• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾5 کان 16 سالن عمر تائين 61 لک ٻار اسڪول نه پيا وڃن؟ ڇوڪرا 48سيڪڙو ۽ ڇوڪريون 52 سيڪڙو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
نيشنل ايجيوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم 2015 جي سروي ۽ نشر ٿيل اسٽيٽڪس موجب سنڌ ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر تائين جا ٻار اسڪول نه پيا وڃن. جيڪي ڪُل ٻارن جي تعداد جو 55 سيڪڙو آهن. ياد رهي ته سنڌ ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جي ڪُل ٻارن جو تعداد هڪ ڪروڙ 20 لکن جي ويجهو آهي. جنهن ۾ اسڪول نه ويندڙ ڇوڪرا 48 سيڪڙو ۽ ڇوڪريون 52 سيڪڙو آهن يعني ڪُل ، ڇوڪرا 28 لک، 52 هزار، 9 سئو10 ۽ ڇوڪريون 33 لک، 44 هزار، 5سئو 60 آهن. جنهن ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر وارن ڇوڪرن جو تعداد 63 لک ۽ ڇوڪرين جو تعداد 57 لک آهي.

هڪ سروي موجب انهن اسڪول نه ويندڙ ٻارن مان ڪي بوٽ پاليش، گيريجن ۾ موٽر مڪينڪ، ٻين ڌنڌن ، ٻنين ٻارن ۾ ۽ پنڻ ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اهي جڳهيون گهڻي ڀاڱي موالي ڪلچر زير اثر ٿي سگهن ٿيون يعني انهن ٻارن جو انگ موالي ڪلچر سسٽم آرام سان ايڊاپٽ ڪري سگهي ٿو. ۽ هڪ خطري تحت انهن نٻارن کي اغوا ڪري يا ٻين طريقن سان دهشتي گردي، چوري چڪاري يا خود ڪش سرگرمين ۾ استعمال ڪرڻ جو گهڻو خطرو آهي.
حڪومت سنڌ 3 سال اڳ يعني 2013ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان، لازمي ۽ مُفت تعليم جو قانون به پاس ڪرائي چُڪي آهي، جنهن تحت والدين کي پنهنجن ٻارن کي لازمي طوراسڪولن ۾ موڪلڻو آهي، جڏنهن ته پئسا نه هُئڻ سبب ڪو به ٻار تعليم کان محروم نه رکيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ والدين لاءِ سزائون به تجويز ڪيل آهن. جڏنهن ته پرائيويٽ اسڪولن کي به پابند ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي انرولمينٽ جو هڪ مخصوص حصو اهڙن غريب ٻارڙن جي مُفت تعليم لاءِ لازمي رکن، جنهن لاِ کين حڪومت سنڌ به اهڙن غريب ٻارڙن جي تعليمي خرچ برداشت ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪندي..تنهن هوندي به 3 سال گُذري چُڪا آهن ۽ تعليمي محڪمي ۽ پرائيويٽ اسڪول وارن اڃان تائين ڪي باقائده رولز ڪونه ڄاهيا آهن ۽ اهو قانون به اڃان تائين محڪمه تعليم جي فائلن ۾ بند ٿيندو پيو ڏسجي جنهن سان سنڌ جا ٻار خاص طرح سان ٻهراڙين جا ٻار گهڻو مُتاثر پيا ٿين.
سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ۾۽ تعليم کان محروم ٻارن جو تعداد 61 لکن کان به وڌندو وڃي، انهن ٻارن جون عمرون 5 کان 16 سالن جي وچ جون آهن، جڏنهن ته مجموعي طور تي پوري مُلڪ پاڪستان ۾ 24 ملين ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. ان ڳالهه جو انڪشاف صوبائي محمه تعليم سنڌ طرفان خميس جي ڏينهن ، پوري سنڌ جي اسڪولن سان وسطيدار تعليمي آفيسرن کي موڪليل هڪ خط ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اُنهن کي چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي (قومي انرولمينٽ مهم) هيٺ، سنڌ جي اسڪولن ۾ انرولمينٽ کي وڌائڻ ۽ اُن کي گهٽ ۾ گهٽ موجوده سطح تي برقرار رکڻ کان علاوه، اسڪول وڃڻ ۽ تعليم کان محروم شاگردن جو اصل تعداد جي حصول لاءَ تجويزون گهُريون ويون آهن.
ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت طرفان به هڪ مهم هلائي پئي وڃي. مهم تحت سنڌ ۾ به پهرئين اپريل کان 30 اپريل تائين اسڪولن ۾ انرولمينٽ ۾ واڌ جي ڪوشش ڪن. جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته (نيشنل ايجيوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم 2015 جو حوالو ڏنو ويو آهي. اسپيشل سيڪريٽري تعليم (عاليه شاهد) طرفان لکي موڪيل هن خط ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو مجموعي تعداد ڪُل ٻارن جي تعداد جو 55 سيڪڙو ڌايو ويو آهي يعني 5 کان 16 سالن جي وچ جي عمر جا ئبار هڪ ڪروڙ 20 لک آهن.
وفاقي حڪومت جي انرولمينٽ مهم تحت سنڌ جي يوسي، تعلقن، ڊسٽرڪٽ ۽ ريجنز جي سطح تي انرول مينٽ جي واڌ وارين ڪوششن جي هفتي وار رپورٽ تعليمي محڪمي کي موڪلي وڃي، محڪمه تعليم، ان سلسلي ۾ باقائده سان هڪ فارم به تيار ڪيو آهي ۽ تجويز ڏني آهي ته ، ان تي هو فارم سان گڏ ماسترياڻين کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن گهرن ۾ موڪلي اُتي رهندڙ سڀني ٻارڙن ۽ سندن والدين ۽ خاندان جي رجسٽريشن ڪن. جڏنهن ته مرد اُستادن کي 5 گهرن جو ٽارگٽ ڏنو ويو آهي.
حالتن کي ڏسي سنڌ جي سموري قومي ، سياسي، سماجي پارٽين ۽ اين جي اوز، يوسي جي مائونسلرن کي اپيل ٿي ڪجي ته گهر گهر وڃي اهڙن 5 کان 16 سالن جي اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو اسڪول وڃڻ، پرائيويٽ اسڪولن ۾ اهڙن غريب ٻارڙن لاءِ مُفت تعليم جو ڌيان رکن ۽ والدين تي پريشر وجهن ته 5 کان 15 سالن جو هر ٻار لازمي اسڪول وڃي. شهر مان سکين ماڻهن کان هر مهني ڊونيشن وٺي غريب ٻارن جي ڪتابن ۽ يونيفارم، ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪن ء۽ سنڌي ٻار موالي ٿيڻ ۽ دسشتگرد يا خودڪش ٿيڻ کان بچائين.
 
Back
Top