اُٿو جي سنڌ سان حقيقي عقيدت رکو ٿا،سنڌ بچائڻ چاهيو ٿا۽ ۽ سنڌ جو نالو محض ڪنهنجي چُر تي استعمال ڪريو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اچو ته پنهنجي مُسلم ۽ غير مُسلم تواريخ ۾ دلچسپي وٺي پوئين صدين جو سفر ڪريون ۽ (ايجيوڪيٽ سنڌ) طرف هڪ قدم وڌايون.
    ڇو جو هاڻ ڳالهه آهي سنڌ جي! نه توهانجي (وڏپائيءَ ، وڏيرا گيري۽ ڀوتارگيري) شاهي انا ۽ اڻ سهپ جي ۽ نه ئي مُنهنجي ديس جي اُنهن (غريبن، مزدورن، هارين، پورهين ) ۽ غلام ابن غلامن جي، جيڪي توهانجي (وڏيرن ۽ ڀوتارن) جي پير چٽي هلڻ جي خواهش رکن ٿا.
    ته اُٿو جي سنڌ سان حقيقي عقيدت رکو ٿا ، سنڌ بچائڻ چاهيو ٿا ۽ سنڌ جو نالو محض ڪنهنجي چُر تي استعمال ڪري ڀوتارن ۽ وڏيرن کي فائدو نٿا رسائڻ چاهيو. ته دوستئو ! صرف ايترو سوچيو ته اهي وڏيرا ، پنهنجي وڏيراگيري رکڻ لاءِ ۽ جيڪي توهانجي ئي ووٽن سان پنهنجي وارڊن ۾ ڪائونسلر بڻجي چُڪا آهن کين اها جسارت نه پئي ٿئي ته جنهن وارڊ مان اليڪٽ ٿيا آهن، اُن ۾ پنهنجي پئسي مان هڪ 30 يا 40 ڇوڪرن لاءِ هڪ پرائمري اسڪول ئي نه پيا کولي سگهن ۽ نه ئي اُن وارڊ جي ٻارن کي لازمي تعليم لاءِ سندن والدين تي پريشر وجهي اسڪولن ۾ پيا موڪلين جيڪي گهٽين ۾ اجايا رُلن پيا، جيڪي پينو فقير ٿي پيا گهمن، جيڪي بوٽ پاليش يا گيريجن ۽ ڊوڪانن ۽ گهرن ۾ پورهيو پيا ڪن جي ها اُهي 5 کان 16 سالن تائي جا ٻار. اُن لاءِ به هو گورنمينٽ جي مالي مدد ۽ امداد ۾ اکيون وجهيو ويٺا آهن. ته جيئن هو توهانجي ٽيڪسن جي اُن امانت کي توهانجي خدمت بجاءِ پنهنجي ئي وڏيرپائيءَ تي استعمال ڪن. هو گورنمينٽ جي خالي پلاٽن تي پنهنجي لاءِ بنگلا ٺهرائي قبضو ته ڪن پيا پر اُن اسڪول لاءِ هڪ حصو به نه پيا رکن جيئن اُتي جا ٻار پڙهي پون. هو پنهنجي ئي وارڊ ۾ رهندڙ (واپارين ۽ سرمائيدارن ۽ ڪامورن تي) تي مخصوص (تعليمي وارڊ ٽيڪس) لڳائي به (وارڊ اسڪول) هلائي سگهن ٿا مُفت ۾ وارڊ جي پڙهيل ڀبقي کي به انگيج ڪرائي سگهن ٿا جو (وارڊ ٻارن جي تعليم) هر ڪنهن تي فرض آهي جيڪا سنڌ کي پڙهيل لکيل سنڌ بڻائيندي. جيڪا اڳ هُئي ۽ انهن ئي وڏيرن ان تعليمي نظام کي تباه ڪيو هو ته هاڻ اُهي ئي برقرار رکندا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 اپريل 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تمام بھترين چونڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ته وڏيرن ۽ راشي ڪامورن جا باغي بڻو!جيڪي هر وقت توهانجي سادگي، مُحبتن ۽ عقيدن جو غلط فائدو وٺي طاقتور قوتن سان توهانجو سودو ڪري (سنڌ امڙ) سُڪيڙيندا وڃن، جيڪا انهن ئي وڏيرن جي سازشن ڪري (ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين) سُڪيڙي هاڻ (ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ) نالي تي ٻه ٽڪڙ ٿيڻ واري آهي ۽ توهان کي اڪليت ۾ ڏيکاري مقبوض ٿيڻ واري آهي.
    سازشي ڀوتار ۽ وڏيرا، پاڻ ته امير کان امير ٿي عياشيون ۽ خوشحال ٿي جيئندا پيا وڃن پرغريب سنڌين کي ب(يوسي، مُفلسي، لاچاري، بي حسيءَ ۾ ) پنهنجي استعمال ۾ آڻي بيوقوف پيا ٺاهين ۽ محض نشن جو عادي بڻائي؟ غلام ابن غلام بڻائي ؟ ۽ اُنهن ئي پگهاردار (درباني ليکڪ، شاعر، اديب) کان سندن ابن ڏاڏن جي ڪوڙي سچي تواريخ جوڙائيي توهان تي روب رکي، هيڻو ڪري ،توهانجي ذهنن تي حاوي ٿيندا وڃن.

    ته حالتن جي نزاڪت سمجهندي، هن وقت اڙدو زبان ۾ هڪ (ڊبڊ تواريخي فلم) ڏيکاري رهيا آهيون جيڪا توهانکي سمجهائيندي ته ڪيئن نه قومون پنهنجي توريخي واقعن ، فتحن ، حقيقتن ۽ سچن کي ڊراماٽائيز ڪري پنهنجي ايندڙ نسل کي تواريخي آگاهي ڏيڻ سان گڏ تعليم يافته ۽ باشعور بڻائڻ جي ڪوششون ڪنديون آهن ۽ ٻئي طرف اسان سنڌي ماڻهون 7000 سال (ب.سي) جا تهذيبي، تمدن، مهمان نوازي ۽ تواريخ جا دعويدار بڻجي به هاڻ سنڌ ۾ اڪليت ۾ بڻجندا پيا وڃون جنهنجا ذميوار اهي مڙئي وڏيرا ۽ ڪامورا آهن جيڪي دشمنان سنڌ سان ته وڃي ڀائيواري ڪن ٿا پر اڻ سهپ جو مادو رکندي پنهنجي ئي ماڻهن جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ محو آهن.
    ته هيءَ ڊبڊ فلم (سلطنت عثمانيه طرفان) 29 مئي 1453ع ۾ جڏنهن قسطنطنيه فتح ٿيو هوتي ٺاهيل آهي، متان وڏيرن ۽ ڀوتارن جي پير چٽڻ وارن کي وري سنڌ ڏي موٽائي هڪ (ميرٽ، ٽيلنٽيڊ ۽ ايجيوڪيٽ سنڌي) بڻائي. متان سنڌي ٽيليويزن جي مالڪن کي به (ڌاڙيل ڪلچر، موالي ڪلچر) واسارائي سنڌ جي اشوز ۽ تواريخ تي ليکڪن کي اُڀاري ۽ اُهي انهن موضوعن تي لکن ۽ چئنل ان کي ڊراماٽائيز ڪرائين. هڪ ڳالله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو، نه مُنهنجو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 اپريل 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ۽ اهڙن ئي (درباني اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن ) کي هو انعام اڪرام ڏئي (ڌاڙيل، موالي، وڏيرو ۽ موالي وڏيرو ڪلچر) سان فلمون ۽ ڊرامان لکي ٺهرائي توهانجي برين واش ڪري رهيا آهن ته جيئن توهان اوتارن ۽ الله جي نيڪو ڪار بُزرگن، ولين جي خانگاهن ۽ مقبن جي گرد قائم (اوتارا اسڪولن ۾) سُتا ئي پيا هُجو ۽ هو سنڌ ۽ اُن جي شاهوڪار وسيلن جو ڌارين ۽ مالدار قوتن هٿان ۽ سميعت توهانجي زمينن، مال ۽ عزتن جو سودو ڪندا وتن ۽ انهن درباري کي ڌاڙيلگيري ۽ وڏيرا گيريءَ تي قلم کڻڻ جي جسارت ته ٿئي،
    ته عشق و مشق جي شاعري ۽ گانن ٺاهڻ تي ته قلم کڻجي کڻائجي ٿو پر سنڌ جي حقيقي ۽ لازمي حل مسئلن (اشوز) کي ۽ قابضن جي ترتيب وار تواريخ کي ڊراماٽائيز ڪري توهاجي علم ۽ اڀياس ۾ واڌ نه پيا آڻڻ ڏين. ته تواريخ جي حوالي سان اسان (ايجيڪيٽ سنڌ) فلاسافيءَ تحت توارخي فلمائيزڊ ۽ ڊبڊ ڊرامان ۽ فلمون ڏيکارينداسون، ممڪن آهي ته توهان ۾ اُهو عمل جوش ڀري ۽ توهان وري 7000(بي. سي) سال وارا سنڌي بڻجو، يا 712ع وارا ۽ (باب الاسلام سنڌ) وارا سنڌي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو