• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هر شخص ڪهاڻي آ

Shabir Ahmed Qureshi

سينيئر رڪن
24 سالن جو خوبصورت ڇوڪر هلندڙ ٽرين جي دريء مان ٻاهر نهاريندي خوشي مان رڙڪري پيء کي ٻڌايائين “بابا ڏس ته وڻ ڪينئن نه تيزي سان پوئتي پيا ڊوڙندا وڃن.“ ………پيء مسڪرائي ماٺ ڪري ويو. ڀر ۾ ويٺل جوڙي عجيب نظرن سان نوجوان جي ٻاراڻي طرز عمل تي کلڻ لڳا.…… گهڙي کن کان پوء نوجوان جي نظر بادلن تي پئي حيرت مان وري رڙ ڪيائين .بابا بابا ڏس ته ڪڪر به اسان سان گڏپيا ڊوڙن.!!!!!! هاڻي ته جوڙي کي پڪ ٿي ته هي ڇوڪر ذهني مريض آهي . سو همدردي منجهان سندس پيء کي چوڻ لڳا…………“چاچااوهان هن کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڇو نه ٿا ڏيکاريو“………… پيء مسڪرايو ۽چوڻ لڳو “ اهو ئي ته ڪيو اٿم منهجو پٽ پيدائشي نابين هئو. اڄ ئي سندس جي آپريشن هئي .ڪارنيا لڳايو اٿن .کيس اڄ ئي ته نظر ملي آهي.اڄ ئي ته هو دنيا جون رنگينيون پيو ڏسي.……… سو سائين هر ماڻهو داستان آھي ڪڏهن به ڪنهن کي ڏسي جلدبازي ۾ راء قائم نه ڪرڻ گهرجي.…………… ورتل
 
Back
Top