• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻوليءَ جي سفر جي آکاڻي سنڌي اليگئيج ايڪٽ تائين. تواريخي اڀياس ۽ تحقيق کان پوءِ ڇا ٿي ٻُڌائي.

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ پيري مُريديءَ جو ڪلچر (صوفي ازم) جي صورت ۾ (ايران ۽ بغداد مان) هجرت ڪري پُهتو هوِ جيڪو (بغداد جي چوٿين خليفي معتسم بالله ) کان شروع ٿي (ميرن، سومرن ) جي وچ دئور ۾ تيزيءَ سان پروان چڙهيو ۽ آخري مُهر ايران مان سنڌ ۾ ڪاه ڪندڙ (نادرشاه ۽ حسن ابدالي) جي دئورن ۾ ٿي. شاه لفظ به هزارين وره پُراڻون آهي ۽ هي اُن وقت جي ياد ڏياري ٿو جڏنهن ايران جا ماڻهون جهنگلي جانور ماري، اُنهن جا سڱ، مٿي تي چنبڙائي ڇڏيندا هُئا ۽ اُهي سڱ، بهادري ۽ سرداريءَ جي نشاني سمجهيا ويندا هُئا. جڏنهن ڪنهنجي مٿي تي (سڱ يا شاخ) ڏسندا هُئا ته اُن کي سردار سمجهندي (شاخ) چوندا هُئا ۽ اهوئي (شاخ) لفظ هوريان هوريان بدلجي (شاه) ٿي پيو ۽ نادرشاه تڏنهن سردار طور سڏبو هو.

اُستاد لفظ به زرتش (فارس) جي لکتن تحت (اوستا) مان نڪتل آهي ۽ اوستا جي ماهرن کي اُستاد چئبو هو. ڪتاب اوستا جيڪو اسان تائين پُهتو آهي سو (سخامنشين) جي زماني جو ناهي جو ايراني مذهبي ڪتابن جي قول موجب اُهي مذهبي ڪتاب (سڪندر جي حملي ۾) تباه ٿي ويا هُئا. سلوڪين جي عهد کان پوءِ (ٻه اشڪائين جي 22 بادشاه) بلاش (51ع کان 77ع) اوستا کي مرتب ڪيو ۽ ٻي تاليف (اُرد شير بابڪان) جي دئور 226ع کان 241ع) ڌاري مڪمل ٿي. هخامينشن جي مذهبي زبان (اوستا) هُئي، ساسانين جي دئور ۾ جڏنهن (مخا منشي) اوستا جو (پهلي زبان ۾) ترجمون يو ته اُن کي (زند) سڏيو ويو. ساساني پهلوي جيڪڏنهن عربي خط ۾ لکي وڃي ۽ ان ۾ (هزوارش) بجاءِ عربي لفظ هُجن ته ان زبان کي (پارسي زبان) چئبو آهي. ساساني دئور ۾ مُلڪ جو مذهب (زرتشي) هو. (زرتشت ستين) 6 صدي قبل مسيح جي وڌ ڌاري (آذربائيجان صوبي) جي هڪ شهر (اُروما) ۾ پئدا ٿيو هو. زرتشت جڏنهن 22 ورهين جو ٿيو ته کيس احسا ٿيو ته کيس پيغمبر ڪري موڪليو ويو آهي تنهنڪري هُن پنهنجي نئين مذهب جي تبليغ شروع ڪري ڏني.هن (گشتا سپ) ک پنهنجو مُعتقد بڻايو جيڪو (داريوش ڪبير) جو پُٽ هو ۽ ايران جي اوڀارين صوبن جو گورنت جنرل هو. (گاٿا) جيڪو (هخامنشي) دئور ۾ پڙهيو ويندو هو سو (زرتشت) جو لکيل هو. زتشت جو مقصد هو ته دين ۾ اڳوڻي پاڪيزگي پئدا ڪري. هن جو دين و نئون ڪونه هوپراهوئي پُرانو دين هو جنهن ۾ بقول زرتشت جي پراڻي مذهب ۾ جيڪي بُرايون ۽ خاميون هُيون، ڪري پيش ڪرڻون هو. قديم زماني کان سنڌ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ رهي پوءِ حملي آورن جي يلغارن جي ڪري پنهنجي اصلي حيئيت وڃائي ويٺي ۽ ڪاه ڪندڙن جي ثقافت ۽ مذهب جي ڄار ۾ ڦاسندي وئي.

16 صديءَ قبل مسيح جي پوين ڏينهن ۾ واديءَ سنڌ جي تهذيب وڏي اوج تي پُهچي چُڪي هُئي، ڪوٽ ڏيجي، هڙپه، موئن جو دڙو، آمري، ٽيڪسلا ۽ ٻيا ڪيترائي وسندڙ ۽ وڏا شهر (واديءَ مهراڻ) ۾ موجود هُئا. جنهن ۾ درٻارون ۽ رهاڻيون، پوڄائون ۽ ڀڳتون، گائڪ ۽ نائڪ، سگهڙ ۽ سٻوجه، رس ۽ رنگ ، سڀ ڪُجه موجود هُئا مطلب ته ماڻهنجي مذهبي ۽ تهذيبي، سياسي ۽ سماجي توڙي ثقافتي ۽ ادبي زندگي، اُنهيءَ زماني ۾ به اعليٰ درجي تي پُهتل هُئي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين شيخ شهاب الدين ، سهروردي سلسلي جا بزرگ آهن انهن سان گڏ ٻين مشائخن جو زڪر ڪيو اٿو سي به سهروردي سلسلي جا بزرگ آهن جيڪي بغداد سان وابسطه رهيا. اهي بزرگ قرامطي (اسماعلي) ناهن. اسماعلي بزرگ ان وقت ۾ فاطمي حڪومت هيٺ رهيا جيڪي ايران کان لسٻيلو ۽ پو ملتان،بکر ۽ سيوهڻ ايندا هئا جنهن جو واضع مثال سائين لعل شهباز قلندر (محمد عثمان مروندي) بزرگ آهن جيڪي قرامطي (اسماعلي) بزرگ آهن. توهان کي ياد هوندو ته ان مهل بغداد جا عباسي خليفه ۽ مصر جا فاطمي ڌار ڌار حڪومت هلائي رهيا هئا. سندس عقيده الڳ الڳ هئا.

آ ان ڳالھ ۾ توهان سان متفق آهيان ته صوفي ازم ايران جو اثر سنڌ تي پوندو رهيو پر اها به حقيقت آهي صوفي ازم سنڌ ۾ الڳ رنگ ۾ رهيو آهي ۽ ايران جي صوفي ازم کان اڳ ئي موجود رهيو آهي. باقي ايران جي جامي ۽ رومي جو وڏواثر اسانجي بزرگن ورتو آهي. ان ۾ شڪ ناهي.

رهي ڳالھ پيري مريدي جي جيڪا سنڌ ۾ رائج آهي سي صوفي ازم ۾ ائين آهن جيئن اسلام ۾ طالبان آهن جي نت صوفي ازم ئي آهي جنهن سنڌ ۾ هر ظالم خلاف جنگ جوٽي آهي. ان جا اڻ ڳڻيا مثال آهن.
 
سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ جا ماڻهون پنهنجي ٻولي (ديوناگري، سنسڪرت يا هندو سنڌي اکرن ۾ لکندا هُئا. يعني سنڌي نثر عرب کان اڳ به موجود هو. هندو راجائن جي وقت ۾ (سنسڪرت ۽ پراڪت ۾) لکيل، سنڌ ۾ قديم ادب صديون آڳاٽو هوندو هو. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته عربن جي آمد وقت (چچ نامي ۾) بيان ڪيل (راجا ڏاهر جا خط) به ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ نثر لکڻ جو رواج هو ۽ عرب تواريخدان ۽ سياح به ڄاڻائين ٿا ته عرب گورنرن جي اڄ ۾ سنڌ مُلڪ ۾ توڙي سرڪاري لک پڙه عربيءَ ۾ ٿيندي هُئي پر سنڌي نثر به موجود هو. جيڪو يقين مختلف لپين(اسڪرپٽس) ۾ لکيو ويندو هو پر افسوس جو هو نثر ماضيءَ ۾ ئي دفن ٿي ويو ۽ هاڻ ان جو ثبوت ناهي بچيو.
منصوره جي حاڪم (عبدالله بن هباري) جي زماني ۾ هڪ عالم، (اُتر سنڌ جي) هڪ هندو راجا جي چوڻ تي (قرآن شريف جو سنڌي ترجمون) انهيءِ اسڪرپٽ جي سنڌي زبان ۾ ڪيو هو. سومرن جي دئور ۾ سنڌي ادب جي تواريخ جو اثر عرب بجاءِ (ايران ۽ بغداد) ۽ اُتان جو هجرت ڪري سنڌ ۾ آيل (صوفي ازم) هو جنهن سنڌ ۾ اچي ڪلاسڪي ادب جو بُنياد وڌو هو ۽ سسئي پُنهون، عمر ماروي، مومل راڻو، ليلان چُنيسر، سُهڻين ميهار ۽ سيف الملوڪ جهڙا قصا به هن سومرن جي دئور سان تعلق رکن ٿا. اهي قصا زباني روايتن جي ذريعي مشهور ۽ محفوط ٿيا.
اسان جي لوڪ ادب وارو فڪري سرمايو (ڀانن، ڀٽن، چارڻن، مڱڻهارن ۽ ڳالهيرن) جي ذريعي محفوظ ٿيندو پئي آيو جنهنکي بل آخر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1975 ۽ 58ع ۾ سڄي سنڌ مان سيڙهي لکت ۾ محفوظ ڪري ورتو.
اڄ ڪله جيڪو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو (عربي ، سنڌي) اسڪرپٽ جي پکيڙ ٿيل آهي اُها هيٺ ڏنل مختلف دئورن جو ئي تسلسل آهي جنهن جي اڀياس، وقت جي تواريخ جا مختلف ورق ڦهلوئڻ ۽ جانچڻ (تحقيق) کان پوءِ خبر پوي ٿي.
1. سومرن جو دئو (1010ع کان 1350ع) تائين.
2. سمن جو دئور (1351ع کان 1520ع) تائين. نوٽ : هي سما ۽ سومرن جو گڏيل حڪومتي دئور هو.
3. ڪلهوڙن جو دئور (1718ع کان 1782ع) تائين.
4. ٽالپرن جو دئور (1782ع کان 1854ع) تائين.
5 انگريزن جو دئور (1854ع کان 1947ع) تائين.
6. پاڪستان ٺهڻ (1947ع کان هيل 2016ع) تائين.
سن 1853ع ڌاري (سر بارٽل فريئر) سنڌ جي ٻئي ڪمشنر، (فارسيءَ) جي بجاءِ (سنڌي زبان) سرڪاري دفترن ۾ لازم ڪئي هُئي ۽ ان سان گڏ مٿين ترتيب جي حرفن ۽ نقطن ۽ نشستن جي لحاظ کان اهائي صورتختي به تيار ڪئي هُئي. سن 1853ع ۾ سنڌي صورتختيءَ جي مقرر ٿڻ کان 1875ع تائين 22 سالن جي عرصي ۾ ڪُل66 ڪتاب (سنڌي ٻوليءَ جي نثر ۽ نظم ۾) شايع ٿيا هُئا. سنڌي ٻوليءَ جي اها خاصيت آهي ته ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾، سنڌي ٻولي به عربي ٻوليءَ جيان، هر لفظ کي (زير، زبر ۽ پيش) ڏئي چٽو ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ڦيرو کائيندا آهن ۽ اُنهن جي صورت به تبديل ٿي ويندي آهي.
جيئن ته فطري ۽ غير فطري طور تي دُنيا جي هر ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جا اثربه پوندا آهن ته سنڌي ٻوليءَ تي به هن وقت بارڊرن سان لاڳاپيل ٻين ٻولين جا فطري ۽ غير فطري اثر پيا آهن جهڙوڪ : سرحدي علائقن تي ڳالهائجندڙ ۽ وڏن شهرن ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين جا اثر. بلوچستان جي سرحد تي بلوچي ۽ براهوي، پنجاب جي سرحدن تي پنجابي ۽ سرائڪي، ڪراچي ۽ حيدڙآباد جي سرحدن تي اڙدو ٻوليءَ جو به فطري ۽ غير فطري اثر پوندو اچي.
سنڌي ٻوليءَ جي هزار سالن جي سفر کان اسان سڀ واقف آهيون ته ان سفر دئوران سنڌي ٻوليءَ ڪهڙا سُک ۽ ڏُک ڏٺا ۽ سهٺا آهن ۽ ان جو اولڙو اڄ به چٽو نظر ايندو آهي. ٻولين جا اهي هڪ ٻئي تي اثر ٻولين کي شاهوڪار به بڻائيندا آهن ته بگاڙ جو سبب به بڻائيندا آهن. اڄ ڪله جي مڙني ئي (سنڌي اخبارن) ۽ (سنڌي ٽيليويزن چئنلن) جي ڊرامن ۽ گانن جي ليکڪن ، ۽ شاعرن ، تصرا نگارن به (سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ۾) ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. ۽ ڪمرشلائيز ٿيڻ جي لالچ ۾ وساري ويهن ٿا ته اخبارون ۽ ٽي وي چئنل، ٻوليءَ جي باري ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندا آهن. ابتدائي دئور جي سنڌي اخبارن ،ريڊيو ۽ پي.ٽي.وي جي ليکڪن تي نظر وجهبي ته اُنهن پنهنجي فرض ۽ جديد اصولن ۽ قدرن جي آبياري ڪئي هُئي ۽ هڪ سماجي فرض سمجهي سنڌي ادب ۽ نثر ٿي لکيائون ۽ ادا ڪيائون.
اسان وٽ سرڪاري طور تي ثقافتي کاتو، اڪيڊمي ادبيات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگئيج اارٽيءَ ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا ئي سماج ۽ ٻولي سُڌار ادارا آهن جيڪي اهڙن اخبارن ۽ ٽيليوزنن جي ليکڪن کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ (سرڪاري طور تي سينسر شپ) لڳائي ٻولي ۽ سماج بچاءُ ڪري سگهڻ جا اختيار رکن ٿا پر هو به اهو اهم ڪم انجام ڏيڻ وساري ويٺا آهن. ان جو اهم ڪارڻ اهو آهي ته سنڌي ادب ۾ اهم شعبي (تنقيد نگاري) جي ليلڪن جي کوٽ آهي ۽ ڪنهن ليکڪ جا ذاتي دوست، اُنهن جي لکتن جي واه واه ۾ کيس زمينکان کڻي آسمان تي پُهچائيندا آهن ۽ تنقيد نگارن جي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ آهي ته کيس پنهنجي نفتن جو مرڪز بڻائي ويهندا آهن. تڏنهن چئجي ٿو ته ادب جو هي دئور مفاد پرست جو دئور آهي جيڪو گهڻي پبلسٽي ڪرائي غير معياري ادب ۽ نثر ڏئي، سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌ جي اصلي تواريخ کي به نقصان پيو رسائي ۽ سماج ۾ بگاڙ پيو آني. ان کان علاوه، سرڪاري ۽خانگي طور تي به ميرٽ ليکڪ ۽ شاعر يا فنڪار بجاءِ، نالي چڙهيا ئي ۽ ڳوٺائي يا ذات ڀائي، ئي هر وقت ايوارڊن جا مستحق ڳڻجن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ تي اڃان به تفصيلي تحقيق نٿي ڪرائي وڃي، سنڌ جي ادبي تواريخ به اڃان تائين مڪمل طور تي ناهي کي وئي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سکيا لاءِ ٽريننگ سينٽرس ئي ناهن ماسواءِ نالي چڙهيلن جي ڪانفرنس جي (نسشستن برخواستن) واري عمل جي. نون سنڌي لکندڙن جي مڪملڊائريڪٽري به ٺهيل ڪونهين جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي زبان جي بقاءَ جو هڪ موئثر طريقو هي آهي ته سنڌين ۾ (قوت فڪر) پئدا ٿئي. ون يونٽ کان هڪ سال پوءِ ڪراچي يونيورسٽين مان سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو ويو ۽ ساٿ ڏيندڙن ۽ احتجاج ۽ فڪر نه ڪندڙن جو گهڻو حصو هو، جيڪي (مارشلائي ۽ آمر جي ساٿين) تي پنهنجي مُفادن لاءِ پوئين دروازن مان اندر داخل ٿيندا هُئا ۽ سنڌ ۽ ان جي ٻوليءَ ، سماج ۽ جي ماڻهن جي حفاظت به ڪرائي سگهيا. ويتر ڪوششون ڪندڙن جو ڄنگهون ڇڪڻ ۾ لڳا رهيا.
جيئن ته سنڌ جي سرزمين اهڙن مشڪلاتن کان پوءِ به (علم، ادب جي درس ۽ تدريس) جو مرڪز رهي هُئي ۽ عربي دئور حڪومت ۾ ڪيترا ئي (عالم، فاضل، مئورخ، محدث، اديب ۽ شاعر) پئدا ٿيا هُئا.
ناصرالدين قباچه جي دئور حڪومت ۾، انهي فرقي (اسماعيلي) ۽ اسلام جي مبلغن، ٻُڌمت جي پرچار وانگر، سنڌ جي نو مسلمن کي به پنهنجي فرقائي اسلام جا اصول سندن (مقامي زبانن ۽ لهجن ۾ سمجهايا) جنهن ۾ اسماعلي فرقي جي دائين گهڻو ڪم ڪيو هو. جنهن کي هنن گنان جو نالو ڏنو جنهن ۾ (پير شمس ملتاني، پير شهاب الدين، پير ڪبيرالدين ۽ پير امام شاه (بهاولپوري، مُلتاني، ڪچي، اڙي، گجراتي، هند) زبانن۾ (گنان) چيا. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪانگل ۽ هنج جون علامتون (بابا فريد) جي شاعريءَ ۽ دوهن مان آيون ۽ پوءِ (سنڌي ٻوليءَ) ۾ سون جي تعداد ۾ (سرائڪي ٻولي) جون چوڻيون ۽ پهاڪا داخل ٿي اڄ جي سنڌي ٻوليءَ جو حصو بڻجندا ويا.
اهڙيءَ طرح ق.م کان 7000 سال واري (قديم سنڌي ٻولي) پنهنجي (مختلف اسڪرپٽن يعني رسم الخط) جي تبديليءَ سان مذهبي (سُر، ساز ۽ سنگيت) واري ٻُڌ مت پُهتي هُئي ۽ پوءِ محمد بن قاسم جي دئور تائين (856ع) عربيءَ مان (توحيدي دين اسلام) کي اڪرئيندي، (سنڌي ٻولي) بترتيب اڳتي هلي مُجهندي ۽ سُڪڙجندي، (زرتشت فارس (ايران) ۽ بغداد جي صوفي ازم جي ويڙهي ۾ وڌندي وئي ۽ دوهن، ڪلام کي (سُر ساز، سنگيت ۽ سنگت) سان سفر ڪندي ، وري ٻُڌمت مذهب جي سُر، ساز، سنگيت ۽ سنگت) ۾ واپس اچي(سرائڪي، پنجابي، هندڪو، ڪشميري) حدون ڪراس ڪري، لشڪري يعني (اڙدو ٻولي) بڻجي وئي. پنهنجي (ٺٽي ۽ ديبل جي سفر کان حيدرآباد، اروڙ) خير آباد چئي، (مُلتان، بهاولپور، پنجاب کان هندستان ) ۽ سفر ڪري وئي ته ٻي طرف (بلوچستان، سرحد، ڊيره غازي خان، هندڪو، ڪشمير کان تبت ۽ چين تائين وڃي پُهتي. قديم کان جديد سنڌي ٻوليءَ جي ان سف جي تواريخ، اسانکي مختلف قومن، تهذيبن ۽ ثقافتن جو گهوارو رکندڙ گهڻن ئي هزار صدين ۾ پنهنجي ارتقائي منزل کي پار ڪري هيستائين پنهنجو وجود گليندي آئي آهي. جنهجي تواريخ اسانکي موئن جي دڙي ۽ هڙپا کان ملندي آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ جي اظهار جا وسيلا (هٿن جا اشارا، تصويرون، نشان ۽ تحريرون) آهن. ته غابت ٿو ته سنڌي زبان، هن سرزمين سنڌ تي ئي ڄائي، نپني، وڏي ٿي، وڌي ۽ ويجهي آهي، اها نه (سنسڪرت) مان ڄائي آهي ۽ نه ئي (وارچڊا اپڀرنش) مان نڪتي آهي.جنهنجي لکت جا آثار ۽ علامتون ، مُهن جي دڙي جي مُهرن تي موجود آهن. هن دئور جي سنڌي ٻولي (عربن، سومرن، سمن ۽ مغلن) جي دئور کان موجود آهي ۽ ڀارت جي به 1965ع واري آئين جي 8 شيڊول موجب ٻين ڪيترين ٻولين سان گڏ اه قومي ٻولي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن جي دئور(1843 ۾) هن زبان جي هڪ لپيءَ (آئيوٽا) ۽ صوتختيءَ طرف خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ 1853ع ۾ (سر بئرو ايڇ ايلس) جي اڳواڻيءَ ۾، سنڌي عالمن هن زبان جي هاڻوڪي (آئيوٽا) کي آخري شڪل ۽ ترتيب ڏني ۽ وچولي سنڌ (سينٽرل سنڌ) يعني حيدرآباد ڊويزن جي سنڌي لهجي (ڊايا ليڪٽ) کي سنڌي زبان جو (معياري لهجو) ۽ (اسٽينڊرڊ زبان) جو درجو ڏنو.
 
Back
Top