ٻُڌايا وڃن ٿا. جن مان هڪ حڪمران (تفتمش) جو نالو (امير تيمور) سان جنگ ڪرڻ ڪري مشهور ٿيو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٽيون حصو
    تولي خان، (چنگيز خان) جو سڀني کان ننڍو ۽ گهڻو پيار وٺندڙ پُٽ هو. هو 1190ع ۾ ڄائو ۽ 1232ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي پيءُ جي حڪم تي هون (نيشاپور برات ۽ مرو) جا علائقا فتح ڪيا. سندس موت (چنگيز خان) جي حيات ۾ ئي 1232ع ۾ ٿي هُئي.
    تولي خان جو اولاد (بيوان مغل) سڏرائجي ٿي. جيڪي (تبت) ۾ وڃي (دُلائي لامه) جي نالن سان مشهور آهي.
    قبلائي بن تولي بن چنگيز خان جي گاديءَ جو هنڌ (بائغ) هو. تولي خان جو پُٽ (منڪو) تخت نشين ٿيو ته هُن پنهنجي ڀاءُ (هلاڪو خان) کي (ايران ۽ عجم) طرف هڪ وڏي فوج ڏئي ، انهن مظموط مُلڪن جي تسخير ڪرڻ لاِءِ موڪليو هو. پوءِ (هلاڪو خان) جو اولاد جيڪو (ايران ۽ عراق) ۾ رهيو آخر مُسلمان ٿي ويو ۽ (محمود خان غازان) انهن ۾ اهو پهريون مُسلمان هو. جڏنهن ته (چين ، منگوليا ۽ ڪوريا ) ۾ وڃي وسجندڙ (هلاڪو خاندان) ٻُڌ ڌرم جو دين اختيار ڪري ورتو. توري خان کي پنهنجي پيءَ طرفان (ڪوريا، تبت ۽ منگوليا) جا علائقا ڏنا ويا هُئا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    چوٿون حصو
    اوڪتائي خان، جنهن جي ڄم تاريخ 1186ع ۽ موت تاريخ 1241ع آهي (چنگيز خان) جو جانشين هو. هن 9 سالن تائين حڪومت ڪئي هُئي ۽ هو ٻين ڀائُرن جي نسبت ، مُسلمانن سان سُٺو سلوڪ روا رکندو هو. هُن تباه ڪيل مسجدن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني هُئي ، حُن اجريل شهر وري وسايا، (اوڪتائي خان) پنهنجي عهد حڪومت م (عدل ۽ انصاف) قائم ڪيو هو. عام رعيا جي پرورش ڪئي ۽ مسلمانن سان باهمي شادين ڪرڻ جو به رواج وڌو. فوج جي نگهداشت ۽ تنظيم نو ڪئي.

    اوڪتائي خان جي موت کان پوءِ مختلف قبيلن ۾ جنگ ڇڙجي وئي، (چغتائي خان) جي پُٽن به سرڪشي شروع ڪري ڇڏي، پر پوءِ به (اوڪتائي خان) جي زال (ترڪينه) چئن سالن تائين حڪومت تي قابض رهي. بلآخر کيس اُتي جي اميرن (اوڪتائي خان) ڏانهن موڪلي، سندس ئي پُٽ (قيق خان) کي (خاقان) بڻايو. ۽ پوءِ (قيق) چُغتائي خان جي سرڪش پُٽن کي قتل ڪرائي ڇڏيو۽ ڪي ڀڄي (چين) هليا ويا. ان جنگ ۾ گهڻائي سردرا به مري کپي ويا.

    قييق جي درٻار ۾ چيني ڪافرن جو گهڻو اثر هو، هو مُسلمانن کي ڏسي، سُڃاڻڻ لڳا هُئا، ۽ تڪليفون رسرايون. قيق ڏيڍ سال کن حڪومت ڪئي، ۽ هڪ رات کيس پيٽ ۾ اچي سُور پيو ۽ مُسلمانن جي جان آزاد ٿي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنجون حصو
    چُغتائي خان به چنگيز خان جو پُٽ هو. چغتائي خان جي دئور ۾ (ماورا النهر، قازقستان، ڪاشغر، ۽ ترڪستان) جا علائقا سندس تحويل ۾ هُئا. هُن پنهنجي پيءَ (چنگيز خان) جي وصيت موجب ، پنهنجي وزير اعظم (قراچار نوئيان) سان پنهنجي ڌيءَ (توڪل) سان شادي ڪرائي رشتيداري قائم رکي ۽ پنهنجي علائقي جو انتظام به سندس حولاي ڪري، پاڻ (اوڪتائي خان) وٽ هلي ويو ۽ اُتي سُڪونت اختيار ڪري اُمور سلطنت ۾ سندس هع ونڊائڻ لڳو. هي شخص مُسلمانن جو وڏي ۾ وڏو دشمن بڻجي رهيو. (الماليق) سندس (چغتاين جو) گاديءَ جو هنڌ هوندو هو.
    چغتائي جو موت هڪ شڪار گاه ۾ تير اُچلائي لڳڻ سان ٿيو هو جيڪو ڪنهن سندس پُٺ ۾ وهائي ڪڍيو هو. جيڪو هُن لاِ مُهلڪ بڻيو ۽ هو 1241ع ۾ (اوڪتائي خان) جي موت کان 6 مهنا پهرئين وفات ڪري ويو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇهون حصو
    هلاڪو خان، منگول حڪمران (چنگيز خان) جو پوٽو هو، هُن جو ڄم 1217ع ۾ ۽ موت 8 فبروري 1265ع ۾ ٿيو هو. هو منگول (ايل خاني) حڪومت جو باني هو. چنگيز خان جي پُٽ (تولي خان) جا ٽي پُٽ هئا. انهن ۾ هڪ (منگو خان) هو. جيڪو (قراقرم) ۾ رهندو هو، ۽ پوري مونگول سلطنت جو (خان اعظم) هو. ٻيو پُٽ (قبلائي خان) هو، جيڪو (چين) ۾ منگول سلطنت جو باني هو، جڏنهن ته ٽيون پُٽ (هلاڪو خان) هو.

    منگو خان جي زماني ۾ (اُتر مغربي ايران ۾) هڪ اسماعيلي گروه، بنام (حشاشين) گهڻان هنگامان ۽ خونريزي شروع ڪري ڏني هُئي، اهي علائقا منگولن جي زير حڪومت هُئا، تنهنڪري اُتي جي باشندن، (منگو خان) سان ان ظلم و ستم تي فريادي بڻيا، ته (منگو خان) باشندن جي انهي فرياد ۽ سڪايت تي پنهنجي ڀاءُ (هلاڪو خان) کي 1256ع ۾ (ايران) جو حاڪم بڻائي روانو ڪيو ته انهي (اسماعيلي گروه) جي خلاف ڪاروائي ڪري. (هلاڪو خان) اُنهيءَ سال اسماعيلين جي مرڪز (قلعه الموت) تي قبضو ڪري، اسماعلي حڪومت جو هميشه لاءِ خاتمون ڪري ڇڏيو. ۽ انهن جي اخري بادشاه (ّورشاه) کي قتل ڪري ڇڏيو.

    اسماعيلين جو زور ڀڃڻ کان پوءِهلاڪو خان (بغداد) جو رُخ ڪيو، جيڪو اُن زماني ۾ به (شيعه ۽ سُنين) جي فساد جو ڳڙه بڻجي چُڪو هو ۽ جنهنجي ڪري ئي وقت جي خليفي (مستعصم باالله) جي شيعه وزير (ابن علقيءَ) هلاڪو خان کي بغداد تي حملو ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هو.

    پوءِ هلاڪو خان 1258ع ۾ (بغداد) تباه ڪرڻ کان پوءِ پوري عراق تي قبضو ڪري ورتو، ۽ (بصره ۽ ڪوفي) جا عظيم شهر، تباه و برباد ڪري ڇڏيا. جنهن کان پوءِ منگول فوجين، جزيره جي رستي (شام) تي حملو ڪيو، منگول فوجون (نصيبن، ربا ۽ حران) جي سهرن کي تباه ڪندي، (حلب) پُهچي وئي، جتي 50 هزار مردن جو قتل عام ڪيو ويو، ۽ هزارين عورتن ۽ ٻارن کي غلام بڻايو ويو.

    اهڙيءَ طرح منگول فوجي، شهرن جا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ قتل عام ڪندي، بربادي ڦهلائي (فلسطين) ۾ داخل ٿي ويا.۽ هتي (ناصره) جي ڏکڻ ۾ (عين جالوت) جي جڳه تي 25هين رمضان، 658هه بمُطابق 1260ع ،جو هڪ خون ريز جنگ ۾ (مصر) جي (مملوڪن) اُنهن کي شڪست ڏني، کين پوري (شام) مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو، اهڙيءَ طرح (مصر) منگولن جي هٿان تباهيءَ کان بچي ويو.

    منگو خان کان پوءِ (قراقرم) جي حڪومت جو اقتدار ڪمزور بڻجي ويو، ۽ (هلاڪو خان) پنهنجي مستقل رهائش (ايران) ۾ رکي اُتي جي حڪومت سنڀالي جنهن کي (ايل خاني) حڪومت سڏيو ويندو آهي. هُن (مراغه) کي، جيڪو (تبريز) کان 70 ڪلوميٽرن تي ڏکڻ ۾ واقع آهي ، کيس پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ بڻيايو هو. ۽ پوِ کيس (تبريز) منتقل ڪري ڇڏيو.

    هلاڪو خان کان پوءِ سندس پُٽ (اباقا خان) تخت نشين ٿيو، پوءِ هُن به پنهنجي پيءُ جي (مسلم دشمني) جاري رکي، هُن (يورپ) ۽ (يورپ جي حڪمرانن) سان ، واسطا وڌايا، ۽ عيسائين کي (بيت المقدس) تي قبضو ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. هُن يورپ جي تاعيد ۽ پنهنجي مملڪت جي ( آرميني ۽ گرجستاني) ماڻهن جي مدد سان (شام) تي حملو به ڪيو هو، پر 1250ع ۾ (حمص) جي ويجهو، مملوڪ حڪمران (قلائون) کان شڪست کائي، پسپا ٿيڻ تي مجبور ٿي پيو هو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ستون حصو
    قراچار نوئيان، ڇوٿين پُشت ۾ (ڪچوله بهادر بن تومنه خان) جي اولاد مان هو ۽ (تومنه خان) جي عهنامي موجب هو (چنگيز خان) جو ۾سير اعليٰ هو. پنهنجي عهد حڪومت ۾ جڏنهنُ (تيمور) دشمنن هٿان قيد ٿيو هو ته هُن (قراچار نوئيان) جي مدد سان رهائي ورتي هُئي.
    جيئن اسان پوئين حصن ۾ ٻُڌائي آيا آهيون ته (چنگيز خان) مرڻ وقت (پنهنجي پُٽ (چُغتائي خان) کي نصيحت ڪئي هُئي ته هو سندس (اتاليق ۽ مسير اعليٰ) کي اقتدار ۾ شريڪ ڪري ۽ ٻنهين جي وچ ۾ پيءُ پُٽ جو رشتو برقرار ڪري، ته (چغتائي خان) پنهنجي ڌيءَ (توڪل) جو رشتو (قراچار نوئيان) کي ڏيڻ سان گڏ علائقن جو انتظام به سندس حوالي ڪري پاڻ (اوڪتائي خان) وٽ وڃي مستقل رهيو هو جيڪو چغتيائي خان جي مرڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ ئي خودمختيار حڪم بڻيو هو، پر هُن چغتائي خان جي پُٽن کي به شريڪ اقتدار رکيو هو، ۽ سندن تربيت به ڪندو رهيو هو، ۽ سندس پُٽ ۽ پوٽي کي (خاقان) بڻائي ڇڏيو.
    پوِ (قراچار نوئيان) پنهنجي قبيلن جي ماڻهن کي مختلف علائقن مان ڳولهي، (سمر قند) ڪش جي علائقن ۾ آباد ڪيو. پاڻ مقامي (تُرڪن ۽ ايرانين) جي باشندن جي وچ ۾ رهي هي قبيلو پنهنجي اصل قوميت وساري چُڪو ۽ تُرڪي زبان جي غلبي هيٺ رهندي (تُرڪي) ڳالهائڻ لڳا ۽ (تُرڪ) سڏجڻ لڳا.
    هُن (قراچار نوئيان) 89 سالن جي زندگي ماڻي سال 1254ع ۾ وفات ڪئي، هُن جو پُٽ (ايجل نوئيان) جا نشين بڻيو، هن جو پوٽي (امير اينگو) سڀ کان پهرئين اسلام قبول ڪيو. (حاجي برلاس ۽ طراغي) هن جا پڙ پوٽا آهن، ۽ مشهور ايراني حڪمران تيمور لنگ (منڊو) تراغي جو پوٽ ۽ حاجي برلاس جو ڀائٽيو هو.
    ياد رهي ته برصغير ۾ (مغليه سلطنت) جا مورث اعليٰ (ظهير الدين بابر) شهنشاه تيمور جي اولد در اولاد مان ئي آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    خاندان چنگيز خان کان شروع ٿيندڙ هڪ ڀرپور تواريخ ۽ ان تواريخ جا سنڌ تي اثر(موالي ڪلچر جي صورت ۾)
    اٺون حصو
    امير تيمور جيڪو (تيمورلين) يا (تيمور لنگ) جي نالي سان مشهور آهي، اُن جو ڄم 1336ع ۽ وفات 1405ع ۾ ٿي هُئي، ۽ هو (تيمور سلطنت) جو باني ۽ تواريخ عالم جو هڪ عظيم جنگجو حڪمران رهيو آهي. تيمور جي اُستاد جو نالو(علي بيگ) هو، چنگيزي تواريخ جا ورق ڦولڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته (استاد علي بيگ) پنهنجي شاگردن کي سبق سيکارڻ لاءِ (ڏنڊي) جو بي ڌڙڪ استعمال ڪندو هو، پر هُن ڪڏنهن به تيمور تي اهو ڏنڊو استعمال ڪونه ڪيو هو، ڇو جو تيمور هميشه پنهنجو سبق ياد ڪري ايندو هو. تيمور ڏهن سالن جي عمر حافظ قرآن يعني هن 3 سالن اندر قرآن شريف ختم ڪيو هو.
    .
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 اپريل 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا موضوع ۾ تاريخ جي درستگي ڪندا ، چنگيز خان جو موت 1227 ۾ ٻڌايو ويو آهي
    سندس ننڍو پٽ وري سندس ئي حياتي ۾ 1232 ۾ فوت ٿيو ۽ مٿئين تحرير ۾ 1227 ۾ چنگيز خان قتل ٿيو !
    1228 ۾ پٽ کي زهر ڏئي مارايائين جڏهن ته مٿي ڄاڻايل تحرير ۾ پاڻ چنگيز خان 1227 ۾ قتل ڪيو ويو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڊيٽا وڪي پيڊيا مان ورتي وئي آهي، ٻين ڪتابن جا رفرنس زيرغور آهن، فائنل اپڊيٽ ڪيو ويندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ته وڏيرن ۽ راشي ڪامورن جا باغي بڻو!جيڪي هر وقت توهانجي سادگي، مُحبتن ۽ عقيدن جو غلط فائدو وٺي طاقتور قوتن سان توهانجو سودو ڪري (سنڌ امڙ) سُڪيڙيندا وڃن، جيڪا انهن ئي وڏيرن جي سازشن ڪري (ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين) سُڪيڙي هاڻ (ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ) نالي تي ٻه ٽڪڙ ٿيڻ واري آهي ۽ توهان کي اڪليت ۾ ڏيکاري مقبوض ٿيڻ واري آهي. سازشي ڀوتار ۽ وڏيرا، پاڻ ته امير کان امير ٿي عياشيون ۽ خوشحال ٿي جيئندا پيا وڃن پرغريب سنڌين کي ب(يوسي، مُفلسي، لاچاري، بي حسيءَ ۾ ) پنهنجي استعمال ۾ آڻي بيوقوف پيا ٺاهين ۽ محض نشن جو عادي بڻائي؟ غلام ابن غلام بڻائي ؟ ۽ اُنهن ئي پگهاردار (درباني ليکڪ، شاعر، اديب) کان سندن ابن ڏاڏن جي ڪوڙي سچي تواريخ جوڙائيي توهان تي روب رکي، هيڻو ڪري ،توهانجي ذهنن تي حاوي ٿيندا وڃن.
    ته تواريخ جي حوالي سان اسان (ايجيڪيٽ سنڌ) فلاسافيءَ تحت توارخي فلمائيزڊ ۽ ڊبڊ ڊرامان ۽ فلمون ڏيکارينداسون، ممڪن آهي ته توهان ۾ اُهو عمل جوش ڀري ۽ توهان وري 7000(بي. سي) سال وارا سنڌي بڻجو، يا 712ع وارا ۽ (باب الاسلام سنڌ) وارا سنڌي.

    ته حالتن جي نزاڪت سمجهندي، هن وقت اڙدو زبان ۾ هڪ (ڊبڊ تواريخي فلم) ڏيکاري رهيا آهيون جيڪا توهانکي سمجهائيندي ته ڪيئن نه قومون پنهنجي توريخي واقعن ، فتحن ، حقيقتن ۽ سچن کي ڊراماٽائيز ڪري پنهنجي ايندڙ نسل کي تواريخي آگاهي ڏيڻ سان گڏ تعليم يافته ۽ باشعور بڻائڻ جي ڪوششون ڪنديون آهن ۽ ٻئي طرف اسان سنڌي ماڻهون 7000 سال (ب.سي) جا تهذيبي، تمدن، مهمان نوازي ۽ تواريخ جا دعويدار بڻجي به هاڻ سنڌ ۾ اڪليت ۾ بڻجندا پيا وڃون جنهنجا ذميوار اهي مڙئي وڏيرا ۽ ڪامورا آهن جيڪي دشمنان سنڌ سان ته وڃي ڀائيواري ڪن ٿا پر اڻ سهپ جو مادو رکندي پنهنجي ئي ماڻهن جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ محو آهن.
    ته هيءَ ڊبڊ فلم (سلطنت عثمانيه طرفان) 29 مئي 1453ع ۾ جڏنهن قسطنطنيه فتح ٿيو هوتي ٺاهيل آهي، متان وڏيرن ۽ ڀوتارن جي پير چٽڻ وارن کي وري سنڌ ڏي موٽائي هڪ (ميرٽ، ٽيلنٽيڊ ۽ ايجيوڪيٽ سنڌي) بڻائي. متان سنڌي ٽيليويزن جي مالڪن کي به (ڌاڙيل ڪلچر، موالي ڪلچر) واسارائي سنڌ جي اشوز ۽ تواريخ تي ليکڪن کي اُڀاري ۽ اُهي انهن موضوعن تي لکن ۽ چئنل ان کي ڊراماٽائيز ڪرائين. هڪ ڳالله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو، نه مُنهنجو.
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تيمور هڪ تُرڪ قبيلي (برلاس) سان تعلق رکندو هو، جنهنجو (چنگيز خان) جي خاندان سان ويجهو تعلق هو. (تيمور لنگ) جو تعلق (سمرقند) سان هو، هُو سمرقند ويجهو هڪ ڳوٺ (ڪيش) ۾ پئدا ٿيو هو، سندس والدين، معمولي قسم جا زميندار هُئا. تيمور (دريائي جيحون) جي اُتر ڪناري واقع هڪ (شهر سيز) جنهن کي ڪيش به چيو وڃي ٿو ۾ هو 1336ع ۾ پئدا ٿيو هو. هي علائقو اُن وقت هڪ (چغتائي سلطنت) ۾ شامل هو جيڪو پوءِ زوال جو شڪار ٿيڻ لڳو هو. چغتائي حڪمران بيوس بڻجي چُڪا هُئا، ۽ هر جڳهه تي (منگول ۽ تورڪ سردار) اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هُئا.
    تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ هُن (صاحب قرآن) جو لقب به حاصل ڪيو هو.تيمور پنهنجي زندگيءَ ۾ 42 مُلڪ فتح ڪيا هُئا. هن جي خاص خصوصيت هيءَ هُئي ته هو پنهنجي ٻنهين هٿن سان ڪم ڪري سگهندو هو. هو هڪ هٿ ۾ تلوار ته ٻئي هٿ ۾ ڪُهاڙي کڻي وڙهندو هو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو