هر شخص ڪهاڻي آ

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    24 سالن جو خوبصورت ڇوڪر هلندڙ ٽرين جي دريء مان ٻاهر نهاريندي خوشي مان رڙڪري پيء کي ٻڌايائين “بابا ڏس ته وڻ ڪينئن نه تيزي سان پوئتي پيا ڊوڙندا وڃن.“ ………پيء مسڪرائي ماٺ ڪري ويو. ڀر ۾ ويٺل جوڙي عجيب نظرن سان نوجوان جي ٻاراڻي طرز عمل تي کلڻ لڳا.…… گهڙي کن کان پوء نوجوان جي نظر بادلن تي پئي حيرت مان وري رڙ ڪيائين .بابا بابا ڏس ته ڪڪر به اسان سان گڏپيا ڊوڙن.!!!!!! هاڻي ته جوڙي کي پڪ ٿي ته هي ڇوڪر ذهني مريض آهي . سو همدردي منجهان سندس پيء کي چوڻ لڳا…………“چاچااوهان هن کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڇو نه ٿا ڏيکاريو“………… پيء مسڪرايو ۽چوڻ لڳو “ اهو ئي ته ڪيو اٿم منهجو پٽ پيدائشي نابين هئو. اڄ ئي سندس جي آپريشن هئي .ڪارنيا لڳايو اٿن .کيس اڄ ئي ته نظر ملي آهي.اڄ ئي ته هو دنيا جون رنگينيون پيو ڏسي.……… سو سائين هر ماڻهو داستان آھي ڪڏهن به ڪنهن کي ڏسي جلدبازي ۾ راء قائم نه ڪرڻ گهرجي.…………… ورتل
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    بيشڪ ڪڏهن به ڪنهن کي ڏسي جلدبازي ۾ راء قائم نه ڪرڻ گهرجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو